سنڌ سرڪار سخاوت جو عظيم مظاھرو ڪندي ٻوڏ متاثر ماڻھن جي گھرن جي تعمير لاءِ 75000 ھزار روپين جي پھرين قسط جاري ڪئي آھي. حڪومت کي معلوم ھجڻ گھرجي تھ ھر متاثر خاندان جي مٿان ان کان وڌيڪ قرض چڙھيل آھي. صرف ھي ملڪ قرضي ناھي. پر ھن ملڪ جا غريب ماڻھو بھ قرضي آھن. قرضن ۽ مرضن ۾ وڪوڙيل ماڻھن لاءِ جيڪا 75000 ھزارن جي امداد جاري ڪئي وئي آھي، ان مان ھو ڇا ڪندا؟ ھنن نااھل حڪمرانن جي ڪري جيترو ڊالر مٿي ويو آھي ۽ جيترو روپيو ھيٺ ڪريو آھي ۽ جيتري شديد مھانگائي ڇانئجي وئي آھي، ان مان تھ ھڪ گھر 75000 ھزارن جي بجيٽ مان ھڪ مھينو بھ مشڪل سان گذاري سگھي ٿو.
مني لک مان ٻوڏ متاثر ماڻھو جيڪو محل ٺاھيندا، حڪمرانن کي انھن جو افتتاح ڪرڻ جون اڳواٽ مبارڪون ھجڻ گھرجن. ڪنھن دور ۾ چيو ويندو ھو تھ سياست جي سيني ۾ دل نھ ھوندي آھي. پر ھاڻي اھا حقيقت پڌري پٽ ٿي آھي تھ سياست جي سيني ۾ دل ھجي نھ ھجي پر سياست جي اکين ۾ شرم نالي ڪا بھ شيءَ نھ آھي. جيڪڏھن عوام جي عذابن تي سياست ڪندڙ حڪمرانن ۾ لڄ جو ذرو بھ ھجي ھا تھ انھن کي ان حقيقت جي پوري پروڙ پوي ھا تھ ماڻھو ڪھڙين اذيتن جو شڪار آھن؟ جڏھن تھ حڪمرانن جا ٺٺ ٺانگر انھن اذيتن مان پيدا ٿين ٿا. عوام جي غربت ۽ حڪمرانن جي دولت ۾ سڌي نسبت موجود آھي. حڪمران ان ڪري لئھ ۾ آھن جو عوام عذاب ۾ آھي. عوام عذاب ۾ ان لاءِ آھي جو حڪمران مزي ۾ آھن. عوام جي امانت ۾ خيانت نھ ڪئي وڃي ۽ ڪرپشن جي ذريعي دولت نھ ميڙي وڃي تھ اڄ ملڪ جو ھي حال ۽ ھي حشر نھ ھجي.
ھر ملڪ جي عزت ھوندي آھي. ھر قوم ھو وقار ھوندو آھي. پر مقروض ملڪن جي ڪا بھ عزت نھ ٿي ھجي. قرض ۾ ڦاٿل قوم جي ڪير بھ عزت نھ ٿو ڪري. اھو ئي سبب آھي تھ آءِ ايم ايف پاڪستان جي حڪمرانن کي ڀولڙيءَ مان نچائي رھيو آھي. آءِ ايم ايف جون شرطون ايتريون تھ سخت ٿي رھيون آھن جو ملڪ جي خودمختياريءَ جي حرف اچي ويو آھي. اھو فيصلو ٻيو ڪوئي ڪيئن ٿو ڪري سگھي تھ ملڪ ۾ شين جا ملھھ ڪيترا ھجن؟ ڇا ڪنھن ٻي ملڪ کي اھو حق ڏئي سگھجي ٿو؟ ڇا ڪنھن غيرملڪي اداري کي اھا ڇوٽ ملي سگھي ٿي تھ ھو ھڪ ملڪ جي مجموعي پاليسين تي نھ رڳو اثرانداز ٿئي پر پنھنجا فيصلا مڙھي ۽ اھي بھ ايتري سختيءَ سان مڙھي جو انھن کي قبول ڪرڻ لاءِ حڪمران مجبور ٿي وڃن!
پاڪستان جي سلسلي ۾ مسلسل اھو ٿي رھيو آھي. جيڪي بھ وفد آءِ ايم ايف وٽ قرض لاءِ ويا آھن، اھي موٽي ميڊيا ۾ اھو اعتراف ڪن ٿا تھ آءِ ايم ايف انھن جي تمام گھڻي توھين ڪري ٿو. آءِ ايم ايف انھن سان ائين پيش اچي ٿو، جيئن وڏيرا قرضن ۾ جڪڙيل ھارين سان پيش ايندا آھن. آءِ ايم ايف پاڪستان جي لاءِ ھڪ ڀوتار بڻجي ويو آھي ۽ پاڪستان جي ھر حڪومت پنھنجا ڏک سور کڻي آءِ ايم ايف وٽ ايئن پيش ٿئي ٿي، جيئن مظلوم، مسڪين ۽ مقروض ھاري ڀوتار وٽ پيش ٿيندا آھن ۽ ھٿ ادب جا ٻڌي ھن کي عرض ڪندا آھن تھ ڪنھن طرح سان قياس ڪري انھن کي گھر جو گاڏو ھلائڻ جي لاءِ ڪجھھ وڌيڪ قرض ڏنو وڃي. گذريل ڏينھن بلاول جھڙي ريت آءِ ايم ايف سان مخالب ٿيندي چيو آھي تھ آءِ ايم ايف پاڻيءَ ۽ مھانگائيءَ ۾ ٻڏل عوام جو خيال ڪري. اھو تھ بلڪل ائين آھي، جيئن خيرات گھرڻ وارا فقير ڪندا آھن. جيئن ھو پنھنجن بکين ۽ بيمار ٻارن جو حال بيان ڪري رحم جي بيک گھرندا آھن، آءِ ايم ايف جي سلسلي ۾ پاڪستان جا حڪمران بھ اھو ڪجھھ ڪري رھيا آھن.
پاڪستان جو سمورو وقار معاشي بدحاليءَ سبب ملياميٽ ٿي رھيو آھي. پاڪستان جي حوالي سان ھر ڏينھن ڪو نھ ڪو معاشي ماھر اھڙو تجزيو پيش ٿو ڪري، جنھن کي ٻڌي ماڻھن جا ڏوھھ ڏڪي ٿا وڃن ۽ ماڻھو سوچڻ لڳن ٿا تھ آخر انھن جو ڇا ٿيندو؟ پاڪستان تي حڪمراني ڪندڙ خاندان ٻاھرين ملڪن ۾ ايتريون جائدادون جوڙي ويٺا آھن جو انھن کي تر جيتري بھ پرواھھ نھ ھوندي جو ھو ٻيو ڪجھھ نھ ڪن ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ عياشيءَ سان ويٺا ھجن ۽ انھن جا نسل بھ ڪڏھن مشڪل صورتحال کي نھ ڏسندا. پاڪستان جي سلسلي ۾ اھو ئي ڪجھھ ٿي رھيو آھي. ھر ڪرپٽ ماڻھو حرام جا پئسا کڻي ٻاھرين ملڪ ۾ انويسٽ ڪري ٿو ۽ پوءِ پنھنجي خاندان سميت ٻاھر ھليو وڃي ٿو ۽ باقي زندگي لئھ ۽ مستيءَ ۾ گذاري ٿو. جڏھن انھن جي اھڙي چوريءَ ۽ اھڙي ڪرپشن جي ڪري ڪروڙين ماڻھو اذيت جي زندگي گذارڻ تي مجبور ھجن ٿا. انھن جو مستقبل تھ تاريڪ ۽ انھن جو حال بدحال بڻجي وڃي ٿو. پر ڪنھن کي بھ ڪا چنتا ناھي. ڪنھن کي بھ ڪا ڳڻتي ناھي. ڪو خيال ناھي تھ آخر ملڪ جو ۽ ملڪ جي عوام جو ڇا ٿيندو؟ ھر حڪمران وٽ ايتري دولت آھي، جيتري دولت جو عوام تصور بھ نھ ٿو ڪري سگھي. جڏھن تھ اھا دولت ھو ڪنھن بھ طرح سان جسٽيفاءِ ڪري نھ ٿا سگھن تھ انھن وٽ ڪٿان آئي؟ حڪمرانن جي مٿان جڏھن ڪرپشن جا ڪيس ٺھن ٿا ۽ جڏھن اھي قانون جي گھيري ۾ اچن ٿا تھ اھي اسٽيبلشمينٽ سان جوڙ توڙ ڪري اقتدار جا مالڪ بڻجي وڃن ٿا اھي ادارا جيڪي انھن جو احتساب ڪرڻ جي لاءِ جڙيل آھن، اھي انھن جا ماتحت بڻجي وڃن ٿا. اھي انھن جي ھيٺان اچي وڃن ٿا. اھي انھن جا حڪم مڃين ٿا. اھي انھن جا ڪيس ڪمزور ڪن ٿا. اھي انھن جون شاھديون ختم ڪن ٿا. انھن کان پوءِ جڏھن ڦيڦا ۽ ڦلھڙا ڪيس ڪورٽن ۾ وڃن تھ ڪرپٽ نظام جي منصفن کي موقعو ملي وڃي ٿو ۽ ھو پنھنجي تر سڌا ڪرڻ جي لاءِ ڪرپٽ حڪمرانن جا ڪيس ختم ڪن ٿا. اھڙي طرح جن ملڪ کي لٽيو، ڦريو ۽ برباد ڪيو، اھي وري آڱرين سان فتح جا نشان ٺاھي عدالتن مان سرخرو ۽ سربلند ٿي ٻاھر اچن ٿا ۽ ٻاھر اچي پنھنجي آزاديءَ جا جشن ملھائين ٿا ۽ پڇا ڪرڻ تي ميڊيا کي وڏي اعتماد سان ٻڌائين ٿا تھ انھن کي عدالتن بي ڏوھي قرار ڏنو آھي.
انھن حڪمرانن جا ڪرتوت ھر ڪنھن جي آڏو پڌرا آھن. اسان جا تفتيشي ادارا ۽ اسان جا جرنلسٽ تھ ڇا پر عام ماڻھن کي بھ معلوم آھي تھ اھي حڪمران ڪالھھ ڇا ھئا ۽ اڄ ڇا آھن؟ جڏھن تھ انھن جو اڪثر وقت صرف ميٽنگون ڪرڻ ۽ ڄاڙي ھڻڻ ۾ گذري ٿو. ھو ڪو بھ ڪم نھ ڪن. پر انھن جي دولت ۾ ھر ڏينھن اضافو ٿيندو وڃي ٿو. ھڪ طرف ھو امير ٿيندا وڃن ٿا ۽ ٻي طرف ھي ملڪ غريب ٿيندو وڃي ٿو. ملڪ جي غربت جو بار عام ماڻھن جي ڪلھن تي پوي ٿو. ڇو تھ غريب ملڪن ۾ عوام کي اھا طاقت نھ ٿي رھي تھ ھو مھانگيون شيون خريد ڪري سگھن. ان ڪري انھن کي پنھنجين بنيادي ضرورتن جي سلسلي ۾ سمجھوتا ڪرڻا ٿا پون. انھن کي ويلا ڪٽڻا ٿا پون. انھن کي پراڻا ڪپڙا پائڻا ٿا پون. انھن کي پنھنجا ٻار تعليم کان محروم رکڻا ٿا پون. انھن وٽ پنھنجن بيمارن جو علاج ڪرائڻ جي طاقت ڪونھي. انھن کي در در جا ڌڪا کائڻا پون ٿا. انھن جي زندگي رحمت نھ پر زحمت محسوس ٿئي ٿي. ھو پريشانيءَ ۽ پيڙا ۾ جڪڙجي وڃن ٿا. انھن کي ايتري تھ تڪيلف آھي جو ھو