رانديون

چندرپال جي ڊبل سينچري، ويسٽ انڊيز 447 رنسن تي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم برسات سبب متاثر پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ زمبابوي خلاف 447 رنسن تي پنهنجي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس 6 رانديگر آئوٽ ٿيا هئا. ميڊيا مطابق زمبابوي خلاف ٽيسٽ جي 3 ڏينهن ويسٽ انڊيز جي اوپنرن ٽيگنارائين چندرپال ۽ ڪريگ براٿويٽ زمبابوي جي بالرن کي دل کولي ڪٽيو، جنهن ۾ ڪريگ براٿويٽ 18 چوڪن جي مدد سان 182 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو آهي. جڏهن تھ ٽيگنارائين چندرپال 3 ڇڪن ۽ 16 چوڪن سان 207 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، ڪائلي مائيرس 20 ۽ جيسن هولڊر 11 رنسون ٺاهي سگهيا، جنهن بعد ويسٽ انڊيز 6 وڪيٽن جي نقصان تي اننگز ڊڪليئر ڪري زمبابوي کي بيٽنگ جو موقعو ڏنو، جنهن جي بيٽنگ جاري آهي. زمبابوي جي بالرن 6 بيٽرن جون وڪيٽون ورتيون هيون، جنهن مان برينڊن مووٽا جيسن هولڊر سميت ويسٽ انڊيز جون 5 وڪيٽون وٺي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button