پاڪستاني وفاق اندر رياست پاران ڄاڻي ٻُجهي اصلوڪين ٻولين کي نظرانداز ڪندي، پوئتي رکڻ واري معاملي بابت اڄ کان اَٺ ڏينهن اول ارڙهين فيبروري تي اسلام آباد ۾ ٿيل هڪ انتهائي ڪارائتي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اها ڪانفرنس سرائيڪي وسيب ۾ روشن خيال وطن دوستي جا بنياد رکندڙ تنظيم سرائيڪي لوڪ سانجهه، باچا خان جي روايت کي پنهنجي سياست جو سَت سمجهي اڳتي وڌندڙ عوامي نيشنل پارٽي، سنڌ جي انتهائي سمجهدار ۽ سيبتي سياسي سنگ عوامي جمهوري پارٽي ۽ اسلام آباد ۾ سرائيڪي قوم جي صحافين جي ترقي پسند روشن خيال تنظيم سرائيڪي جرنلسٽ سانجهه جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪئي وئي هئي. اها ڪانفرنس جنهن ۾ پارليامينٽيرين، سول سوسائٽي جا اڳواڻ، صحافي ۽ شاگرد شريڪ هئا، تنهن ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون، سي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ويٺل هتان جي حڪمرانن تائين پهچي، جيستائين ڪا معني ماڻين، تيستائين لازمي آهي ته ملڪ جي روشن خيال وطن دوست فڪري ساٿين سان اهي ڳالهيون رکجن ته جيئن هن انتهائي اهم معاملي ڏانهن جاري دور ۾ گهربل ڌيان ڏياري سگهجي. اهو ان ڪري به لازمي آهي جو هي رياست پنهنجي بنياد ۾ ئي اصلوڪين ٻولين کان جيئن جو انڪاري آهي ته اڄ تائين رياست جو اهو ئي ٻِٽو معيار جاري آهي. جنهن جو نتيجو پاڪستاني وفاق ۾ شامل اصلوڪين قومن ۾ لڳاتار احساس محرومي ۾ ڏينهان ڏينهن واڌارو آهي ۽ الميو اهو آهي ته رياست ان محرومي جي احساس کي سمجهي، ڪا ساڃاهه اختيار ڪرڻ بدران، ويران وير پنهنجي انڌ ۾ وڌ آهي.
ڏٺو وڃي ته ان ڪانفرنس ۾ ٻولين جي معاملي جو هونئن ته تمام گهڻو تفصيلي، تاريخي اُپٽار ڪيو ويو پر جيڪڏهن سموري ڳالهه جو ڳَر کڻي ڳولجي ته اهو هيئن ٿو وڃي بيهي ته جيئن ڪابه مخصوص ٻولي ڪنهن به رياست ۾ سياسي استحصال جو بهانو بڻائي، باقي ٻوليون ڳالهائيندڙن مٿان مڙهي سگهجي ٿي، تيئن ڪنهن به وفاقي رياست ۾ شامل قومن جي اصلوڪين ٻولين جي عزت ۽ وقار کي تسليم ڪندي، کين جائز مقام ڏيئي ڪا رياست پنهنجا داخلي تضاد ۽ تڪرار گهٽائيندي، سگهاري به ٿي سگهي ٿي يا نه؟ ظاهر آهي پوئين سوال جو جواب سڀني وٽ هائوڪار ۾ ئي هو ته ڪابه وفاقي رياست اوستائين هموار ٿي سگهي ئي نٿي جيستائين اها وفاق ۾ شامل قومن جي تاريخي حقن جو احترام نٿي ڪري ۽ اصلوڪين ٻولين جو احترام به انهن حقن ۾ ئي شامل آهي.
