ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪومت ۽ پي ڊي ايم واري راند جي پڄاڻي!

Editorial-Article-Ali Muhammad

ملڪ جي سياسي دنيا ۾ وڏي پيماني تي اٿل پٿل ٿيندي نظر اچي رهي آهي، هڪ پاسي، حڪمران رانديگرن واري سرڪار آخرڪار پنهنجي پڄاڻي طرف تيزي سان ويندي نظر اچي رهي آهي ته ٻئي پاسي مخالف ڌر جي جماعتن واري اتحاد پي ڊي ايم واري سياسي مهم جوئي پڻ شڪست کائيندي نظر اچي رهي آهي ۽ هاڻي ميدانن ۾ مظاهرن ۽ لانگ مارچ واري سياست بجا سمورين ڌرين پارليامينٽ جي ايوانن ۾ اچڻ ۽ اتي حڪومت کي شڪست ڏيڻ واري سبق ۽ سکيا کي اختيار ڪري ورتو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ پي ڊي ايم صرف ڊرائنگ روم اتحاد ۽ انٽرنيٽ تي سربراهي اجلاسن ۽ گڏجاڻين واري ڪلب واري شڪل ۽ صورت اختيار ڪرڻ لڳي آهي. جڏهن ته مخالف ڌر جي سمورين جماعتن جو عملي اتحاد ۽ سياسي هلچل جو اصل ميدان ۽ مرڪز، سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبن واريون اسيمبليون بنجي رهيون آهن.

هوڏانهن، ملڪ جي حڪومتي ايوانن ۾ هلچل واري صورتحال ان مقام تي وڃي پهتي آهي ته، حڪمران ڌر پارليامينٽ ۾ لڳاتار شڪستن جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ قومي اسيمبلي ۾ معمولي اڪثريت باوجود هاڻي اتي پڻ مختلف آئيني بلن جي منظوري جي معاملي ۾ سرڪار کي حيرت انگيز طور تي نه صرف شڪست ٿي آهي پر ان صورتحال مان نڪرڻ لا پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي گڏيل ايوان جي گذريل ڏينهن سڏايل اجلاس ۾ اتحادين جي شرڪت نه ڪرڻ واري خطري سبب اجلاس ئي اوچتو منسوخ ڪري ڇڏيو. تازي صورتحال مان هاڻي صاف طور تي اهو نظر اچي رهيو آهي ته وزير اعظم عمران خان واري سونامي سرڪار گذريل ساڍن ٽن سالن جي حڪمراني ۾ ملڪ کي جهڙي حالت کي پهچايو آهي ان بعد سندس اتحادين کي پنهنجي تڪن ۽ ووٽرن کي منهن ڏيڻ به ناممڪن بنجي ويو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ مسلم ليگ ق کانپوءِ جي ڊي اي به حڪومت اتحاد کان باغي ٿيڻ لڳي آهي ۽ فنڪشنل ليگ وفاقي حڪومت کان لاتعلقي اختيار ڪري ورتي آهي. اهڙي صورتحال ۾ معمولي عددي اڪثريت جي حمايت به ختم ٿيڻ بعد هاڻي وزير اعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت جي بقا ۽ سندس برقرار رهڻ يا بچي وڃڻ پڻ ناممڪن ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.

ملڪ جي تازي ۽ گرما گرم صورتحال کي ديسي قسم جي لفظن ۾ جيڪڏهن بيان ڪجي ته اهو چئي سگهجي ٿو ته، ملڪ جي اڳوڻي سپراسٽار ڪرڪيٽر ۽ ڪپتان عمران خان جي ريٽائرمنٽ بعد سياست واري دنيا ۾ داخلا ۽ ملڪ واري سونامي جي ڪلهن تي سوار ٿي وزير اعظم بنجي حڪمراني ڪرڻ وارو کيل ۽ تماشو پڻ پنهنجي انجام ۽ پڄاڻي کي پهچڻ وارو آهي. حڪومت واري هاٿي، هاٿين واري راند ۾ پنهنجي ڪنڌ تي سوار کي ڪنڌ ڀر ڪيرائي وڌو آهي ۽ ڪريل سوار جي هن وقت صدمي واري صورتحال آهي ۽ غشي طاري ٿي ويئي آهي. يقينن، ڪرڪيٽ واري راند ۾ اهڙي قسم جي ۽ هيڏي وڏي خواري ته نه هئي. راند کٽڻ سان انعام، تمغا ۽ ٽرافيون کڻي واپسي ٿيندي هئي پر هارائڻ تي به راند جي پگهار ۽ چڱا ڏوڪڙ ۽ روپيا ملي ويندا هئا. پر سياست ۽ حڪمراني ۾ ناڪامي ته ڪنهن وڏي بد دعا وانگر ٿيو وڃي جيڪو اندر ئي وڍيو ڇڏي ۽ دنيا ۾ خواري ۽ خرابي الڳ، وري ملڪ جي ميڊيا، اخبارون، ٽي وي چينل، سوشل ميڊيا ۽ عالمي ميڊيا ۾ بدنامي واري ڌمال ته ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي به لائق نه ٿي رهڻ ڏي.

