سنڌ

سنڌ ۾ سرداري نظام ناسور آهي:صنعان قريشي

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطھر سومرو سان گڏ ڌاٻيجي ڀرسان ڳوٺ سالار جوکيو پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيندي جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته سنڌي ماڻھن کي ھاڻي سجاڳ ٿيڻ گھرجي. شهيد ناظم جوکيو جا قاتل قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا. سنڌ کي شڪارگاهه نه بڻايو وڃي. پکين ۽ جانورن جي شڪار تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي. ھن چيو تہ سنڌ ۾ سرداري نظام ناسور آھي. وڏيرا شاهي مظلوم ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. شهيد ناظم جو بي رحماڻو قتل قابل مذمت آھي. چونڊيل نمائندن کي انڪري سنڌي ماڻھو چونڊي اسمبيلي تائين ناهن پهچائيندا ته اهي معصوم ڌرتي ڌڻين جي معصوم ٻارن جو قتل عام ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button