دنيا ۾ جيڪي به مسلم ملڪ ڄاتا وڃن ٿا، اتي حڪمرانيءَ جا پنهنجا ئي انداز آهن، اتي جمهوريت نالي ماتر آهي، جيڪڏهن آهي به سهي ته اها آمريت جهڙي آهي. اتان جا ماڻهو جمهوري حڪمران جي ڀيٽ ۾ ڪنهن آمر کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته رياستي سطح تي عوام جي نفسيات ئي اهڙي تيار ڪئي وئي آهي، جو اهي جمهوريت ۽ سياستدانن کان نفرت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا. جيڪڏهن ڪو سياسي اڳواڻ ووٽ وسيلي چونڊجي ايندو آهي ته ان جي مرضي هوندي آهي ته هو ڪڏهن به اقتدار کان ڌار نه ٿئي ۽ جڏهن هن کان اقتدار هليو ويندو آهي ته اهو اقتدار جو ايترو هيراڪ ٿي ويندو آهي جو وري وري پاڻ کي حاڪم ڏسڻ چاهيندو آهي. اهڙي ريت انهن ملڪن ۾ نه جمهوريت جي واڌ ويجهه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري جمهوري ڪلچر تيار ٿيو آهي. عرب ملڪن کان وٺي ڏکڻ ايشيا جو ملڪ پاڪستان ان جو بهترين مثال آهن.
جنهن ڏينهن کان عمران خان نيازي اقتدار مان تڙجي نڪتو آهي، ان وقت کان وٺي سندس زور ان ڳالهه تي آهي ته کيس وري اقتدار ڏنو وڃي، جيڪي ڦاڙها هن پنهنجي اقتداري دور ۾ ماريا هئا، اهي هو وري مارڻ لاءِ سندرو ٻڌيو بٺيو آهي. پر جيئن ته هن ملڪ ۾ ڪوبه سياسي اڳواڻ عوام جي ووٽ بدران اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ سان اقتدار ۾ ايندو آهي، تنهنڪري عمران خان نيازيءَ لاءِ ووٽ نه پر بوٽن وارن جي مرضي ضروري آهي ته جيئن کيس اقتدار نصيب ٿي سگهي. اڄ به هن جي هر تقرير توڙي ڳالهه جو موضوع جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوا آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ هن جو وڻندڙ جنرل هو. جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته هو هڪ جمهوريت پسند فوجي آهي ۽ هو ڪنهن به ريت هڪ چونڊيل حڪومت خلاف نٿو وڃي سگهي. پر هاڻ جنرل باجوا عمران خان نيازيءَ جي اڻ وڻندڙ شخصيتن ۾ شامل ٿي ويو آهي. تنهنڪري هو تنقيد جو نشانو به بڻجي رهيو آهي.
ڪالهوڪي وڊيو خطاب ۾ عمران خان نيازيءَ جو چوڻ هو ته جنرل باجوا سپر ڪنگ هو ۽ سڀئي اختيار هن وٽ هئا. ان حوالي سان سندس اهو چوڻ به هو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته اختيار آرمي چيف وٽ هجن ۽ ذميواري وزير اعظم تي هجي، ائين نظام نٿو هلي سگهي. اها عجيب ڳالهه آهي جو عمران خان نيازي اهي ڳالهيون هن وقت ڪري رهيو آهي، جڏهن هو اقتدار ۾ نه رهيو آهي. پر اقتدار ۾ هوندي هن جي ٻولي ٻي هوندي هئي، سندس چوڻ هو ته هو هر فيصلي جو ذميوار آهي. هن وٽ سڀئي اختيار آهن. پر هاڻ جڏهن هو چئي رهيو آهي ته سڀئي اختيار آرمي چيف هئا ته ان مان صاف ظاهر آهي ته عمران خان نيازي ڪنهن به ريت عوام جي ووٽن وسيلي اقتدار ۾ ڪونه آيو هو. 2018ع واريون چونڊون ملڪي تاريخ جون سڀ کان وڌيڪ تڪراري چونڊون ان ڪري به رهيون هيون جو عمران خان نيازيءَ کي وزير اعظم بڻائڻ لاءِ هر قسم جي رنڊڪ کي ختم ڪيو ويو. اهڙو ماحول تيار ڪيو ويو جو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي اقتدار کان ٻاهر رکيو وڃي. عمران خان وٽ سادي اڪثريت به ان وقت آئي جڏهن آزاد اميدوارن کي جهاز ڀري ڀري پارٽيءَ ۾ زوري شامل ڪيو ويو. ان کان پوءِ جڏهن هو وزير اعظم ٿي ويو ته هن پهريون ڪم پنهنجن سياسي مخالفن کي چٿڻ جو ڪيو. جنهن ۾ سندس ساٿ ڏيندڙ اڳوڻو آءِ ايس آءِ چيف جنرل فيض حميد شامل هو.
1970ع وارين آزاد چونڊن جي تجربي کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ کي اهو واري ۾ ڪونه رهيو ته وري ملڪ ۾ ڪي آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائجن. تنهنڪري ان وقت کان پوءِ جيڪي به چونڊون ٿيون، اهي تڪراري ليکيون ويون ۽ ڪنهن پارٽي ان جي نتيجن کي دل سان قبول نه ڪيو. پر 2018ع ۾ ته حد ڪئي وئي. جڏهن سڄي دنيا ڏٺو ته چونڊون شفاف ڪونه ٿيون آهن، تنهن هوندي به اقتدار پي ٽي آءِ کي ڏنو ويو.