وقت کان اڳ ۾ پوڙھا ٿي وڃن ٿا. انھن جي زندگي غربت جي زندان ۾ گذري ٿي. انھن کي ڪنھن بھ اميد جو ڪو ڪرڻو نظر نھ ٿو اچي. ھو ھر پل پنھنجي مشڪل ۾ مسلسل اضافو ٿيندي ڏسن ٿا. انھن جي ان حال مٿان جڏھن حڪمرانن جو نااھليون ٻوڏ جي صورت ۾ ڪڙڪن ٿيون تھ انھن جو رھيو کھيو ۽ انھن جا ڪک ڪانڊيرا بھ لڙھي وڃن ٿا. ھو پنھنجا سر بچائڻ جي لاءِ امدادي ڪيمپن ۾ پناھه وٺن ٿا ۽ اتي اھل ڪرم جو ھر ڏينھن ھڪ نئون تماشو ڏسن ٿا. انھن جي غربت ۽ انھن جي مسڪيني مخصوص ماڻھن جي مشھوريءَ جو سبب بڻجي ٿي. انھن سان واعدا ڪيا وڃن ٿا تھ انھن سان عظيم انصاف جو مظاھرو ٿيندو. انھن کي خواب ڏيکاريا وڃن ٿا تھ انھن جا ڪچا گھر ڊھي ويا تھ خير آھي ھاڻي سرڪار انھن کي پڪا پختا گھر اڏي ڏيندي ۽ جڏھن چونڊون ويجھيون اچن ٿيون تھ ھڪ مخصوص انداز سان انھن تي ڪرم نوازي ڪندي کين گھر ٺاھڻ لاءِ امدادي رقم جي پھرين قسط جاري ڪئي وڃي ٿي ۽ اعلان ڪيو وڃي ٿو تھ سرڪار ٻوڏ متاثر ماڻھن کي گھرن جي تعمير لاءِ 75000 ھزار روپين جي قسط جاري ڪري ڇڏي آھي.
ايتري وڏي رقم جو اعلان ڪرڻ وارن کي اھو بھ ٻڌائڻ گھرجي تھ جن جا گھر لھرن ۾ لڙھي ويا، اھي انھن پئسن مان پنھنجي لاءِ ڪھڙي قسم جو گھر ٺاھين؟ ان ۾ ڪھڙو سيمينٽ استعمال ڪن؟ ان ۾ ڪھڙو ماربل ھڻن؟ حڪومت کي اھو بھ ٻڌائڻ گھرجي تھ اھي گھر ھڪ ماڙ ھجڻ گھرجن يا ٻھ ماڙ ھجن؟ انھن گھرن ۾ جيڪي در درين جو ڪاٺ استعمال ٿئي، ان جي ڪوائلٽي ڪھڙي ھجڻ گھرجي؟ اھڙن گھرن جا نقشا عوام پاڻ ٺھرائي يا حڪومت پاڻ جاري ڪندي؟ آخر ايتري وڏي سخاوت ٿي آھي ۽ ايترا گھڻا پئسا مليا آھن تھ ان مان گھر بھ تھ اھڙا ٺھڻ گھرجن، جو ڏسڻ وارا باقاعده تسليم ڪن تھ غريب عوام جي جھوپڙي جھري ھئي پر سرڪار ھن کي محل ٺاھي ڏنو آھي تھ ھو ڀلي ان ۾ نسل در نسل رھيو پيو ھجي. اھڙا محل نما گھرن ۾ رھندا عوام تھ سموري زندگي بھ تير تي ٺپا ھڻندو رھي تھ بھ ھو سخي سياستدانن جو ٿورو نھ لاھي سگھندو. ڇو تھ اھو تمام وڏو بلڪھ عظيم احسان آھي. اھڙن احسانن جي تاريخي احسان قرار ڏنو ويندو آھي. اھڙن تاريخي احسانن جي نتيجي ۾ ٺھي راس ٿيندا آھن، مني لک جا محل!!!