ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شڪارين جون ڏند ڪٿائون II-

ان کان پو وري وڻ (کي به خدائن طرفان موڪليل تحفو تصور ڪيو ويو) جنهن ۾ اها سگهه هئي ته سولائيءَ سان پاڻهي تازو توانو ٿي وڃي، اها معجزاتي سگهه به انسان کي نه مليل هئي. ماڻهن کي ٻئي جنم واري حقيقت جي ان وقت به پڪ ٿي ٿي، جڏهن هنن چنڊ کي گهٽجندو ۽ وڌندو ٿي ڏٺو. اهو سخت ۽ رحمدل، ڀئو ڏياريندڙ ۽ آٿت ڏيندڙ قانون جو ثبوت هو. وڻ، پٿر ۽ آسماني گرهه ڪڏهن به عبادت لائق نه سمجها ويندا هئا، پر اهي ان ڳجهي طاقت جا اهڃاڻ هئا جيڪا قدرتي لقائن ۾ هر وقت حرڪت ڪندي ڏسي ٿي سگهجي.
ڪجهه شروعاتي ڏندڪٿائون جيڪي گهڻي ڀاڱي شڪاري دور (پٿرن وارو زمانو) جون آهن، اهي آسمان سان جڙيل آهن، جن مان ڀانئجي ٿو ته انهن ئي انسان کي آفاقيت جو پهريون خيال ڏنو هوندو. ماڻهن کي مذهبي تجربو تڏهن ٿيو، جڏهن هنن آسمان جيڪو لامحدود، پري ۽ هنن جي ننڍڙي دنيا کان الڳ وجود رکندڙ هو، کي ڏٺو. تمام وڏو، پهچ کان ٻاهر ۽ هميشه رهندڙ آسمان هنن مٿان بيٺل هو. اهو ئي روپ مٽائي آسماني مخلوق ٿي وڃڻ جو جوهر هو. ان تي اثر انداز ٿيڻ لا انسان ذات ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. کنوڻين، گجگوڙن، سج ۽ چنڊ گرهڻن، طوفانن، سج جو لهي وڃڻ ۽ انڊلٺن هڪ ٻي سدائين حرڪت ۾ رهندڙ ڏسا ڏانهن اشارو ٿي ڪيو جنهن ۾ ان جي الڳ نرالي حياتي هئي. آسمان بابت سوچ ماڻهن کي ڏک ۽ خوشي ٿي ڏني، کين حيراني ۽ ڀئو ٿي ڏنو. آسمان کين پاڻ ڏانهن ڇڪيو به ٿي ته پاڻ کان پري به ڪيو ٿي. مذهبي تاريخ جي وڏي عالم روڊلف اوٽو (Rudolf Otto) چواڻي ته اهو (آسمان) بنا ڪنهن تصوراتي ديوتا جي ئي پنهنجي فطرت ۾ لامحدود هو. آسمان پراسرار ۽ ڳجهن سان ڀريل هو.
اهو اسان کي ٻنهي ڏندڪٿائي ۽ مذهبي شعور کان روشناس ڪرائي ٿو. اسان جي اڄوڪي تنقيدي شعور رکندڙ سماج ۾ گهڻي ڀاڱي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته ماڻهو انهي ڪري مذهبي آهن جو کين انهن خدائن، جن جي اهي عبادت ڪن ٿا، مان ڪا نه ڪا لالچ آهي. انهن (ماڻهن) کي خاص سگهه جي طلب آهي. اهي وڏي حياتي، بيمارين مان ڇوٽڪارو ۽ ابدي زندگي چاهين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته خدائن کان اهي تحفا حاصل ڪرڻ لا کين (خدائن کي) قائل ڪري سگهجي ٿو. پر حقيقت ۾ اهو شروعاتي اوتار وارو عقيدو ڏيکاري ٿو ته عبادت ڪرڻ لا ڪنهن ذاتي مفاد جو هجڻ ضروري ناهي. ماڻهن کي آسمان کان ڪجهه به نٿي کپيو ۽ کين ڀلي ڀت سُڌ هئي ته اهي ان تي ڪنهن به نموني اثرانداز نٿي ٿي سگهيا. آڳاٽي زماني کان ئي اسان پنهنجي دنيا کي پراسرار ڳجهن سان ڀريل ڄاتو آهي. اها اسان کي حيراني ۽ اچرج ۾ وجهي ڇڏيندي آهي، جيڪو عبادت ڪرڻ جو جوهر آهي. گهڻو پو بني اسرائيل وارا ان مقدس هستي لا qaddosh جو لفظ استعمال ڪندا. اهو “ٻيو ۽ الڳ” هو. حقيقي طور آسماني مخلوق ۾ مٽجي وڃڻ وارو تجربو پنهنجي پاڻ ۾ پوري ريت مطمئن ڪندڙ هو. ان ماڻهن کي جمالياتي تجربو ڏنو ٿي. جنهن انهن کي هنن کان مٿانهين (هستي جي) وجود جي سُڌ ڏني ٿي ۽ کين جذبن جي حوالي سان ۽ تخيل ۾ پنهنجن محدود لقائن کان مٿانهين سوچ ٿي ڏني. اهو تصور کان ئي ٻاهر هو ته ڪو آسمان کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو وڃي ته اهو غريب ۽ ڏتڙيل انسانن جي مرضي موجب عمل ڪري.
