پاڪستانسنڌ

سامارو لڳ چنگچي رڪشا ڪلٽي، پيرسن پٽيل فوت

سامارو: سامارو لڳ چنگچي ڪلٽي ٿيڻ سبب پيرسن پٽيل فوت ٿي ويو. اڪڙي شھر جا رھواسي پٽيل 65 سالن جو گاگن پٽ ڏونگرو مل ميگھواڙ ۽ ٻيا چنگچي رڪشا ۾ سوار ٿي سامارو شھر جي وارڊ 4 جي ميگھواڙ پاڙي ۾ دعوت ۾ وڃي رھيا ھئا ته پٿورو روڊ تي نبي سر واهه جي موري ويجھو چنگچي رڪشا جو اسٽيئرنگ جام ٿيڻ سبب چنگچي رڪشا ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ ڀر ۾ ڪلٽي ٿي کڏ ۾ ڪري پيو، جنھن سبب رڪشا ۾ سوار اڪڙي شھر واسي پٽيل گاگن پٽ ڏونگرو مل ميگھواڙ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي کڻائي وارثن ۽ واٽھڙن اسپتال پھچايو، جتي گاگن پٽيل ميگھواڙ زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد وارث لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button