اڄ عمران خان نيازيءَ کي اهو خوف کائي رهيو آهي ته هن کي نا اهل ڪرايو ويو ۽ کيس لڳي ٿو ته اهو سڀڪجهه نواز شريف جي چوڻ ٿي رهيو آهي. کيس اهي ڏينهن ياد ڪرڻ گهرجن، جڏهن هو نواز شريف کي نا اهل ڪرائڻ لاءِ ڌر ٿيو هو. عدالتن جا چڪر ڪٽيندو رهيو ۽ نواز شريف بنا ڪنهن ڏوهه ثابت ٿيڻ جي نا اهل ٿي ويو ۽ هو اڃا تائين نا اهل آهي. سياست ۾ هر ڏينهن سياستدان لاءِ سٺو ڪونه هوندو آهي. ڏکيا سکيا ڏينهن سڀني تي ايندا رهندا آهن. ڪالهه جن تڪليفن مان نواز شريف گذري رهيو هو، اڄ اهڙيون تڪليفون ته نه، پر ان نوعيت جي ڪجهه تڪليفن مان عمران خان نيازي به گذري رهيو آهي. اهو ممڪن آهي ته عمران خان نيازيءَ سان اهو ئي ٿئي جيڪو نواز شريف سان ٿيو هو. هن کي سياسي ميدان مان ائين ٻاهر ڪڍيو وڃي، جيئن نواز شريف کي ڪڍيو ويو هو.
هن سڄي تجربي مان عمران خان نيازي اهو سکيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڪنهن کي اختيار نٿي ڏئي، پر هن اهو ناهي سکيو ته سياستدان پاڻ ۾ گڏجي ڪيئن اسٽبيلشمينٽ جي اختيار کي گهٽائي سگهن ٿا ۽ ان کان اهو اختيار کسي سگهن ٿا، جيڪو سندن جائز حق آهي. ان کان سواءِ هي ملڪ ڪنهن به ريت جمهوري آزادي نٿو ماڻي سگهي.
مختلف وقتن تي سياسي پارٽيون جهڙي ريت اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجو پاڻ آڇينديون رهيون آهن، ان جو نقصان به سياسي پارٽين کي ٿيو آهي. ڪالهه پي ٽي آءِ جيڪو ڪجهه اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڪري رهي هئي، اڄ اهو ڪم نواز ليگ ڪري رهي آهي، جنهن پنهنجي اڳوڻي نعري ووٽ کي عزت ڏيو تان به هٿ کڻي ورتو آهي. تنهنڪري ملڪ جون سياسي پارٽيون نالي ماتر اقتدار ۾ به خوش هونديون آهن. اهي نه اسٽيبلشمينٽ کان مڪمل اختيار وٺڻ چاهين ٿيون ۽ نه ئي انهن ۾ ايتري سگهه آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪا سياسي پارٽي اهڙي ڪوشش ڪندي آهي ته ڪا ٻي پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي سهولتڪار ٿي ويندي آهي. تنهنڪري جنهن سياسي اختيار جي ڳالهه عمران خان نيازي ڪري رهيو آهي، اهو تڏهن ئي ملي سگهي ٿو، جڏهن عمران خان نيازي به اسٽيبلشمينٽ جو سهولتڪار نه ٿئي.
اڄ به پي ٽي آءِ ان آسري ۾ لڳي پئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ ان سان رابطو ڪري ۽ پي ٽي آءِ جن ڪاررواين کي پنهنجي خلاف سمجهي ٿي، ان کي روڪيو وڃي. پر پي ٽي آءِ ڪڏهن به عوام ڏانهن وڃڻ پسند ڪونه ڪندي. اها عوامي طاقت تي ان ڪري به ويساهه نٿي رکي جو اها عوامي طاقت جي پيداوار ئي ڪونهي. تنهنڪري عمران خان نيازيءَ کي سياسي اختيار جي ڳالهه ان ڪري به نه ڪرڻ گهرجي جو هو پنهنجي مزاج ۾ فاشسٽ رهيو آهي ۽ ان هن وقت اختيار جي معنا ون مين شو آهي.
هاڻ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ اهو طئي ڪري وٺي ته عمران خان نيازيءَ کي وري اقتدار ۾ آڻڻو آهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي طئي ٿيل ساڳين شرطن تي اقتدار ماڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. هو اهو اختيار به وساري ڇڏيندو، جنهن جو ذڪر هو هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڪري رهيو آهي. ملڪ ۾ بااختيار وزير اعظم ٿيڻ لاءِ پهرين سياسي پارٽين کي هڪٻئي خلاف محاذ آرائي بند ڪرڻي پوندي ۽ ان کان سواءِ جمهوري ڪلچر کي هٿي ڏيڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته جمهوري ڪلچر رڳو ووٽ وسيلي اقتدار ماڻڻ جو نالو ڪونهي، پر اهو اسان کي سياسي پارٽين توڙي فردن جي شخصيتن ۾ نظر اچڻ گهرجي.
تنهنڪري سپر ڪنگ ڪنهن جنرل کي نه پر سياستدان کي ٿيڻ گهرجي. جيڪو پنهنجي اختيار کي نه فقط ڄاڻي سگهي پر ان کي عمل ۾ به آڻي سگهي ۽ ڪير هن کان پڇاڻو ڪري ته اهو به جمهوري انداز ۾ ڪري.