اسلام آبادپاڪستان

عمران جي مبينا ڌيءَ ٽيريان ڪيس جي شنوائي، لارجر بئنچ جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي مبينا ڌيءَ ٽيريان جيڊ ڪيس جي شنوائي لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مبينا ڌيءَ ٽيريان کي ظاهر نه ڪرڻ تي عمران خان جي نااهلي جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق شنوائي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عمران خان جو اعتراض آهي ته هو هاڻ عوامي عهدو رکندڙ ناهي، اليڪشن ڪميشن کان پڪ وٺڻي آهي ته موجوده پوزيشن ڇا آهي. اليڪشن ڪميشن کان ڊي نوٽيفاءِ ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن گهرائي ٿا وٺون. چيف جسٽس چيو ته درخواستگذار عمران خان جي 2018 واري حلفي بيان کي للڪاريو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽيريان جيڊ جي ڪيس جي شنوائي لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن عمران خان ان ڪيس ۾ لکت جواب جمع ڪرائيندي چيو هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهو ڪيس ٻڌڻ جي مجاز ئي ناهي، ڇو ته جيڪو جج اڳ اهو ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري چڪو آهي، اهو ٻيهر ڪيئن ٿو ٻڌي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button