اسلام آبادپاڪستان

شيخ رشيد پنڊي موٽروي تان گرفتار،ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد :عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي پنڊي پوليس موٽر وي تان گرفتار ڪري اسلام آباد جي آبپارا ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس طرفان شيخ رشيد کي اسلام آباد جي آبپارا ٿاڻي کان ميڊيڪل لاءِ پولي ڪلينڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد خلاف آبپارا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي. آيف آءِ آر موجب شيخ رشيد الزام لڳايو آهي ته آصف زرداري عمران خان کي مارائڻ لاءِ دهشتگردن جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، جنهن جو مقصد آصف زرداري کي بدنام ڪرڻ آهي. ذريعن موجب شيخ رشيد خلاف آبپارا ٿاڻي ۾ پ پ راولپنڊي جي ڊويزن صدر راجا عنايت الرحمان جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد نشي جي حالت ۾ هو، هن وٽان مهانگي برانڊ جو شراب هٿ آيو آهي. پوليس موجب شيخ رشيد جي قبضي مان ايم 4 رائفل، ڪلاشنڪوف ۽ آٽوميٽڪ گن پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن شيخ رشيد کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش واري ڪيس ۾ گرفتار شيخ رشيد کي ڪالهه اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ عمر شبير ڪيس جي شنوائي ڪئي، عدالت جي ڪمري ۾ موجود جاچ آفيسر طرفان عدالت ۾ ڪيس جو رڪارڊ جمع ڪرايو. جڏهن ته پوليس شيخ رشيد جي اٺن ڏينهن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي. ان موقعي تي شيخ رشيد عدالت کان گذارش ڪئي ته منهنجون هٿڪڙيون کوليون وڃن، مان پاڻ وڪيل آهيان، شيخ رشيد جي شڪايت تي جج پوليس کي هتڪڙيون کولڻ جي هدايت ڪئي. ان دوران پوليس طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته شيخ رشيد کي جنهن حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ان حوالي سان وڌيڪ وضاحت ڏيڻ جاچ واري عمل کي متاثر ڪندو، عدالتن اندر ۽ ٻاهر ضابطن جو قانون پٽاندڙ مظاهرو ڪيو وڃي، اسلام آباد پوليس ناڪاري پروپيگنڊا جي ڀرپور مذمت ڪري ٿي، شيخ رشيد يا ڪنهن ملازم سان ڪنهن قسم جو اڻوڻندڙ ورتاءُ ناهي ڪيو ويو. پوليس چيو ته شيخ رشيد پوليس آفيسرن سان بدسلوڪي ۽ اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي، نه شيشا ٽوڙيا ويا ۽ نه ئي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، ڇاپي دوران شيخ رشيد جي گهر تي ڪو ٻار موجود نه هو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شيخ رشيد کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف شيخ رشيد چيو آهي ته جنهن به کيس گرفتار ڪيو ان جي حڪومت ختم ٿي وئي. پوليس ڪلينڪ ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شيخ رشيد چيو ته سڄي رات جو اوجاڳو آهي، منهنجو گهڙيون ۽ پئسا ورتا ويا آهن، ملازمن کي مارڪٽ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڀٽي جي حڪومت هجي يا نواز شريف جي جنهن مون کي گرفتار ڪيو اِها ختم ٿي وئي. اسان امپورٽڊ ختم ڪري ڏيکارينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پندرنهن فيبروريءَ کانپوءِ نقشو تبديل ٿي ويندو، قوم عمران خان سان گڏ آهي، سڀ ٻڌي وٺن هي نواز شريف جو سياسي موت آهي، شهباز شريف سان ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button