جنھن وقت پاڪستان ڪوڙي، ڪرپٽ ۽ پاپي سياست جي پڃري ۾ پنھنجا پر کوھي رھيو آھي. ان وقت ٻن مھان آرٽسٽن جو الوداع ڪرڻ ڪنھن عظيم الميي کان گھٽ ناھي. ھڪ تھ پنجاب جو پيارو شاعر امجد اسلام امجد اسان کان وڇڙي ويو ۽ ٻيو گذريل ڏينھن ضياءَ محي الدين گذاري ويو.
امجد اسلام امجد ڪيترن ئي رواجي ۽ ڪجھھ انتھائي غيررواجي ۽ تمام خوبصورت گيتن جو خالق ھو. ھن جو ھڪ گيت تھ تمام حسين آھي. اھو گيت جيڪو نورجھان نھايت پياري انداز سان ڳايو آھي. اھو گيت جنھن جا ٻول آھن:
”مين تيري سنگ ڪيسي چلون سجنا
تو سمندر ھي مين ساحلون ڪي ھوا“
ان گيت ۾ جيڪي اڳيان مصرع آھن، انھن ۾ تخليقيت جا بيشمار جلوا جھرمر ڪن ٿا. جڏھن ھو نھايت آسان اردوءَ ۾ٻڌائي ٿو تھ ”جڏھن تون ھلڻ ٿو لڳين، تڏھن ستارا بھ ھلڻ ٿا لڳن. لڙڪن وانگر!“ ان گيت ۾ اھي ٻول بھ آھن تھ ”تون منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ جھلي ٿو ھلين. اھا تنھنجي مھرباني آھي.“ ان جو آخري مصرع آھي:
”ميري منزل بني تيرا ھر راستھ
تو سمندر ھي مين ساحلون ڪي ھوا“
جڏھن پاڪستان جي سياست پنجاب ۾ بيھودو ميدان سجائي ويٺي آھي. جڏھن ھر اقتداري جوئاري ھارائڻ جي توائيءَ ۾ وات ڀري گاريون ڏيندو ھجي. جڏھن پوليس پراڻن حڪمرانن جا لٽا لاھيندي ھجي. ان وقت گلن ڦلن جھڙا گيت جھونگارڻ ۽ ريشمي آنچلن کي اڏرندو ڏيکارڻ واري شاعر جي ھن دنيا مان موڪلاڻي غمگين تھ ضرور ڪندي. ڇو نھ ڪندي اداس ۽ اٻاڻڪو، ان ڪويءَ جي جدائي، جنھن لکيو ھو:
”سر سي ليڪر پيرون تڪ
دنيا شڪ ھي شڪ سائين
تم سچي برحق سائين“
اھو امجد اسلام امجد بھ اسان جي ماحول ۾ نھ رھيو، جنھن جي ڪري پنجاب جي فضائن ۾ گيت ۽ سنگيت جو جادو مٽيءَ جي ڏيئي وانگر جلندو ھو.
