ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي گھٽائي سگھجي ٿي

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

تازو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جو جائزو ورتوسون ته مهانگائيءَ جي نئين لهر ظاهر ٿي آهي. جھڙوڪ پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ 22 رپيا 20 پيسن جي واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته گئس جي قيمت 112 سيڪڙو وڌائي وئي آهي. اوگرا اداري جي اعلان موجب گهريلو واهپيدارن کي پروٽيڪٽيڊ ۽ نان پروٽيڪٽيڊ ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي. سرڪار ايل پي جي جي قيمت به وڌائي ڇڏي آهي. گھريلو اسٽينڊر 26 رپيا 62 پيسا مهانگو ٿي ويو آهي.
خزاني واري وزير اسحاق ڊار عارضي مالياتي بل 2023 پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سندس چوڻ هو ته وزارت 170 ارب روپين جي مالياتي بل جي منظوري ڏني آهي. مني بجيٽ ڪوڪنگ آئل، گيھه، بسڪٽ، جام جيلي، نوڊلز، راند جو سامان، چاڪليٽ، ٽافين وغيره تي ٽيڪس 17 سيڪڙي کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. انهيءَ کانسوا بين مختلف شين تي به ٽيڪس وڌايا ويا آهن.
اسحاق ڊار چواڻي اسان عمران سرڪار جا ڪيل وعدا نڀايا آهن. انهيءَ ڪري اسان وڏي سياسي قيمت ادا ڪري رهيا آهيون. اسان سمجھون ٿا ته سياست نه پر رياست اهم آهي. ڪوشش ڪريون ٿا ته اهڙا ٽيڪس لڳائي ڇڏيون جيئن عام ماڻهن کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو نه پوي. خزاني واري وزير اهو به چيو ته بينظير انڪم سپورٽ جا پئسا 40 ارب رپين کان وڌائي 400 ارب رپيا ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف، جيو نيوز ‌ٽي وي ڄاڻايو آهي ته عارضي مالياتي بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪري لگزري شين تي سيلز ٽيڪس 17 کان 25 سيڪڙو ڪرڻ جي رٿ آهي.
بهرحال، انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جو طوفان جاري آهي جنهنڪري ڪروڙين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. اها سچائي آهي ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جو اصل ذميوار ڪير به هجي پر اهو ڏسڻو آهي ته عام ماڻهن جو جيئڻ بار بار ڏاڍو ڏکيو ٿي رهيو آهي. بهرحال ڪنهن به صورت ۾ انهيءَ کي گھٽائڻ ضروري ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي حڪمرانن، مختلف سياستدانن توڙي صحافين وغيره کي عام ماڻهن سان سچي دل سان همدرديءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن عام ماڻهن سان جائز همدردي ڪونه هوندي ته لاڳيتي مهانگائيءَ جو ڳاٽي ٽوڙ ظلم، عوام جو جيئڻ وڌيڪ جنجال ڪري ڇڏيندو آهي، سو نيڪ نيتيءَ سان اهم ڪوششن ڪرڻ سان، مهانگائيءَ جو ظلم ترت ختم ته ڪونه ٿي سگھندو پر ضرور گھٽجي سگھي ٿو.
ملڪ عام حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي مڪمل پر ترت گھٽجي نٿي سگھي. هونئن به مڪمل طور ختم ٿيڻ ظاهري طور ڏکيو يا ناممڪن آهي. بهرحال عام ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ نيڪ نيتيءَ سان بار بار ڪوششون ڪرڻ گھرجن. سڀ کان اڳ ته جيترو به ممڪن هجي حڪمرانن کي عوامي ڀلائيءَ جي نيڪ نيتيءَ سان جدوجهد ڪرڻ گھرجي. اهو هر حڪمران جو فرض آهي ته کين عوام جي ڀلائيءَ لاءِ باقاعدي جدوجهد ڪرڻ گھرجي پر هڪ ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته اسان وٽ عمران خان جيڪو پوڻا چار سال وزيراعظم رهيو، سو سرڪار دوران توڙي سرڪار کان هٽائڻ کانپوءِ به سکڻا بيان ڏئي عام ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جون لاڳيتو ڪوششون ڪندو رهيو آهي. هونئن به عام ماڻهو، حڪمرانن ۽ سياستدانن جي بيانن کان گھڻو متاثر ٿيندو رهندو آهي پر اڳتي هلي جڏهن کيس سچائيءَ جي خبر پوندي آهي ته پوءِ به حڪمران، عوام جي ڀلائيءِ لاءِ ڪوبه عملي قدم نٿا کڻن جنهنڪري اڳتي هلي عام ماڻهو ساڻس نفرت ڪندا رهندا آهن. ڪاش! اها سچائي عمران خان کي سمجھه ۾ اچي.
