پاڪستانسنڌ

چوهڙ جمالي ۾ ڀارتي جيلن ۾ قيد ماهيگيرن جي آزادي لا ريلي

چوھڙ جمالي ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران انڊيا قيد سجاول ضلعي جي 26 ماهيگيرن جي وارثن سان گڏ ستاواهه کان مدني چوڪ تائين ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اڳواڻ نور محمد ٿهيمور، عادل لغاري، خادم ونگائي، ابراهيم ٿهيم ۽ پ پ شھيد ڀٽو جي سيد گل حسن شاهه ۽ ٻين چيو ته اسان جا پيارا ڪيترن ئي سالن کان ڀارت جي جيلن ۾ بيگناهه قيد ڪاٽي رهيا آهن، جن کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن. هنن چيو ڀارتي جيل ۾ قيد ماهيگيرن جا وارث بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته حڪومت قيد ماهيگيرن جي ته سار نه لڌي آهي پر ڀارت جي جيلن ۾ قيد سجاول جي 26 ماهيگيرن کي آزاد ته ڪرائي. هنن چيو ته سمنڊ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي حدن جي ڪا خبر نٿي پوي، جنهن ڪري ماهيگير حدون ڪراس ڪريو وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button