لکڻ ۽ پڙهڻ جي شروعات مرحلي وار ٿيندي آهي. گھڻو ڪري ان عمل جي ابتدا ڪهاڻين سان ٿيندي آهي جيڪي پاڻ کان وڏا ننڍن کي ٻڌائيندا آهن. اسان وٽ اهڙي ڪا باقاعدي روايت نه هئي. باقي هڪ ٻار جيان نين ۽ دلچسپ ڳالهين کي ڄاڻڻ جي خواهش ضرور هوندي هئي.
منهنجو ننڍو مامو، جنهن جي عمر منهنجي وڏي ڀا جيتري هئي، کي فلمن ڏسڻ جو شوق هوندو هو. ان وقت منهنجي ناني جو گھر بغدادي جي علائقي ۾ هو. جيتوڻيڪ اتي بجلي نه هئي پر اسان ان شوق ۾ اتي رات جو وڃي رهندا هئاسين ته اسان جو هي مامو اسان کي انهن فلمن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو جيڪي هو ڏسي ايندو هو. اھا شي اڃا وڌيڪ اڳتي وڌڻ لا اتساهيندي هئي. شايد منهنجي فلمن ڏسڻ جي شوق جو اهو به هڪ ڪارڻ هو. منهنجو اهو معمول هو ته هر ٻئين هفتي آئون اڪيلو يا ڪنهن دوست سان فلم ڏسڻ ويندو هوس. ان جي لا ڪڏهين ايڊوانس بڪنگ ته ڪڏهين سينيما تي وڃي ان مهل ٽڪيٽ وٺندو هوس. سينيما جي گھر جي ويجھو يا پري هئڻ جو مسئلو نه هو. ڪڏهين ڪڏهين ائين ٿيندو هو ته ڪنهن پسند جي فلم ڏسڻ لا پي اي سي ايڇ ايس ۾ سوسائٽي سينيما تائين به ويندو هوس.
ان دور ۾ مختلف اردو اخبارن ۾ ڪهاڻين جا سلسلا هلندا هئا. اهڙي ريت جنگ ۾ ٽارزن جي ڪهاڻي هوندي هئي. ان کي پڙهڻ لا بابا جي ڪم تان موٽڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو جيڪو پاڻ سان جنگ اخبار کڻي ايندو هو. ساڳي طرح منهنجو هڪ چاچو حريت اخبار گھرائيندو هو جنهن ۾ فينٽم جي سلسليوار ڪهاڻي ايندي هئي. آهستي آهستي انهن اخبارن ۾ ڇپجندڙ ڪالم ۽ مضمون خاص طور جنگ ۾ ابراهيم جليس جو وغيره وغيره ۽ حريت ۾ نصرالله جا ڪالم ۽ اخبارن جون خبرون وغيره پڙهڻ شروع ڪيون.
پاڙي ۾ ڪتابن جا اهڙا دوڪان هئا جيڪي هڪ آني روز جي حساب سان ڪتاب ڏيندا هئا. اتان به گھڻو ڪري ٻارن جي ڪهاڻين جا ڪتاب وٺي ايندو هوس. آئون شايد اٺين درجي ۾ هوس، منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ آدم اوکائي هو. ان سان منهنجي دوستي ٿي ويئي جيڪا آئون سمجھان ٿو ته منهنجي تعليمي ڪيريئر ۽ لکڻ پڙهڻ وغيره جي لحاظ کان هڪ اهم موڙ هو. ان وقت پاڙي ۾ منهنجا دوست گھٽ هئا. آدم جو اهو روٽين هو ته هو روز ميمڻ سوسائٽي ۾ اخبارن وغيره پڙهڻ لا اوکائي ميمڻ لائبريري ويندو هو جتي ٻئي فلور تي پڙهڻ جي سهولت به هوندي هئي. آئون به شام جو روز اتي وڃڻ لڳس. لائبريري ۾ اخبار پڙهڻ کانپو اسان ڪجھه ڄڻا ٻاهر دڪي تي اچي ويهندا هئاسين. ان وقت همدرد نونهال جي نالي سان حڪيم سعيد جي نگراني ۾ ٻارن لا هڪ رسالو نڪرندو هو ۽ شايد اڃا به نڪرندو آهي. اسان لا ان رسالي جي ڇڪ ان ريت هوندي هئي ته ان ۾ هر مهيني مختلف سوال ايندا هئا. انهن سوالن جي صحيح جواب ڏيڻ وارن جا فوٽو ايندڙ مهيني جي رسالي ۾ شائع ٿيندا هئا. اسان سڀ دوست گڏجي ويهي انهن جا جواب ڳولهيندا هئاسين ۽ اهي پو رسالي جي ڏنل پتي تي پنهنجي فوٽو سان گڏ موڪليندا هئاسين ۽ ايندڙ مهيني جي رسالي جو انتظار ڪندا هئاسين. هن وقت گھڻين عام ڀلائي وارين جاين جيان اها لائبريري به بند ٿي ويئي آهي ۽ ان جي جا تي اپارٽمنٽ ٺهي ويا آهن.