اهڙي راءِ کان پوءِ اڳيان اهو سوال آيو ته پاڪستان ۾ اصلوڪين قومن جي تاريخي ٻولين سان ڪهڙو رويو آهي؟ ڇا اها روش اهڙي آهي، جنهن سان اصلوڪين قومن جي تاريخي ٻولين کي گهربل مقام مليو هجي يا اڄ توڙي سڀاڻي وفاق ۾ شامل اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي تاريخي ٻولين جي اهميت تسليم ڪرڻ واري ڪا امڪاني صورتحال ئي سهي پر نظر ايندي هجي؟ تڏهن ان سوال جو جواب زميني حقيقتن جي روشني ۾ ته ظاهر آهي نهڪار ۾ ئي بيهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جڏهن ارڙهين ترميم ئي ٻولين جي معاملي کي اڌورو ڇڏيو ويو ته باقي ٻيو ڪهڙو تڪڙو امڪان سامهون آهي، جنهن ۾ وري ملڪ جون سموريون پارلياماني سياسي ڌريون گڏجي ويهي ويچارينديون؟ بلڪ حد اها آهي جو اها اڌوري ارڙهين ترميم ئي رياست کي نڙي ۾ اٽڪي پئي آهي ته پوءِ اڳيان ڪيئن رياست اهو چاهيندي ته انهي ارڙهين ترميم جا رهيا پاسا مڪمل ٿين ۽ قومن کي پنهنجو جائز تاريخي حق ملي؟ تنهن ڪري اهڙي صورتحال سامهون اچڻ کان پوءِ ملڪ جي وطن دوست روشن خيال ڌرين جي لاءِ جيڪو نئون پنڌ ۽ پورهيو سامهون بيٺو آهي، تنهن جي نشاندهي انهي ڪانفرنس دوران انتهائي بهتر نموني ڪئي وئي.
دراصل پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته مُنڍ ۾ ئي جن قوتن اردوءَ کي ملڪ اندر قومي زبان جو درجو پئي ڏنو، تِن جي اصل نِيت ڇا هئي؟ پر ان کان اول جو پاڻ انهي نِيت جا پيرا کڻون، هتي پاڻ اهو به واضح ڪندا هلون ته پاڻ کي اردوءَ سميت ملڪ ۾ ڳالهائي ويندڙ ڪنهن به ٻي ٻولي سان ڪو به ضد ڪونهي ها پر جنهن انداز ۾ هڪ سوچيل سمجهيل ٻِيائي سان اردو کي ملڪ مٿان مڙهيو ويو، تنهن روش جي خلاف پاڻ ڪالهه به هئاسون، اڄ به آهيون ۽ اهو اختلاف اوستائين هر صورت ۾ رهڻو آهي، جيستائين ملڪ ۾ موجود انهن ٻولين جي اهميت جو اقرار نٿو ڪيو وڃي، جيڪي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان صديون اڳ پنهنجن پنهنجن پرڳڻن ۾ نه فقط ڳالهايون پئي ويون پر انهن تاريخي ٻولين جي ثقافت ۽ ادب واري پنهنجي پنهنجي الڳ تاريخ رهندي آئي آهي. اهي اصلوڪيون ٻوليون جن ۾ سنڌي، سرائيڪي، بلوچي، پشتو، براهوي، پنجابي، هندڪو، ڪشميري، پوٽوهاري ۽ ان کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ٻوليون موجود آهن، جن کي پنهنجا پنهنجا پَٽ ۽ پُٽ ڌيئرون آهن، پنهنجا پهاڙ، پوٺا توڙي نديون نالا ۽ واديون آهن پر جي اهي ٻوليون ڪنهن مڃوتي واري کاتي ۾ شمار ناهن ته اهو هن رياست جو وفاقي کاتو آهي. اهو ئي سبب هو جو نيٺ بنگالين کي پنهنجو ڌار ڇَنو اڏڻو پيو. ڇاڪاڻ ته بنگالين اول ڏينهن کان هن رياست جي نِيت کي سمجهي ورتو هو ته رياست اردو کي قومي ٻولي قرار ڏيئي اصل ۾ پنهنجا ڪهڙا مفاد حاصل ڪرڻ ٿي چاهي؟ ۽ پوءِ بنگالي ڀاشا اندولن وڃي هڻي هنڌ ڪيو ۽ ملڪ ٻه ٽُڪرا ٿي ويو. جيڪڏهن رياست چاهي ها ته بنگالي ڀاشا سميت باقي سمورين قومن جي ٻولين جو حق تسليم ڪندي، ملڪ کي تن ڏينهن ۾ بچائي پئي سگهي پر ايئن نه ڪيو ويو.