پٿر واري دور کان گهڻو پو به آسمان مقدس هجڻ جي علامت طور ڀانيو ويندو هو. پر (ڏندڪٿا جي) شروعاتي اوسر مان ڄاڻ ملي ٿي ته جيڪڏهن ان تمام گهڻي تبديل ٿيندڙ حقيقت جي ڳالهه ڪئي ته اها ناڪام ٿي ويندي. جيڪڏهن ڏند ڪٿا ماڻهن کي ڪهڙي به طريقي سان ڪنهن مقدس هستي سان نٿي ڳنڍي ته اها هنن کان شعوري طور پري ۽ ڌندلي ٿي ويندي. اسان کي ان جي حتمي ڄاڻ ناهي ته اهو ڪهڙو دور هو جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ماڻهن آسمان (خدائن) کي انساني روپ ڏنو. انهن “آسماني خدا” يا “مها خدا” جون ڪهاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيون، جنهن اڪيلي ئي ڪجهه به نه مان آسمان ۽ زمين تخليق ڪيا. اهو آڳاٽو هيڪڙائيءَ جو تصور لڳ ڀڳ ان پٿر جي دور جو ئي آهي. گهڻن خدائن جي پوڄا کان اڳ دنيا جي مختلف حصن ۾ رهندڙ ماڻهن هڪ “مها خدا” کي مڃي ورتو، جنهن دنيا تخليق ڪئي ۽ جيڪو ڪنهن ڏورانهين هنڌان انساني معاملن کي قابو ڪري رهيو هو.
لڳ ڀڳ هر مندر کي پنهنجو “آسماني خدا” هوندو آهي. علم انسان جي ماهرن کي اهو (هڪ خدا جو تصور) انهن قبيلائي ماڻهن (Pygmies, Australians, and Fuegians) وٽان به مليو آهي. اهو ئي هر شيءِ جو پهريون ڪارڻ ۽ آسمان ۽ زمين جو حاڪم آهي. اهو ڪڏهن به خاڪن سان نه سڃاتو ويندو آهي ۽ ان جو نه ڪو پنڊت آهي نڪوئي ڪو مندر، ڇو ته اهو انساني فرقن کان گهڻو مٿانهون آهي. ماڻهو سندن مها خدا کي عبادت وسيلي ياد ڪندا آهن، ان ويساهه سان ته اهو کين ڏسي رهيو آهي ۽ کين گناهن جي سزا ڏيندو. ان هوندي به اهو سندن عام رواجي زندگين مان غيرحاضر هوندو آهي. قبيلائي ماڻهن موجب ان (آسماني خدا) جي وصف نٿي ڪري سگهجي ۽ هن جو انساني دنيا سان ڪجهه به نه وڃي. اهي مصيبت جي ويل ان کي پڏائي سگهن ٿا نه ته اهو غيرحاضر آهي ۽ اڪثر ان لا چيو ويندو آهي ته هو “ڪيڏانهن ڏور ويل آهي” يا “وڃائجي ويل آهي.”
قديم عراقين (Mesopotamians)، ويدي هندستانين (Vedic Indians)، يونانين ۽ ڪعنان وارن جا “آسماني خدا” ان نموني ننڍڙا يا ڪمزور هئا. انهن سڀني ماڻهن جي ڏندڪٿائن ۾ مها خدا گهڻي ڀاڱي پاڇولي ۾ رهندڙ آهي، ڪمزور ديوتا آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ان کان وڌيڪ نرالا، دلچسپ ۽ سولائيءَ سان رسائي ۾ اچڻ وارا ديوتا جهڙوڪر اندرا، انلل ۽ بال مدد لا ايندا آهن. اهڙيون به ڪهاڻيون موجود آهن جيڪي ٻڌائين ٿيون ته اهو آسماني خدا ڪيئن معزول ٿي ويو. مثال طور يوناني آسماني خدا Ouranos کي اصل ۾ هن جي پٽ Kronos ئي هڪ ڏند ڪٿا موجب خصي ڪري ڇڏيو، اها ڏند ڪٿا انهن خدائن جيڪي انساني زندگين مان ئي نڪري چڪا هئا، جي ڪمزور هجڻ کي ظاهر ڪري ٿي. هر طوفان ۾ ماڻهن کي بال جي مقدس سگهه جو احساس ٿي ٿيو، انهن هر ڀيري جنگي تباهڪارين ۾ اندرا جي سگهه کي محسوس ٿي ڪيو. پر انهن پراڻن آسماني خدائن انسان جي عام رواجي زندگين کي ذرو به متاثر نٿي ڪيو. ان شروعاتي اوسر اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن بنيادي طور انسانن کي ڇڏي ڏند ڪٿا جو مرڪز رڳو ماورائي فطرت هوندو ته اها ڪامياب ڪونه ٿيندي. (هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button