ٻئي طرف، اها به خبر ميڊيا ڏني آهي ته اقتصادي ايمرجنسيءَ کان بچڻ لاءِ فوجي بچاءُ واري بجيٽ کي گھٽائڻ لاءِ فوج تيار ٿي وئي آهي. نامياري صحافي معظم فخر به ان ڳالهه جي ڄاڻ ڏني آهي ته سرڪار وٽ اقتصادي ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ هاڻي ڪو به رستو باقي نه بچيو آهي، جنهنڪري مختلف طريقن تي به ويچار ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ اقتصادي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو آپشن به شامل آهي. اها به خبر ميڊيا ۾ شايع ٿي هئي ته پاڪ فوج ملڪ کي اقتصادي گھوٽالي مان ڪڍڻ لاءِ بچاءُ واري بجيٽ ۽ پگهارن ۾ گھٽتائي کانسوا عام خرچ گهٽائڻ ۽ غيرپيدواريءَ لاءِ راضي ٿي وئي آهي. اهو به امڪان آهي ته رٽائر فوجي آفيسرن کان وڌيڪ رعايتون واپس وٺي ۽ پينشن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي ويندي. نامياري صحافي گوهر بٽ به پنهنجن ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته پاڪ فوج سرڪار کي آءِ ايم ايف سان ٺاهه لاءِ بچاءُ واري بجيٽ ۽ غير ترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتيءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ اها خبر آئي هئي ته سرڪار، انٽرنيشنل مانِيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ٺاهه تي عمل ڪندي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ بجلي في يونٽ 7 رپيا مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سيلز ٽئڪس 18 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي. تازو اها به خبر ميڊيا ۾ ڇپي آهي ته پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙن ماڻهن جي غربت جي لڪير کان به هيٺ وڃڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي. اها به دکدائڪ خبر آهي ته ملڪ جي اقتصادي حالتن لاءِ سهارو بڻيل هيٺيون ۽ وچولو طبقو، ڳاٽي ٽوڙ غربت ۾ واڌ سبب هيڻو ٿي ويندو، جڏهن ته اقتصادي ماهرن اها به ڳڻتي ڏيکاري آهي ته ٻه ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ حياتيون گذارڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا. بي بي سي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ راشن جي دڪانن تي بيٺل قطارن کي ڏسي اقتصادي ماهرن خطرو ڏيکاريو آهي ته وچولو طبقو ختم پيو ٿئي ۽ غربت جي لڪير کان هيٺ حياتي گذاريندڙن جو انگ وڌي رهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو سوچڻ غلط نه هوندو ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ مهانگائي لڳاتار وڌي رهي آهي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا لاڳيتو گهٽجي رهيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ناڻي واري اڳوڻي وزير ڊاڪٽر حفيظ پاشا خطرو ڏيکاريو آهي ته ٻه ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويندا. سندس چوڻ موجب هي اهي ماڻهو هوندا جن جي ماهوار آمدني 30 کان 40 هزار رپين جي وچ ۾ آهي.
ٻه ڪروڙ ماڻهن جو مهانگائيءَ کان متاثر ٿيڻ دکدائڪ آهي پر جيڪڏهن ڳنڀيرتا سان سوچجي ته ڪروڙين ٻيا ماڻهو به مهانگائيءَ جي ظلم ڪري سڌي يا اڻسڌي ريت متاثر ٿيندا رهندا. مطلب ته بدقسمتيءَ سان انهن جو جيئڻ گهڻو جنجال ٿي ويندو. ڪجھه گذريل سال زوردار برسات پيئي هئي جنهن ڪري سنڌ ۾ لکين ماڻهو متاثر ٿيا هئا جڏهن ته مينهن جي ڪري بلوچستان به متاثر ٿيو هو ۽ سندن پاڻي سنڌ اندر اچي انهن جو جيئڻ وڌيڪ جنجال ڪري ڇڏيو هو. هاڻي ٻوڏ مان گھڻي حد تائين جان ڇٽي وئي آهي پر ڪروڙين ماڻهو مالي طور اڃا به متاثر ٿيل آهن.
هاڻي ملڪ اندر ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي آئي آهي تنهن جي اصل ذميوار اڳوڻي عمران خان سرڪار آهي جنهن آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪري، پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته سندس سرڪار مان نڪرڻ کانپوءِ به، سندس برقرار ٺاهه جي ڪري مهانگائي لاڳيتو جاري آهي. هن بين الاقوامي اداري سان مهانگائيءَ جو ڳاٽي ٽوڙ ٺاهه ڪري پاڪستان جي گھڻن يعني ڪروڙين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو پر عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ اهو کليو کلايو بيان ڏنو هو ته مان آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪونه ڪندس پر جيڪڏهن ڪيم ته آپگھات ڪري پاڻ کي ماري ڇڏيندس. بهرحال، پاڪستان انهيءَ پوزيشن ۾ هرگز ڪونهي ته آءِ يم ايف سان عمران خان جو ٿيل ٺاهه ترت ختم ڪري ڇاڪاڻ ته رهيل ججھا پيسا ترت ڏيڻا پوندا پر پاڪستان وٽ ايڏي وڏي رقم موجود ڪونهي جو هڪ ئي وقت ادا ڪري سگھي.
ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جو بهتر نبيرو اهو آهي ته فوج پنهنجو خرچ اڃا به گھٽائي عام ماڻهن جي وڌيڪ امداد ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ۽ ٻيو نبيرو اهو آهي ته سرڪاري ملازم جيڪي وڏن عهدن تي آهن تن ۽ وفاقي اسيمبلي ميمبرن جون پگھارون وقتي طور گھٽائي عوام جي مهانگائيءَ واري مصيبت مان جان آجي ڪرائجي. ڪاش! اها ڳالھه عوام جي ڀلائيءَ لاءِ موجود حڪمرانن توڙي ٻين واسطيدارن کي به سمجھه ۾ اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button