اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

سنڌ ۾ گئس جي کوٽ،ڪارخانن ۾ وڏا ڪمپريسر لڳائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد :سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سنڌ ۾ گئس پريشر جي گهٽتائي جو سبب ڪارخانن ۾ وڏا ڪمپريسر لڳائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. خميس تي سينيٽر عبدالقادر جي صدارت ۾ پيٽروليم بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سوئي سدرن ڪراچي سميت سنڌ ۾ گئس فراهم نه ٿيڻ جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو. سوئي سدرن عملدارن سنڌ ۾ گئس گهٽتائي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ته ڪمپني کي گئس جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پيو ته ڪارخانن کي به گئس نه ملي رهي هئي. گئس جي گهٽتائي سبب ڪارخانن ڪمپريسر استعمال ڪيا. عملدارن ٻڌايو ته ڪمپريسر جي استعمال جي ڪري ٻين واهپيدارن لاءِ پريشر تمام گهٽ ٿيو. ڪمپني کي پتو پيو ته ڪارروائي ڪئي ۽ 278 جي لڳ ڀڳ ڪنيڪشن ختم ڪري ڇڏيا. ايس ايس جي سي عملدارن چيو ته جنوري 2022 ۾ 179 غيرقانوني بوسٽر هئا. فيبروري 2022 ۾ 99 غيرقانوني بوسٽرز لڳايا ويا هئا، گئس پريشر ۾ گهٽتائي جي حوالي سان مختلف قدم کنيا ويا. سياري ۾ سوئي سدرن کي 300 ايم ايم سي ايف ڊي کان وڌيڪ شارٽ فال کي منهن ڏيڻو هوندو آهي. عملدارن چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گئس پريشر کي مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. گذريل سال جنوري ۾ ڪراچي ۾ 278 ڪيپٽو پاور وڏا ڪمپريسر لڳايا، ڪمپريسر سبب اٽڪل 304 ايم ايم سي ايف ڊي گئس پريشر گهٽ ٿيو. سينيٽر فدا محمد چيو ته ملڪ ۾هڪ ڏينهن ۾ 35 رپيا لٽر پيٽرول وڌايو وڃي ٿو، هڪ سال ٿي ويو، گئس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي نه ٿي. سوئي سدرن عملدارن چيو ته بلوچستان سياري ۾ 75 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏئي رهيو آهي. حب کي 25 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏني وڃي ٿي. بلوچستان ۾ 52 ايم ايم سي ايف ڊي گئس چوري ٿي رهي آهي. بلوچستان ۾ گئس جو بل رڳو 10 سيڪڙو ادا ٿئي ٿو، هي وڏو معاملو آهي. اجلاس دوران پي ايس او عملدارن ٻڌايو ته پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن سان گڏ ڪچو تيل گهرائڻ جو معاهدو 2015 ۾ ختم ٿيو، ان وقت پيٽرول جو وڏو بحران آيو جنهن کان پوءِ معاهدو ختم ڪيو ويو. ان وقت ملڪ ۾ پيٽرول بحران کان پوءِ پي ايس او جي ڪافي آفيسرن تي نيب ڪيس ٺهيا. اوگرا چيئرمين چيو ته ملڪ مان ڪارگوز جي ڀاڙن جي مد ۾ 8 ارب ڊالر هليا ويا. جڏهن پيٽرول ڊيزل جي قيمت طئي ٿئي ٿي ته هي چارجز عوام تي منتقل ٿين ٿا. پي اين ايس سي عملدارن چيو ته جيڪڏهن اسان ڪچي تيل جا جهاز آڻينداسين ته پورٽ چارجز گهٽ ٿيندا. جيڪڏهن ٻين ڪمپنين جو جهاز پورٽ تي 10 ڏينهن بيهي ٿو ته 10 لک ڊالر اضافي چارجز ڏيڻا پون ٿا. ڪميٽي چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ ڊالر ٻاهر وڃڻ کان روڪڻو آهي ته پي اين ايس سي کي بزنس ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button