ڪراچي تھ ھڪ شودو شھر آھي. ڪراچيءَ ۾ زندگي بي رحم بازار ۾ روز وڪامندي آھي. اھو شھر جنھن ۾ سرمايو ئي سڀ ڪجھھ ھجي. جنھن ۾ ڪرپٽ ڪامورا ۽ لينڊگريبر اقتداري گھٽين ۾ ھٿ ھٿ ۾ ڏئي ھلندا آھن. جتي دھشتگرد وزيرن سان جام ڇلڪائي نعرا ھڻندا آھن. جتي سياسي ملان پنھنجا اڪائونٽ پنھنجن پيٽن وانگر ڀريندا آھن. جتي چور بازاري ۽ زخيرا اندوزي بزنس سمجھي ويندي آھي. جتي اصلي ۽ نقلي شين جي وچ ۾ ڪا بھ لڪير ڪڍڻ آسان نھ آھي. اھو شھر جيڪو روڊ تي تڙپندڙ انسان طرف ڪنڌ ورائي ڏسڻ جي فرصت کان محروم آھي. اھو شھر جنھن لاءِ اھو فيصلو ڪرڻ آسان نھ آھي تھ ان ۾ جسم فروشي وڌيڪ ٿيندي آھي يا ضمير فروشي؟ ان شھر ۾ آرٽ جي تند تنواريندڙ شخص ھڪڙو ئي تھ ھو ۽ اھو ھو ضياءَ محي الدين! ھو جيڪو پنھنجي نالي جيان نرالو شخص ھو. ھن جي تن من ۾ ڪلا جو ڪامڻ ھو. ھن جو پورو وجود آرٽ سان ونگيل ھو. ھو فقط وائيس آرٽسٽ نھ ھو پر ھن ۾ جيڪو ذوق ھو اھو ڪمال جو ھو. ھن ۾ جيڪو شوق ھو، ان جي ڪا حد نھ ھئي. ھو پاڻ شاعر نھ ھو پر ھو شاعريءَ کي جنھن انداز سان پيش ڪندو ھو، اھو فقط ھن جو ھنر ھو. اھا فقط ھن جي ڏات ھئي تھ ھو جھڙي ريت ڪنھن بھ شعر کي جھونگاريندو ھو تھ ٻڌندڙ مٿان جادو ڪري ڇڏيندو ھو. ھو پنھنجي محفل ۾ ماڻھو موھي ڇڏيندو ھو. جڏھن ھو مرزا غالب جا غزل پڙھندو ويندو ھو. ڪھندو ويندو ھو. جڏھن ھو فيض احمد فيض جي اڳواٽ سوين ڀيرا پڙھيل ۽ ٻڌل شاعري رس ڀري آواز ۾ پيش ڪندو ھو تھ ائين محسوس ٿيندو ھو، ڄڻ اسان اھي ٻول پھريون ڀيرو ٻڌي رھيا ھجون. ھو فقط غزل ۽ گيت ئي نھ پر آزاد نظم بھ ائين پڙھندو ھو جو انھن ۾ ترنم جا ڪيترا چشما ڦٽي پھاڙي نديءَ وانگر ڇل ڇل ڇلندي وھڻ لڳندا ھئا. جنھن بھ ھن جي آواز ۾ ن.م راشد جو طويل نظم ”حسن ڪوزه گر“ ٻڌو ھوندو، اھو ان شخص کي ڪڏھن بھ فراموش نھ ڪري سگھندو، جنھن جو نالو ھو ضياءَ محي الدين!
”حسن ھوش مين آ
حسن اي محبت ڪي باري
محبت اميرون ڪي بازي“
۽ ھو فقط نظم پيش ڪرڻ ۾ ڪمال نھ رکندو ھو پر ھو جڏھن اردو نثر بھ پڙھندو ھو تھ ائين لڳندو ھو تھ ڄڻ ليکڪ جو روح پکي بڻجي ٻولي رھيو آھي.
ڪاش! ڪوئي ھن جي واتان پڙھيل ۽ پيش ڪيل غالب جا خط ٻڌي.
ھو جيڪو اصل ۾ شيڪسپيئر جو عاشق ھو. ھو اصل ۾ ٿيٽر جو بندو ھو. ھو جڏھن شيڪسپيئر کي پراڻي ۽ ڪلاسيڪل انداز ۾ پڙھندو ھو تھ ائين لڳندو ھو، ڄڻ ٽيمس نديءَ ۾ ٻوڏ اچي وئي آھي ۽ لھرون لپڪي ھڪٻئي سان وڙھنديون ٿيون وڃن. ھن جي انداز ۾ جيڪا بي ساختگي ۽ ھن جي لھجي ۾ جيڪا لاهه چاڙهه ھئي. ھو جھڙي ريت لفظن جا احساس تلاش ڪري ايندو ھو ۽ ھو جھڙي ريت سٽن سان سيسڙاٽ ڪڍي وٺندو ھو. اھو فن فقط ئي فقط ھن جو ھو.
