ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ترڪيا ۽ شام ۾ آيل زلزلو

Editorail-Article- Mohammad Khan Sial

تازو ترڪيا ۽ شام ۾ وڏا زلزلا آيا آهن، جنهن ڪري هزارين ماڻهو شهيد ۽ ڪئين زخمي ٿيا آهن. ميڊيا موجب ترڪيا ۽ اتر شام ۾ 7 ڏهائي 9 جا زلزلا آيا. ميڊيا اها به خبر ڏني آهي ته ٿلهي ليکي هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته متاثر ماڻهن جي مڪمل انگ جو اڃا باقاعدي ۽ آخري اعلان ڪونه ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف، ترڪيا جي 23 ورهين واري صحافي ميلسا سلمان چواڻي اسان کي لڳو ته قيامت اچي وئي آهي ۽ اهڙي حالت اسان ته پهريون ڀيرو ڌٺي آهي. سومر ڏينهن ايندڙ زلزلي ڪارڻ ترڪيا ۾ 16 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ ماڻهن جي مرڻ جو امڪان وڌيڪ آهي. اها اهم خبر آهي ته صحت جي عالمي اداري جي دعوا موجب بدترين تباهيءَ ڪارڻ ويھه هزار ماڻهو مري سگھن ٿا. ميڊيا جي تازو خبر آهي ته لکين ماڻهو پناهگير بڻجي بيروزگار ٿي ويا آهن.
ڪجھه وقت اڳ اها خبر آئي هئي ته ترڪيا ۽ شام ۾ تباهه ڪيل زلزلن سان موت جو انگ ڏهن هزارن کان وڌي ويو آهي. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب سومر تي ٿيل 7 ڏهائي 8 شدت واري زلزلي کانپوءِ 7 ڏهائي شدت جو هڪ ٻيو زلزلو آيو آهي جنهن وڌيڪ تباهي آندي آهي. صحت واري وزير موجب زلزلي جي ڪري 32 هزار ماڻهو زخمي ٿيا آهن. زلزلي ۾ مرڻ وارن ۾ 57 فلسطيني به شامل آهن.
ميڊيا جي خبر موجب مئلن جو انگ ڏهن هزارن کان وڌيڪ هئڻ جو خطرو آهي جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته متاثر علائقن ۾ زوردار سي آهي ۽ امڪان آهي ته مئلن جو انگ ڏهن هزارن کان گھڻو وڌي ويندو. شام ۾ اٽڪل 6 هزار ۽ ترڪيا ۾ 31 هزارن کان وڌيڪ زخمي آهن. ترڪيا اسلامي ملڪ آهي جنهن پنهنجي ملڪ ترڪيءَ جو نالو بدلائي ترڪيا رکيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ انهن گڏيل قومن واري اداري کي ڪجهه وقت اڳ اهڙِي رپورٽ به ڪئي هئي. بهرحال، موت جو وڏو دکدائڪ داستان جاري آهي. ترڪيا جي هڪ عورت جو چوڻ هو ته اسان ڪٽنب سميت دريار باقر جي ستن منزلن واري عمارت ۾ رهيل هئاسين پر عمارت ڪري پئي، جنهنڪري سندس هٿ ڀڄي پيا ۽ سندس جسم تي زخم رسيا.
مون ميڊيا جي مختلف شعبن ۾، ترڪيا ۽ شام ٻنهي ملڪن جي زلزلن جي تباهين جا کوڙ فوٽو ڏٺا آهن ته انساني رهائشن جون ڪيتريون وڏيون عمارتون بيدرديءَ سان مڪمل تباهه ٿي ويون آهن. اصل دکدائڪ خبرون اهي به آهن ته ترڪيا ۾ ڪجھه سال اڳ به وڏا زلزلا آيا هئا، جنهنڪري ڪيترن ماڻهن جون حياتون متاثر ٿيون هيون. سال 1999ع ۾، استنبول شهر ويجھو اوڀر مرمرا، جي سامونڊي علائقي ۾ زلزلي جي ڪري 17 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا هئا، ان کانپوءِ واري عرصي جي ڀيٽ ۾، هاڻي وڌيڪ ماڻهو مري ويا آهن. جڏهن ته سال 1939ع ۾ به تباهه ڪندڙ زلزلو آيو هو پر ترڪيا صدر اردوان، 1999ع ۾ زلزلي کي 1939ع سالن کانپوءِ وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو هو.