ان ريت مون ۾ نصابي ڪتابن پڙهڻ جو شوق پڻ پيدا ٿيو. ستين ڪلاس تائين آئون مڙيئي ائين پاس ٿيندو ايندو هوس پر اٺين جي اسڪول جي امتحانن ۾ منهنجو پهريون نمبر آيو. ان جي مڃتا ۾ اسڪول جي ٿيل تقريب ۾ مون کي ٽي ڪتاب ڏنا ويا. انهن ڪتابن جي مواد ۽ عنوان متعلق ته مون کي گھڻو ياد ناهي پر هڪڙي ڳالهه ياد آهي ته انهن ۾ هڪ ڪتاب دنيا جي مختلف مشهور شخصيتن متعلق هو جنهن ۾ زار جي روس جي مشهور ڪردار راسپوتين متعلق مضمون پڻ شامل هو.
ايستائين منهنجو سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن وغيره سان ڪو خاص واسطو نه پيو هو. ستر جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ڪراچي مان هلال پاڪستان اخبار جو جاري ٿيڻ منهنجي زندگي ۾ هڪ ٻيو اهم موڙ هو. بابا جنگ اخبار بند ڪري هلال گھرائڻ شروع ڪئي.
ان وقت ٻولي جي بل جي منظوري ڪري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا هئا. ان جي ڪري هڪ جذباتي صورتحال پيدا ٿي پيئي هئي. اخبارن ۽ ليکڪن جو ان کان متاثر ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه هئي. ان سلسلي ۾ امر جليل جو ڪالم تنهنجيون منهنجيون ڳالهيون، جيڪو هفتي ۾ پنج ڏينهن ايندو هو، دلچسپي جو باعث هوندو هو. هينئر آئون سوچيان ٿو ته مون کي لڳي ٿو ته امر جليل جي ان ڪالم سنڌي ماڻهن ۾ قوم پرستي کان وڌيڪ نسل پرستي کي همٿايو ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ ويڇن کي وڌائڻ ۾ هڪ ڪردار ادا ڪيو. ساڳي وقت ان ڪالم مون کي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ لا هڪ اتساهه پڻ ڏنو.
منهنجي لا هڪ مثبت ڳالهه اها هئي آئون جيتوڻيڪ سنڌي ادب ۽ اخبارن سان گھڻو مانوس نه هوس پر منهنجي انٽرميڊيٽ تائين ميڊيم سنڌي رهي هئي. ان ڪري سنڌي ادب ۽ صحافت وغيره سان منهنجو تعارف ٿيو ته مون کي گھڻي ڏکيائي نه ٿي. هلال جي ڪري سنڌي ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيس ۽ مختلف سنڌي رسالن، ڪتابن ۽ ليکڪن سان تعارف ٿيو.
منهنجي پڙهڻ جي عمل ۾ منهنجي سياسي سوچ ۽ ان حوالي سان دوستين جو به اهم ڪردار آهي. يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ وقت گھڻين شاگرد تنظيمن پاران نون شاگردن کي ڪورو ڪاغذ سمجھي انهن تي ڪم ڪيو ويندو هو. منهنجو جيتوڻيڪ ايستائين ڪنهن شاگرد تنظيم سان باقاعدي تعلق نه هو پر آئون صفا ڪورو ڪاغذ به نه هوس. 1970 ۾، جڏهين مون مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هو، ملڪ هڪ وڏي سياسي سرگرمي يعني بالغ رائي دهي جي بنياد تي ٿيل چونڊن جي عمل مان گذري چڪو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ نئون ملڪ بنگلاديش وجود ۾ اچي چڪو هو. ان کان اڳ جي سالن ۾ به جڏهين ايوب خان خلاف کاٻي ڌر جا شاگرد شهر جي سڙڪن تي مظاهرا ڪندا هئا انهن کي ڏٺو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊن کان اڳ هڪ وڏي جلوس ۾، جيڪو شهر جي مختلف رستن تان گذرندو رات جو دير سان لياري ۾ اچي ختم ٿيو هو، شامل هوس. اهڙي ريت منهنجي ذهن ۾ مختلف سياسي جماعتن ۽ سياسي اڳواڻن متعلق ڪجھه تاثر هئا. منهنجي ذهن ۾ هڪ سنڌ دوست ۽ سوشلسٽ گڏيل سوچ هئي.
يونيورسٽي ۾ تنظيمي طور مون سان پهريون رابطو اسلامي جميعت طلبه جي همراهن ڪيو ۽ مون کي پنهنجو لئٽريچر ڏيڻ لڳا. مون ان وقت مولانا مودودي جا ٻه ڪتاب خلافت و ملوڪيت ۽ اسلامي معيشت پڙهيا. پر جلد انهن همراهن کي اهو محسوس ٿيو ته انهن ترن ۾ تيل ناهي ۽ هو مون کان پري ٿي ويا.
(هلندڙ)