ھن سان منھنجي ملاقات ناقابل فراموش يادگيري جھڙي آھي. جڏھن مان عمر قاضيءَ سان گڏجي ھن وٽ ويو ھئس. جڏھن مون ھن کي چيو ھو تھ اسان جي اھا وڏي خواھش آھي تھ ضياءَ محي الدين شيخ اياز جي اردو شاعريءَ کي پنھنجي انداز ۾ پيش ڪري تھ ھن خوشيءَ سان قبول ڪيو. ھو ان وقت بھ لڳ ڀڳ نوي سالن جو ھو. ھو چانھن پيئڻ کان پوءِ نھايت نفاست سان سگريٽ دکائي ڪش ھڻڻ لڳو تھ مون کانئس پڇيو. ”توھان ھن عمر ۾ بھ سگريٽ پيئندا آھيو؟“ تھ ھن منھنجي ڳالھھ جو مرڪي جواب ڏنو ھو تھ ”اھوئي تھ حسن جو راز آھي.“ ھو واقعي حسين ھو ۽ ھن جي حسن جي راز مٿان سدائين پردو پيل رھندو.
مون کي اھا شام بھ ياد آھي. جيڪا شام منھنجي ادبي زندگيءَ جي ھڪ يادگار ۽ خوبصورت شام ھئي. جڏھن ضياءَ محي الدين اياز جي اردو شاعري پڙھڻ لاءِ آيو ھو. ان شام آرٽس ڪائونسل ھو ھال کچا کچ ڀريل ھو. ان ھال ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ نھ ھئي. ڪراچيءَ ۾ جنھن جنھن کي بھ ادب جي آرزو رھي آھي، اھو ماڻھو اتي موجود ھجڻ جا جتن ڪري رھيو ھو. ان شام مان تھ پنھنجي فيمليءَ سميت پٽ تي ويٺل ھئس پر مون کان سواءِ پوري پيپلز پارٽيءَ ۾ اڪيلو اشراف شخص تاج حيدر بھ ڏاڪڻ تي ويٺل نظر آيو ۽ اڳوڻو آءِ جي منھنجو دوست مشتاق مھر بھ دروازي وٽ ھڪ ڏاڪي تي ويٺي ضياءَ محي الدين جي آواز ۾ اياز ٻڌڻ آيو ھو.
ان شام مون وڏي واڪي سان اظھار ڪيو ھو تھ اڄ آئون ايترو خوش آھيان، جيتري خوشي ماڻھوءَ کي ان مھل ٿيندي آھي، جڏھن ھن جو ڪو وڏو خواب تعبير جو پھراڻ پائي مرڪندو ھجي. سپنا ساڀيان ٿي پون تھ ٻيو ڇا گھرجي؟
ضياءَ محي الدين کان اياز ٻڌڻ ۽ ان کي رڪارڊ ڪري تاريخ جو حصو بڻائڻ ڪنھن عظيم ڪارنامي کان گھٽ نھ ھو ۽ اھو وڏو ڪم مون قاضي عمر سان گڏجي ڪيو ھو. ان وقت منھنجون اکيون آليون ٿي ويون ھيون، جڏھن ضياءَ محي الدين اياز جو اھو اردو نظم پڙھيو ھو:
”بارشين ھونگي
ره ھستي پھ تھم جائي گي دھول
اور دونون طرف گھري سرخ ڦول
جب کلين گي
تب ملين گي
تاافق جس وقت ھوگي
اڪ فضاءَ سرخ رنگ
اپني ڪاشانون ڪو لوٽين گي ڪلنگ
سب ملين گي
تب ملين گي
تيري ميري آنسوئون سي
ايڪ طوفان آئي گا
بعد سب مٽ جائي گا
ڪب ملين گي
ڪب ملين گي“
اھو گيت ان ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي صدا جھڙو ھو.