اها عجب جهڙي ڳالهه آهي ته اولهھ ملڪن جي ميڊيا موجب يورپي ملڪ هالينڊ جي هڪ سائنسدان جنهن جو نالو فرينڪ بُوگر بيتس آهي تنهن 2 فيبروريءَ تي ترڪيا ۾ زلزلي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي. سندس چواڻي 4 کان 6 فيبروريءَ تائين 7 ڏهائي 5 شدت جو زلزلو ايندو. انهيءَ سائنسدان چواڻي ڏکڻ وچولي ترڪيا، اردن، شام يا لبنان ۾ زلزلا اچي سگهن ٿا. هن اڳڪٿي سياري ۽ سج جي وچ ۾، جيوميٽري ۽ زمين تي ‘برقي مقناطيسي’ اثرن جي بنياد تي ڪئي هئي. هن ته اها به اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وچ ترڪيا ۽ ان جي لاڳيتن حصن ۾ وڌيڪ زلزلا اچڻ جا امڪان آهن.
اولھه جي ملڪن جي ميڊيا موجب ڊسمبر 2022ع ۾ هڪ سياستدان به انهيءَ علائقي ۾ تباهيءَ جي اڳڪٿي ڪري خبردار ڪيو هو. ماضيءَ ۾ به مختلف سياستدانن، زلزلن بابت اڳڪٿيون ڪيون هيون سي حيرت انگيز طور سچيون ثابت ٿيون هيون.
آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جو مرڪز، ترڪيا جو ڏاکڻو علائقو هو، اونهائي 17 ڏهائي 9 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، قبرص، يونان، اردن، لبنان ۽ جاپان ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين 50 کان وڌيڪ ‘آفٽر شاڪس’ جو سلسلو جاري رهيو.
بهرحال، ترڪيا سرڪار پنهنجن ماڻهن جي مدد ته ڪري پئي پر سندن چوڻ موجب سياري جي موسم ۾ رات جو زلزلو ٿيو جنهنڪري ماڻهن کي تڪليف ٿي آهي. جيئن ته مون اڳ به لکيو آهي ته ترڪيا ۽ شام جي اسلامي ملڪن ۾ زلزلي ۾ تباهيءَ خلاف پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف مدد لاءِ ترڪيا جي دوري جو اعلان ڪيو پر پارليامينٽ جي گڏيل گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ سبب هن وزٽ ملتوي ڪئي آهي. سنڌ سرڪار جي وزارت به فيصلو ڪيو آهي ته ترڪيا جي زلزلي سٽيل شهرين جي مدد لاءِ هڪ لک ٽينٽ اماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ ڪابينا جي گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ترڪيا جي عوام، سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امداد ڏني هئي، اسان ترڪيا جي عوام کي هن ڏکي گهڙيءَ ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون.
اهو ٻڌائڻ مناسب آهي ته ترڪيا اسان جي ملڪ جو پراڻو ساٿي رهيو آهي. مون کي ياد آهي ته اسان جي ملڪ جي اڳوڻي سربراهه ايوب خان جي دور ۾ به ترڪيا جي پاڪستان سان گهري دوستي رهي هئي جيڪا پوءِ به ٻين دورن ۾ جاري رهي. ٻيا به گھڻا اسلامي ملڪ هئا جن جو پاڪستان سان ماضيءَ ۾ وڏو سهڪار رهيو آهي. بهرحال، جيڪڏهن ترڪيا جڏهن به ڏکئي وقت کي منهن ڏئي ته اسان جي ملڪ توڙي عوام ٻنهي کي ساڻن ساٿ ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي ڀلائي سمايل هوندي. اهڙي ريت شام ملڪ سان به پاڪستان جا بهتر لاڳاپا رهيا آهن ۽ انهن جي به دلي مدد ڪرڻ گھرجي.
