پاڪستانسنڌ

سياست ڪمزور هجڻ جو سبب ادب جو ڪمزور هجڻ آهي:بخشل ٿلهو

سانگھڙُ:سانگهڙ ۾ سنڌي ادبي سنگت سانگھڙ شاخ پاران ترقي پسند ادب جو سياست سان لاڳاپو جي عنوان تي ھڪ ليڪچر پروگرام ڪوٺايو. جنهن کي ليڪچر ڏيندي بخشل ٿلھي چيو ته ادب ۽ سياست ڌار ڌار شعبا ھئڻ باوجود گڏ آھن، ھڪٻئي تي اثر ڇڏيندا ايندا آھن، ھر دور جو فن ان دور جي سياست کي ۽ ھر دور جي سياست ان دور جي فن کي متاثر ڪندي رھندي آھي، رڳو ترقي پسند ادب نه پر رجعت پرست ادب به سياست تي اثر انداز ٿئي ٿو، رجعت پسند سياست به اھڙو ادب جنم ڏيندي آھي، جيڪا رجعت پرست سياست لا راھه ھموار ڪري ٿي، ون يونٽ جي تحريڪ سنڌي ادب کي متاثر ڪيو ۽ نوان نالا پيدا ٿيا. ترقي پسند تحريڪ ننڍي کنڊ جي ادب کي ۽ ننڍي کنڊ جو ادب ھتي جي تحريڪن ۾ ساھه وڌو، اڄ جيڪڏھن اسان جي سياست ڪمزور آھي، ان ڪري جو اسان جو ادب ڪمزور آھي، ادب اسان جي نوجوانن جي کيڙي ئي نه ٿو ڪري، اسان کي ھزارين ڪروڙين نوان ڪتاب گهرجن، ادب ۽ سياست جا بنياد ڌار ڌار آھن، جيڪڏھن سموري ادب کي سياست ۾ يا سياست کي ادب ۾ گڏائي نه ٿو سگھجي، جديديت کان پو اڀري آيل شعبن جي ڌار حيثيت کي قبول ڪجي، انھن جي رشتن کي سمجھجي، انھن کي ھڪٻئي تي مڙھي نه ٿو سگھجي، جيڪڏھن ادب کي سياست مٿان مڙھي ڇڏينداسين ته ادب مري ويندو، جيڪڏھن اھا غلطي اسان کان ڪٿي ٿي ته اھا نه ٿيڻ گھرجي، ادب کي ريڊيوس نه ٿو ڪري سگھجي، پر ادب ۽ سياست جي صحتمندي رشتي کي ڳنڍڻ گھرجي، ان کي بچائڻ گھرجي، اھو رشتو جيڪو ھڪٻئي کي ساھه بخشي ٿو، ان کي بچائڻ جي ضرورت آھي، اھو ڪم ترقي پسند ۽ عوام دوست قوتون ڪنديون آھن. ادب ۾ جيڪڏھن سياسي موضوع ھوندا ته ان ۾ فن مري ويندو، ادب صرف آئينو نه آھي، جنھن کي جيئن جو تيئن پيش نه ٿو ڪري سگھجي، ادب فن جو نالو آھي، جيڪڏهن ان ۾ سياسي ڳالهھ ڪبي ته اھا سڌي ٿيندي آھي، پر تخيلق جي اھا سگھه ھوندي آھي جو جيئن اياز جي شاعري آھي، جيڪا پنھنجي جمالياتي حسن سان به مالا مال آھي، پر اھا نعرن ۾ استعمال ٿئي ٿي، ان کي نعريبازي ادب نه ٿو چئي سگھجي، ادب برا ادب يا ادب برائي زندگي وارو بحث ھاڻ نبري چڪو آھي. ليڪچر پروگرام جي صدارت ناليواري اديب شاعر الھورايو بھڻ ڪئي. جڏھن ته خاص مھمان سنڌي ادبي سنگت جو رابطا سيڪريٽري غلام حيدر خاصخيلي ھو، ليڪچر پروگرام ۾ سانگھڙ ۽ ڀرپاسي جي سياسي سماجي ۽ اديب دوستن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button