ڪراچي جنھن ۾ سنڌي اڄ گھٽ ۽ ڪالھھ وڌيڪ اجنبي ھئا. ان شھر ۾ سنڌي ائين محسوس ڪندا ھئا، جيئن پيٽرس برگ ۾ دوستو وسڪي محسوس ڪندو ھو. جڏھن ھن جو ھڪ ڪردار پنھنجي جسم فروش محبوبا کي خون دل سان خط لکندو ھو ۽ ھن ھڪ خط ۾ اھو بھ لکيو ھو تھ ”جڏھن امير ماڻھو مشعل بردار بگين ۾ پھنجون نازڪ ۽ حسين ناريون وڏي پروٽوڪول سان ويھاري ھلندا آھن، تڏھن تون مون کي شدت سان ياد ايندي آھين. ان وقت مون کي محسوس ٿيندو آھي تھ ماڻھوءَ جو روح وڏن شھرن جي ديو قامت پيرن ھيٺان چٿيل ۽ چيھاڙيل آھي.“
ڪراچي جنھن ۾ اياز جواني گذاري ۽ جنھن ۾ اياز جھوني وھيءَ جا حسين وڙ وڪڙ ڏٺا.
ڪراچي جنھن جي ڏينھن راتين تي اياز پنھنجو نھايت پيارو ڪتاب لکيو.
ڪراچي جنھن ۾ ڪلاشڪوف جا برسٽ شاديءَ جي رات ٿيندڙ آتش بازين وانگر اڏامندا ويندا ھئا.
ڪراچي جنھن ۾ سنڌين جو خون ائين وھندو ويو ھو، جيئن اياز جو اھو نظم تھ:
”اب تو ڀنگي ڌو گئي ھين راستون ڪو
خون انسان ناليون مين جم گيا ھي
خون انسان ڪل يھان پر بھھ رھا تھا
اور سبھي سي ڪھھ رھا تھا
مين ڪھ مڇلي اور چاول سي بنا ھون
نغمھ ٽيگور بھي ھون
اور سگندھون مين پلا ھون
مجھھ سي ايڪ ٽيڪا تو لگائو
اس طرح مين رائگان جاني نھ پائون“
ان ڪراچيءَ جي آرٽس ڪائونسل ۾ اياز جي اردو شاعري شعلن وانگر ڀڙڪي رھي ھئي ۽ آرٽ جي الن کي رقص ڪرائڻ وارو شخص ھو ضياءَ محي الدين!
اھو ضياءَ محي الدين جنھن اردو آباديءَ جو قرض ادا ڪندي اياز کي ھن جو ادبي حق موٽائي ڏنو ھو. ان مھل گھڙين جا ڪانٽا تھ ھلي رھيا ھئا پر وقت رڪجي ويو ھو، جڏھن ھن جھونگاريو ھيو تھ:
”اس سمت ڀٽائي گليون مين
ڪل خون مين لت پت ديکا تھا
اڪ خنجر اس ڪي سيني مين
پيوست ھوا، وه آن گرا
جب مين ني اپني جھولي مين
اس ڪي زخم ڪو سھلايا
تو ڪيا ديکا وه خسرو تھا
تاريخ ڪي خوني سفاڪو
تم ڪب تڪ خون بھائو گي؟“
اھو سوال سنڌ جي سياست جي سيني ۾ اڄ بھ ھڪ خنجر وانگر کپيل آھي.
آخر ڪيستائين ھي نفرت ۽ ھيءَ عدم اعتباري!
آرٽسٽ سماجن کي ٽٽل گلدستن وانگر جوڙيندا آھن.
آرٽسٽ تھ زندگيءَ جي پريشان زلفن ۾ مسڪرائيندڙ گل سجائيندا آھن.
آرٽسٽ بھ فاني انسان ھوندا آھن.
آرٽسٽ بھ ائين مري ويندا آھن، جيئن گذريل ڏينھن ضياءَ محي الدين مري ويو.
آرٽسٽ مري سگھي ٿو پر آرٽ زنده آھي.
آرٽسٽ مري ويندو پر ھن جو آواز تھ امر آھي.
جيڪڏھن ائين نھ ھجي ھا تھ اسان جو اياز ڇو لکي ھا؟
”واڪي منجھھ وجود کي ڦيرايو آ مون
موت تڪين ٿو تون، مٺ ھڏن جو مامرو.“