ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪتابِ دل

Editorial-Article- Irshad Leghari

ڪتابِ جنهن پڙهي ڏٺو تنهن
وري پڙهيو ڪو ڪتاب ڪونهي
دل حرف اول، دل حرف آخر
سوال ڪونهي، جواب ڪونهي!!
آشرم جي انهي جڳ مشهور ٻول جيان ڪتاب هن به اصل ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر پڙهيا آهن پر جيڪي به ٻه چار پڙهيا اٿائين، تن مان ياد وڃي ڪا ڪا ڳالهه بيٺي اٿس. جڏهن ته آشرم سان شناسائي واري پهرئين پل کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن نثر توڙي نظم ۾ ڀڪشوئن کان جيڪي ڪجهه به ٻڌو ۽ ڏٺو آهي، سو سڀ سيني ۾ جيئن جو تيئن سمايل اٿس. ۽ ها تنهن ڏينهن به کيس ڪنهن ڏاهپ جي ڪتاب ۾ پڙهيل اها سٽ ياد پئي آئي ته:
“انسان جي مڪمل نجات اوستائين ممڪن ناهي جيستائين ٽن شين جو مڪمل ادراڪ نٿو ماڻي. انهن ٽن شين ۾ سڀ کان اول آهي فطرت، جنهن کان پوءِ اچي ٿو سماج ۽ ٽين آهي انسان جي پنهنجي ذات.”
ظاهر آهي هي جيئن ته خيال جي قافلي مان آهي، تنهن ڪري فطرت توڙي سماج ڏانهن جيڪي سائنسي رويا ۽ رجحان آهن يا جيڪو ان ڏس ۾ جديد دريافتن جو علم توڻي هنر آهي، تنهن جي ته هن کي ڪا ُسڌ ُٻڌ ناهي. بس ايترو سو ڪري سگهيو آهي ته جيڪي ان علم جي ڄاڻ جا دعويدار آهن، تن کي پنهنجي وس موجب جيترو به ممڪن ٿي سگهيو آهي، ويجهي کان وڃي ڏٺو اٿائين ته انهن جو علم کين ڪيئن ٿو جيئڻ سيکاري؟ ۽ ساڳي ريت آشرمين جي جيئڻ جا سانگ به ُرلي ُرلي پروڙيا اٿائين. جنهن کان پوءِ هن کي اهو سمجهه ۾ آيو آهي ته جيڪو پنهنجي ذات جو ادراڪ ماڻي وٺي ٿو، تنهن لاءِ فطرت ۽ سماج سڻاوا ٿي پون ٿا. پر جيڪي پنهنجي ذات جي ادراڪ کان اوپرا رهجي ٿا وڃن، سي ڀل فطرت ۽ سماج جي سائنس جو سمنڊ جهاڳي اچن، تڏهن به انهن مان اويساهي آخر تائين نٿي وڃي. ۽ جيستائين ڪنهن مان اويساهي نٿي وڃي، تيستائين اهو ڪنهن به ڄاڻ مان ٽٻي هڻي اچڻ جي ڳالهه ڪيئن ٿو ڪري؟ خير هن جو مقصد ڪڏهن به ڪنهن ٻئي کي مڃڻ مڃائڻ نه پر رڳو پنهنجي اندر جي اسرار جون مختلف ڪيفيتون سلڻ رهيو آهي، تنهن ڪري اجاين بحثن کان پاسو ڪري، هن سدا ڳوليون آهن اهي صورتون، جن کي پسي، ايئن لڳندو آهي ته واعدي واري ڏينهن هي به انهن جي آسپاس هو.
۽ اڄڪلهه هو اهڙي ئي هڪ صورت جي اسرار ۾ جڏهن ُرلي ٿو، تڏهن هن جو فطرت توڙي سماج سان پاڻمرادو ڳانڍاپو جڙي پيو آهي. باقي ذات جي سوال کي ته هو تنهن ڏينهن کان پنهنجي گودڙي ۾ کڻي گهمي رهيو آهي، جنهن ڏينهن کان سندس سماعت ۾ مرشد جي ان خيال سڻڻ سان اصل ساهه پيو هو ته:
حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو
۽ هن وقت هي جنهن صورت جي ڌيان ۾ ُرلي ٿو، تنهن جو به اسرار اهو ئي ته آهي جو هيستائين هي ساڻس فقط هڪڙي ئي سڏ پڙاڏي مان گذريو آهي پر محسوس ايئن ٿو ٿئي ته هن کي پنهنجي ان ساز جي تار ملي وئي آهي، جنهن ساز کي هن سالن کان ان يقين سان سنڀالي رکيو آهي ته جڏهن به ان ساز پاڻ چيو ته:
“ها! مون کي تار ملي وئي آهي”
تنهن ڏينهن هو ان تار سان جڙي، اها ُڌن تخليق ڪندو، جيڪا سڄي جهان جي ٽٽل دلين لاءِ دلاسو بڻبي. ۽ هن کي هاڻ لڳي ٿو ته اهو وقت ويجهو اچي ويو آهي، جنهن ۾ هن جي ساز کي تار ملڻي آهي. اهڙي يقين کي سندس شهر مٿان آهستي آهستي ڇائنجدڙ بسنت اڃا به ويتر سگهارو ڪرڻ لڳي آهي. اڃا ڪالھه هن آسمان ۾ رُت منڊل ڏسي اهو اڃا سوچيو ئي پئي ته:
“جي نه اڄ بهاري ٿي پئي ته هوند آشرم جي اڃايل وڻن جي َمر لهي پوي”
هن اڃا اهو سوچيو ئي مس ته بسنت ُرت مهربان روپ ڌاري سندس آشرم مٿان ڇانئجڻ شروع ڪيو ۽ ڪڻيون ڪڻيون ٿي وسندڙ بادلن جي رٿ ۾ هن کي وري به اها صورت ئي نظر آئي، جنهن سان جيتوڻيڪ اڃا پنڌ جي هن باقائدي ڪابه مام ته نه سلي آهي، پر کيس محسوس ايئن ٿو ٿئي ته هڪڙي ئي نهار ۾ سلهاڙجڻ واري شام کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، هنن ٻنهي گڏ پنڌ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهو پنڌ، جنهن ۾ محڪوم ۽ پيڙيل زندگي جي شفا جو ثمر مطلوب آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button