رانديون

نيوزيلينڊ فالوآن بعد پاڻ سنڀالي ورتو، 203 رنسن تي 3 آئوٽ

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن تي انگلينڊ هٿان فالوآن جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن بعد ٻي اننگز ۾ ٽيم پاڻ سنڀالي ورتو، جنهن 3 وڪيٽن جي نقصان تي 203 رنسون ڪيون آهن. ميڊيا مطابق ويلنگٽن ٽيسٽ ۾ ڪيويز جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 203 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ٽام بلينڊل 38، ٽم سائودي 73 رنسن سان مزاحمت ڪري سگهيا، مائيڪل براسويل ۽ ميٽ هينري 6، 6 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا. انگلينڊ جي بالر اسٽيورٽ براڊ 4 وڪيٽون وٺي نمايان رهيو، جيمس اينڊريسن ۽ جيڪ ليچ 3،3 وڪيٽون ورتيون آهن. نيوزيلينڊ جي ٽيم فالوآن ٿيڻ بعد ٻي اننگز ۾ پاڻ سنڀالي 3 وڪيٽن تي 202 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جن ۾ ٽام ليٿم 83، ڊيون ڪونوي 61 رنسن سان نمايان رهيا. ان کان اڳ انگلينڊ 435 رنسن تي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪئي، جنهن ۾ جو روٽ 153 ۽ هيري بروڪ 186 رنسن سان نمايان رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button