
سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر خان مهر ۾ ڪراچي ۾ ملاقات ٿي آهي، حليم عادل شيخ جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاران سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته علي گوهر خان مهر سنڌ اندر تبديلي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.