ون يونٽ جي ختم ٿيڻ کانپو سنڌ ۾ جيڪي ادارا قائم ڪيا ويا انهن ۾ بيورو آف اسٽيسٽڪس به شامل هو. هن اداري جو ڪم سنڌ جي معيشت، تعليم، صحت، روزگار ۽ سماج جي ٻين مختلف شعبن متعلق انگ اکر گڏ ڪرڻ آهي. ان مقصد لا سڄي سنڌ ۾ وسيع پئماني تي ان جا دفتر قائم ڪيا ويا ۽ اتي معاشيات ۽ اسٽيٽسڪس جي گريجويٽس کي مقرر ڪيو ويو جن جو ڪم پنهنجي علائقي جي مختلف شعبن جا انگ اکر گڏ ڪري انهن کي پنهنجي ريجنل ۽ هيڊ آفيسن کي موڪلڻ آهي جتي انهن جو تجزيو ڪري انهن کي هڪ شڪل ڏني ويندي آهي.
اڄ جي دور ۾ معيشت سميت سماج جي مختلف شعبن جي رٿابندي لا انگن اکرن جي گھڻي اهميت آهي. ڪوشش اها ڪبي آهي ته اهي انگ اکر صحيح هجن. ان مقصد لا فيلڊ مان پرائمري ذريعن کان انگ اکر گڏ ڪرڻ سان گڏ مختلف قسم جا سروي وغيره پڻ ڪرايا ويندا آهن جن ۾ عالمي ادارن جي فنڊنگ ۽ سهڪار پڻ شامل هوندو آهي.
ان ڪم ۾ ٻين مختلف ادارن کي پڻ شامل ڪيو ويندو آهي. ڪراچي يونيورسٽي جي اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽر منهنجي ماسٽرس ڪرڻ کانپو سڪرنڊ ۽ هالا ۾ ڪپهه جي اپت جي حوالي سان هڪ پروجيڪٽ شروع ڪيو هو جنهن جي ٻن مرحلن ۾ آئون شامل هوس. ان ٽيم ۾ ٻين سان گڏ هڪ آمريڪي استاد مائيڪ ويلس، جيڪو اسان کي زرعي معاشيات پڙهائيندو هو، به شامل هو. ان کانپو مون جڏهين سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن جوائن ڪئي ته شروع ۾ سنڌ ايگريڪلچر سروي ڪيو ويو جنهن ۾ دريا جي ساڄي ۽ کاڄي ڪپ جا گھڻا شهر شامل هئا. ان سروي ۾ اسان سان گڏ ٽنڊو ڄام زرعي ڪاليج جا ٻه شاگرد ۽ سنڌ بيورو آف اسٽيٽسڪس جا ڪجھه همراهه شامل هئا. ان کانپو ٽنڊو محمد خان ۾ چانورن جي اپت تي سروي ڪيو. ڪجهھ عرصي کانپو سنڌ بيورو پاران سڄي سنڌ ۾ Household Income and Expenditure Survey شروع ڪيو ويو جنهن ۾ ڪراچي جي ٽيم ۾ آئون به شامل هوس.
ان وقت بيورو جي آفيس پاسپورٽ آفيس سان لڳ پاڪستان بيرڪس ۾ هئي. اسٽيٽ بينڪ جوائن ڪرڻ تائين منهنجي هتان جي آفيسرن خاص طور زيدي ۽ علي احمد، جيڪو پو شايد ڊائريڪٽر به ٿيو، سان واسطو رهيو. ان وقت بيورو پاران ٻين مختلف پبليڪيشنز سان گڏ هڪ پاڪيٽ سائز ڪتاب به شائع ڪيو ويندو هو جنهن ۾ سنڌ جي حوالي سان گھڻا انگ اکر هوندا هئا ۽ اهو خاص طور ڪنهن فوري حوالي لا ڏاڍو ڪارائتو هوندو هو. اها خبر ناهي ته اهو اڃا به شائع ڪيو وڃي ٿو يا نه. بيورو جي انهن ڪتابن کي آئون پنهنجي ڪم ڪار لا ڏسندو رهيو آهيان پر ان سان اڳ جيان هڪ سرگرم تعلق نه رهيو آهي.
هڪ ڊگھي عرصي کانپو هن وقت بيورو سان هڪ تعلق جڙيو آهي. ڊاڪٽر اسحاق انصاري هن وقت بيورو جو ڊائريڪٽر جنرل آهي. اسحاق سان گھڻا واسطا رهيا آهن. هڪ ته اسان ٻيئي ڪجھه عرصو اسٽيٽ بينڪ ۾ رهيا آهيون. ٻي ڳالهه ته هو سنڌي جو هڪ ڄاتل سڃاتل ليکڪ آهي. اهڙي ريت اسان ۾ هڪ گڏيل ڳالهه ادب سان لاڳاپو هئڻ به آهي.
اسٽيٽسڪس جو مضمون ئي سندس سڃاڻپ رهيو آهي. ان حوالي سان هو اسٽيٽ بينڪ سان گڏ ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ مختلف جاين تي به ليڪچرز، سيمينار ۽ ورڪشاپ وغيره ۾ شرڪت لا ويندو رهيو آهي. ان لحاظ کان سندس پنهنجي مضمون ۽ ڪم سان هڪ ڪمٽمنٽ ۽ وابستگي رهي آهي. بينڪ ۾ کيس پنهنجي ڪم جي بنياد تي ئي مڃتا ملندي رهي آهي.
بينڪ مان رٽائرمنٽ کانپو بيورو جي ڪم لا منهنجي خيال ۾ هي مناسب ماڻهو آهي. مون کي ڊاڪٽر صاحب ڪجھه تازا شائع ٿيل ڪتاب موڪليا آهن. سنڌ جي معيشت ۽ ٻين مختلف شعبن جي ڪارڪردگي ۽ ترقي کي ڏسڻ لا اهي نهايت ڪارائتا دستاويز آهن. تازو سنڌ جي مختلف شعبن متعلق هڪ ڪتاب شائع ڪيو ويو آهي.
50 Years of Sindh in Statistics. 1971- 2021 ان ۾ پنجاهه سالن جي دوران سنڌ جي آبادي، زراعت، جانور، جھنگل، سامونڊي جيوت، خوراڪ جي ذخيرن، صنعت، بجلي، گيس، سرڪاري ماليات، مالياتي ادارن، ٽرانسپورٽ ۽ رابطي جي ذريعن، تعليم، صحت ۽ ڏوهن وغيره متعلق انگ اکر ڏنا ويا آهن. ان سڄي معلومات ۽ انگن اکرن جي سلسلي ۾ گھڻن ذريعن ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جو سهڪار شامل هوندو آهي.
صحيح فيصلن ۽ رٿابندي ڪرڻ ۾ انگن اکرن جي گھڻي اهميت هوندي آهي. ان ڪري انهن جي صحت ۽ درست هئڻ تي گھڻو ڌيان ڏنو ويندو آهي. هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ ته رٿابندي ڪندڙن جي پيشه ورانا ايمانداري ۽ صلاحيتن جو امتحان به هوندو آهي. پاڪستان ۾ اهڙا به موقعا آيا آهن جو خاص طور تي عالمي ادارن کي ڏنل مالياتي ۽ معاشي انگن اکرن جي Fudging جا سوال اٿاريا ويا آهن. مطلب ته خاص طور جيڪي اهم انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن انهن ۾ هير ڦير ڪئي ويئي آهي ته جيئن پنهنجي مطلب جي تصوير پيش ڪري سگھجي. پر ان سان گڏ ان ڳالهه کي پڻ نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته انهن انگن اکرن جو تجزيو ڪندڙ ماهرن کي اهڙا طريقا سيکاريا ويندا آهن جن جي مدد سان اهي اهو اندازو لڳائي ويندا آهن ته انگن اکرن ۾ هيرڦير ٿيل آهي.
آئون جڏهين هن ڪم ۾ شامل هوس ته ان وقت انگن اکرن جي حوالي سان ڪمپيوٽر ۽ ٻي جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال نهايت محدود هو. يونائٽيڊ بينڪ ۾ هڪ مين فريم هو جتي اسان جي ڊپارٽمنٽ جي هڪ ڊيٽا پنچ آپريٽر ڪارڊن تي ڊيٽا پنچ ڪري کڻي ايندي هئي ۽ انهن کي چيڪ ڪرڻ کانپو ان کي آخري شڪل ڏبي هئي. پر اهو گھڻو اڳ جي ڳالهه آهي ۽ هاڻي هر شعبي ۾ ان ٽيڪنالوجي جو استعمال عام ٿي ويو آهي. پر ان جي باوجود گھڻن اهڙن شعبن جتي ان جي استعمال جي ضرورت هوندي آهي اها شي موجود نه هوندي آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران زرعي ترقياتي بينڪ جي ري اسٽرڪچرنگ يا ان کي نين بنيادن تي استوار ڪرڻ لا امداد ڏني ويئي هئي ۽ اسٽيٽ بينڪ کي ان سڄي ڪم جي نگراني ڪرڻي هئي پر آخري نتيجي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته بينڪ رڳو انگريزي مان نالو بدلائي اڙدو ۾ ڪرڻ کانسوا پنهنجي ڪم ڪار جي طور طريقن جي حوالي سان ٻي ڪا خاص تبديلي نه آندي هئي ۽ بينڪ جو ڪم ساڳيو رجسٽرن ۽ پراڻن طريقن مطابق پئي هليو.
ڏٺو وڃي ته بيورو جهڙي اداري جنهن جو ڪم ئي انگن اکرن جي تجزئي سان آهي اتي ان ٽيڪنالوجي جي اهميت اڃا وڌي وڃي ٿي. پر ان پاسي گھڻي عرصي تائين ڌيان نه ڏنو ويو ۽ رڳو بيورو جي نئين ڊائريڪٽر جنرل جي اچڻ کانپو اداري کي ڪمپيوٽر ۽ پرنٽر وغيره مهيا ڪيا ويا آهن پر ان جي استعمال جي حوالي سان اسٽاف جي تربيت وغيره جو ڪو انتظام نه ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ جوڳا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
بيورو جي انهن پبليڪيشن ۾ سنڌ جي معيشت ۽ ٻين مختلف شعبن متعلق ڪارائتا انگ اکر آهن جيڪي انهن شعبن جي ڪارڪردگي کي ڏسڻ ۾ گھڻي مدد ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ اهو ٿي سگھي ٿو ته انهن شعبن جي حوالي سان هڪ مختصر تجزيو پڻ پيش ڪيو وڃي جيڪو پڙهندڙ کي انهن انگن اکرن کي سمجھڻ ۽ سڄي صورتحال کي سميٽڻ ۾ مدد ڪري سگھي.
اهو هڪ لاڳيتو عمل آهي ۽ ان ۾ هميشه سڌاري جي گنجائش رهي ٿي جنهن جي لا ڪوشش هڪ لازمي امر آهي.