سچي ڳالهه اها آهي ته اڄ به صورتحال اها ساڳي بنگالين واري ئي آهي، جنهن ۾ تاريخي قومون هر ڏينهن هِن رياست کي پنهنجا قانوني، جمهوري، آئيني ۽ تاريخي حق ياد ڏيارينديون ٿيون رهن ۽ هي رياست اوئين ئي ساڳي انڪار ۽ انڌ تي بيٺل آهي، جيئن بنگالين ڀيري بيٺي هئي!! ته پوءِ ڇا اها روش وفاق جي حق ۾ ٿي سگهي ٿي!؟ ان سوال جو سڌو سنئون جواب نه ۾ آهي. ته پوءِ ڪير آهي رياست کي داخلي تڪرارن ۽ تضادن ڏانهن ڌڪڻ جو ذميوار؟ اها رياست ئي آهي جيڪا پنهنجي انهي اجايي خوف جي تِرڪڻ ۾ تِرڪي رهي آهي ته جيڪڏهن سنڌين، سرائيڪين، بلوچن، پختونن سميت ٻين تاريخي قومن جي ٻولين کي به قومي ٻولين جو درجو ڏنو ويو ته پوءِ وفاق جي گرفت ڪمزور ٿي ويندي. حالانڪ ڏٺو وڃي ته اسان جي سامهون اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، جتي گهڻ قومي، ٻولي ۽ ثقافتي رنگن وارن ملڪن ڪيترين ٻولين کي هڪ ئي وقت قومي درجو ڏيئي نه فقط پاڻ کي هموار رکيو آهي پر وقت سان گڏ انهن ملڪن جي سياسي، سماجي توڙي معاشي سگهه ۽ صلاحيت ۾ واڌارو ئي ايندو رهيو آهي. اهڙن ملڪ ۾ پاڻ ڀارت، ڏکڻ آفريقا ۽ سوئيڊن جو مثال وٺي سگهون ٿا، جن هڪ ئي وقت گهڻين ٻولين کي قومي سرڪاري ٻولين جو درجو ڏنو آهي. مثال طور ڀارت ۾ ويهن کان مٿي سرڪاري ٻوليون آهن ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ يارنهن جڏهن ته سوئيڊن ۾ پنج سرڪاري ٻوليون آهن. هاڻ اهو حساب لڳايو ته اهي ملڪ سگهارا آهن يا اسين؟ پر ڇا ڪجي جو وري به مسئلو ساڳيو نِيت جو ئي ٿو سامهون اچي. اسان وارن يارن جي نِيت ۾ خلل آهي ۽ جتي نيت ۾ خلل هجي اتي اهو ڪجهه ئي ٿيندو آهي جيڪو مُني صدي کان پاڻ پنهنجي ملڪ اندر ڀوڳيندا پيا اچون.
بهرحال انهن سموري تاريخي حقيقتن کان رياست ڀل کڻي ڪيترو به انڪار ڪري پر هاڻ اهڙو انڪار ان ڪري وڌيڪ جٽاءُ نٿو ڪري سگهي جو دنيا سجاڳ ٿي چُڪي آهي ۽ پاڪستاني وفاق ۾ شامل تاريخي قومون به ان عالمي سجاڳي جي جهان ۾ اها گُهر ڪن ٿيون ته سندن ٻولين کي جائز مقام ڏنو وڃي. هِن ڪانفرنس ۾ به اها ئي جائز گُهر ڪئي وئي ته ملڪ اندر تاريخي ٻولين کي گُهربل درجو ڏيڻ لاءِ بنادير هڪ مستقل قومي ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا ڪميشن رياست پاران مخصوص مفادن لاءِ هاسيڪار وچڙايل ٻولين واري معاملي کي ايمانداري سان ڏسي. ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورين ڌرين پاران اها گڏيل گهر پڻ ڪئي وئي ته سمورين تاريخي ٻولين کي ملڪ جي قومي سرڪاري ٻولين واري مقام تي بحال ڪيو وڃي. پاڻ ان راءِ جا آهيون ته جيڪڏهن پاڪستاني رياست ان تاريخي گهرج جو ادراڪ رکندي، وفاق ۾ شامل تاريخي قومن جي ٻولين جا حق تسليم ڪري ٿي ته اهو قدم رياست جي گهرو تڪرارن جي خاتمي لاءِ وڏي شفا جو ڪم ڏيندو. جي نه ته پوءِ تاريخ جي سچ کان انڪار جا نتيجا تاريخ مان پروڙي سگهجن ٿا ۽ اسين به ڪائي آسمان جي مخلوق ناهيون جو تاريخ جو قلم اسان مٿان لاڳو نه ٿئي.