
سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته چوٿين درجي کان لطيف کي پڙهندو آيو آهيان، لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻو آهي، سماج ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، تعليم اهم چئلينج آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه تعليم کاتي حيدرآباد طرفان سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪيل لطيف شناسائي جي تقريب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته اسان کي اهو نصاب پڙهايو پيو وڃي، جيڪو جديد دور جي حالتن موجب ناهي، هن دور ۾ به ريڊيو جو سبق پڙهايو پيو وڃي. هن چيو ته ثقافت کاتي جي وزير طور 5 سال مڪمل ٿي ويا آهن، پنهنجي ادارن جي حالت ڏٺي آهي، جيڪا تمام گهڻي خراب آهي، اسڪولن جا دورا نٿو ڪري سگهان، ڪهڙي منهن سان اسڪولن ۾ وڃان، جتي ٻار زمين تي ويٺل هجن،