ٻئي پاسي، مسلم ليگ نواز جي ميان صاحب ۽ جي يو آ جي مولانا صاحب واري سياست ۽ ڪارروائين جي عوام ۾ وڌندڙ غير مقبوليت جهڙي ريت وائکو ٿي آهي ۽ اهي اڳواڻ ملڪ جي سياست ۾ دفاعي پوزيشن اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. ان بعد پي ڊي ايم جو روڊ، رستن، جلسن، مظاهرن ۽ لانگ مارچ وارو ڪم بند ٿيڻ لڳو آهي ۽ مخالف ڌر جي سموري سياست جو مرڪز هن وقت پارليامينٽ بنجي رهي آهي، جنهن ۾ مسلم ليگ جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف، پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف زرداري، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني ۽ عوامي نيشنل پارٽي جا اسيمبلي ميمبر شامل آهن پر انهن پارلياماني ايوانن ۾ ميان صاحب، مريم شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جو ڪوبه عمل دخل ۽ داخلا ئي ناهي. يقينن، ملڪ ۾ ٿيندڙ سياست جا معجزا ۽ قسمت جي ستارن جي چال به عجيب ٿي وئي آهي ته، پي ڊي ايم تي قبضا ڪندڙ سياسي فنڪار هن وقت پنهنجي بازي هارائي چڪا آهن ۽ سياست جو اصل ميدان اسيمبلين جي ايوانن ۾ منتقل ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ ٿيندڙ وڏي پيماني واري سياسي اٿل پٿل واري عمل ۾ يقينن، تازو هي نظارا پڻ ڏسڻ جا موقعا مليا ته، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري پنهنجي جماعت جي اڳواڻي وزير اعظم ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سخت موقف رکندڙ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا سميت پي ڊي ايم ۽ جي يو آ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس گهر وڃي سندس طبيعت بابت پڇاڻو ڪيو ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان بعد ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ احتساب جي حوالي سان قانونن تي پارليامينٽ ۾ گڏيل لائحه عمل وڌيڪ ڪاميابين جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پارليامينٽ جي ذريعي ئي حڪومت کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو. ملڪ جي سياسي شخصيتن ۽ اڳواڻن جي هن ملاقات ۽ خيالن جي اظهار کي ڀلي هڪ خير سگالي واري گڏجاڻي ۽ عيادت واري ملاقات ئي کڻي چئجي پر ان گڏجاڻي جو جيڪو نتيجو ۽ پيغام منظر عام تي آيو، اهو ته “ملڪ ۾ سياست جو ميدان ۽ مرڪز پارليامينٽ جا ايوان ئي آهن ۽ مخالف ڌر جون سموريون جماعتون پارليامينٽ ۾ نئون پارلياماني اتحاد قائم ڪري چڪيون آهن جنهن ۾ مسلم ليگ ن پنهنجي صدر ميان شهباز شريف جي ئي اڳواڻي ۾ شامل ٿي وئي آهي ۽ ان اتحاد ۾ شامل ٻين جماعتن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، جي يو آ جي پارلياماني پارٽي، بي اين پي مينگل، نيشنل پارٽي وغيره شامل ٿي ويون آهن. هاڻي مخالف ڌر جي جماعتن جي نئين اتحاد جي تنظيم سازي وارو مرحلو پڻ بلاول ڀٽو زرداري جي گذريل ڏينهن مخالف ڌر جي جماعتن کي ڏنل دعوت ۾ طي ڪيو ويو ۽ اهو عمل پڻ شروع ٿي چڪو آهي. بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان جي ان ملاقات جي معنيٰ اها پڻ ٿي سگهي ٿي ته، پي ڊي ايم وارو بتخانو هاڻي عجائب گهر جي زينت بڻجندو پيو وڃي ۽ سياست وارو ايوان پارليامينٽ هائوس ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button