
ويمنز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ سريلنڪا ويمن ٽيم سخت مقابلي بعد ڏکڻ آفريقا ويمن کي رڳو 3 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا 4 وڪيٽن تي 129 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ بيٽر چماري اتاپٽو 68 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، وشمي گنارتني 35 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ موٽ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 9 وڪيٽن تي 126 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سني ليوس 28، ليورا والورٽ 18، ٽيزمين برٽس 12 رنسن سان نمايان رهيون. اهڙي سريلنڪا جي بالرن مان آئينوڪا راناويرا 3، اوشاڊي راناسنگهي، سگنديڪا ڪماري 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن.