رانديون

حيدرآباد ۾ پهرين چيس ٽورنامينٽ، ڪيترن ئي رانديگرن مقابلا ڪيا

حيدرآباد جي خانگي انسٽيٽيوٽ (يو بي آءِ ايس) ۾ چيف فيڊريشن آف پاڪستان طرفان سماجي تنظيم تنظيم ٽي آر ايف جي تعاون سان پهرين اوپن شطرنج ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ شطرنج جي رانديگرن ۽ اسڪولي شاگردن توڙي شاگردياڻين حصو ورتو.

حيدرآٻاد ۾ شاگردياڻي چيس کيڏي رهي آهي

چيف فيڊريشن آف پاڪستان جي نمائيندي واحد حسين، دي رائزنگ فائونڊيشن جي ڪو آرڊينيٽر ڄام فريد لاکو، ملڪي سطح تي شطرنج کيڏندڙ رانديگر سيد زرار شاهه، محمد وقار ۽ ٻين چيو ته جي ٽورنامينٽ ڪرائڻ جو مقصد ٻارڙن جي نشونما ڪرڻ آهي، هن گيم سان نه صرف ذهني طاقت پيدا ٿئي ٿي پر وقت جو احساس پڻ ٿئي ٿو. ٽورنامينٽ جي آخر ۾ ڪامياب ٿيل رانديگرن ۾ روڪ رقم ۽ انعام پڻ ورهايا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button