سنڌ

شوڪت شورو کي سنڌي ٻولي لاءِ ڪيل ڪم تاريخ ۾ زندهه رکندو:احمد سولنگي

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي چيو آهي ته ڪم کي ڪا فوتگي ناھي، شوڪت حسين شوري جو سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل ڪم ھن کي تاريخ ۾ زندهه رکندو. ھن پنھنجي احساساتي ڪھاڻي جوڙي. هن اھڙن خيالن جو اظهار ساس حيدرآباد پاران شوڪت حسين شوري بابت ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته شوڪت حسين شوري جي ڪهاڻي جو سنڌي ادب ۾ الڳ مقام آهي. مهمان خاص ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته شوڪت حسين پنھنجي لحاظ کان صاف سٿرو انسان ھو. شوڪت حسين سنڌي ادب ۾ رھندو، اسان جي دلين ۾ رھندو. ھن چونڊ موضوعن تي افسانا لکيا. تاج جويو چيو ته شوڪت حسين شوري جو ھمعصرن ۾ منفرد مقام آهي. ھو انڊلٺ پرچي جو ايڊيٽر رھيو. شوڪت حسين جي ڪليات ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران ڇپجڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button