بهرحال، جيڪڏهن پاڪستان ڏکئي وقت دوران ٻين ملڪن ۽ خاص ڪري اسلامي ملڪن جي مدد ڪندو ته اهي به پاڪستان کي ڏکئي وقت ۾ اهم مدد ڪندا رهندا. هونئن به ملڪ جي ڀلائي انهيءَ ۾ سمايل هوندي آهي ته اسان جي ملڪ کي ٻين ملڪن سان نيڪ نيتيءَ سان سهڪار ڪرڻ گھرجي. انهيءَ سلسلي ۾ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته جڏهن اسلامي ملڪ جي گهڻائي يعني اٽڪل 56 سيڪڙو آباديءَ وارو صوبو اوڀر پاڪستان الڳ ٿي آزاد ملڪ بنگلاديش بڻيو هو ته رهيل اولھه پاڪستان، هاڻي پاڪستان، جو سلوڪ بلڪل ڪمزور ٿي ويو هو جو اصل ۾ هندوستان پاڪستان سان جنگ ڪري اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرايو هو. پاڪستان 16 ڊسمبر تي هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، جڏهن ته شهيد ڀٽو ٽن يا چئن ڏينهن کانپوءِ 20 ڊسمبر 1971ع تي صدر طور اقتدار ۾ آيو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ آيو جنهن جو اصل مقصد اٽڪل 54 اسلامي ملڪن کي هڪ ڪرڻ لاءِ لاهور ۾ اسلامي ملڪن جي ٻي ڪانفرنس گهرائڻ هو. هن بنگلاديش کي تسليم ڪري ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪرايو هو، سندس اسلامي ملڪن سان عاليشان لاڳاپا هئا جن ۾ ترڪيا ۽ شام به شامل هئا. هئڻ ائين گھرجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪامياب پراڻي پرڏيهي پاليسيءَ تي هاڻي به مناسب عمل ڪندي پاڪستان کي ترقي وٺرائڻ گھرجي.
پاڪستان فوج جي کاتي آءِ ايس پي آر چواڻي فوجي سربراه عاصم منير جي هدايت تي ٻه گروپ ترڪيا 6 فيبروريءَ تي خاص جهاز ۾ روانا ٿي ويا آهن. اها به خبر آهي ته پاڪ فوج جي ميڊيڪل ٽيم 30 بسترن جي موبائيل اسپتال اتي قائم ڪندي.
ترڪ صدر رجب طيب اردوان چواڻي بدترين زلزلي کان 10 صوبا متاثر ٿيا آهن. علائقي ۾ ٽن مهينن لاءِ هنگامي صورتحال لاڳو ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ آهي ته ستر ملڪن، ڳولا ۽ مدد جي ڪاررواين جي آڇ ڏني آهي ۽ ترڪيا متاثرن جي مدد لاءِ عارضي طور هوٽلون به کوليون آهن. بهرحال، ترڪي ۽ شام ۾ گذريل ڏينهن آيل خوفناڪ زلزلي کانپوءِ تباهه ٿيل عمارتن مان لاش ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيا ۾ 5 هزار 775 عمارتون تباهه ٿيون. سومر ڏينهن ايندڙ زلزلي سان رڳو ترڪيا ۾ هيلتائين 16 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن ۽ فوتين جي انگ ۾ وڌي پئماني تي واڌ جو خدشو آهي. صحت جي عالمي اداري جي اندازي موجب ان بدترين تباهيءَ جي نتيجي ۾ فوتگيون 20 هزارن تائين به ٿي سگهن ٿيون.
بهرحال، اسان کي گھرجي ته ٻن اهم ملڪن ترڪيا ۽ شام ۾ زلزلي جي تباهين تي نه رڳو ڏک ظاهر ڪريون پر جتي به سڌي يا اڻ سڌي ريت مدد جي گنجائش هجي ته سندن نيڪ نيتيءَ سان مدد ڪرڻ گھرجي. هونئن به ٻنهي ملڪن جو پاڪستان سان رويو گھڻو بهتر رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button