سرڪاري نوڪريءَ جي قيد مان آجو ٿيڻ بعد سوچي رھيو آھيان تھ اھي قلم جي ذريعي اھي قرض ادا ڪري سگھان، جيڪي مون مٿان تمام گھڻا آھن. ھونءَ دنيا ۾ حسين بھ آھن. انھن جا سيڊول جسم ۽ انھن جا چاشنيءَ ڀريا چپ ۽ انھن جا اھڙا ٻک جيڪي انسان ڪڏھن بھ فراموش ڪري نھ ٿو سگھي ۽ انھن جا اھي قرض بھ ادا ڪرڻ کپن پر ھن وقت منھنجي من تي جنھن شيءَ جو پاڇو پيل آھي، اھا شيءَ ادب آھي ۽ ڪتاب دنيا جي ھر شباب کان وڌيڪ رنگين ھوندو آھي. ڇو تھ ادب ۾ جھڙي طرح حسن ۽ محبت جا جلوا پيش ڪيا ويندا آھن، انھن جو اھڙو روپ رنگ مون اڄ ڏينھن تائين ٻي ڪنھن بھ ھنڌ نھ پسيو آھي.
ادب تھ ادب آھي. پوري دنيا جو ادب اسان جو آھي. پر جڏھن بھ منھنجي من مٿان ادب جڳ چنڊ کڙندو آھي. جڏھن بھ منھنجي سيني ۾ ادب جي سمنڊ جون ڇوليون اڀرنديون ۽ الھنديون آھن تھ مون کي سمنڊ جي گجيءَ مٿان جنھن شاعر جو نالو گونجندو محسوس ٿيندو آھي، اھو صرف ۽ صرف اياز آھي. شيخ اياز جي شاعري ۽ ھن جي شخصيت منھنجي مٿان ايترو سحر طاري ڪري ڇڏيندي آھي جو ڪڏھن ڪڏھن مان پاڻ کي اھڙي دنيا ۾ محسوس ڪندو آھيان، جيڪا دنيا ھن دنيا ۾ دور دور تائين موجود ناھي. ان دنيا جي تخليق اياز پاڻ ڪئي ھئي. ھيءَ دنيا جنھن ۾ تخيل جو حسن ڪنھن باھه وانگر ٻري ٿو، ان دنيا ۾ مون کي ايترو تھ لطف ايندو آھي جو منھنجي دل ڪڏھن بھ نھ چاھيندي آھي تھ ان دنيا کان پل لاءِ بھ پري ٿيان.
مرزا غالب لکيو ھو:
“دل ڍونڍتا ھي پھر وھي فرصت ڪي رات دن
بيٺي رھين تصور جانان ڪيي ھوئي”
ھاڻي اھو وقت مليو آھي. ھاڻي تصور جانان جي لاءِ فرصت ئي فرصت آھي. ان حوالي سان سوچ ۾ آھيان تھ مون کي پنھنجي قرض جون قسطون ڪٿان ادا ڪرڻ کپن؟
غالب جي باري ۾ ئي گلزار جي لکيل فلم جو ھڪ سين آھي تھ جڏھن بالاخاني جي ھڪ حسينا جي ھٿ تي غالب جو نالو پڙھي شھر جو پوليس وارو کيس چوي ٿو تھ “خبر بھ اٿئي ڪھڙي ڪنگال سان دل اڙائي ويٺي آھين؟ سموري شھر جو قرضي آھي” ان راءِ جي جواب ۾ حسينا چوي ٿي تھ “ھن جي شاعريءَ جو قرض جيڪو چڙھي رھيو آھي، اھو تھ دھليءَ جا ايندڙ نسل بھ ادا نھ ڪري سگھندا”
شيخ اياز جو اسان جي مٿان ھڪ قرض آھي ۽ اسان ان قرض جي ھڪ قسط بھ ادا ڪري نھ سگھيا آھيون.
ھن ڀيري جڏھن شيخ صاحب جو سئو سالا جنم جو موقعو ھو تھ اسان ھڪ بھ اھڙو جشن نھ ڏٺو، جيڪو اياز جي شان ۽ مان وٽان ھجي. ان صورتحال کي ڏسي مون دل ۾ چيو تھ “ڪھڙي نھ ڪنگال قوم ملي آھي شيخ صاحب کي!”
شيخ اياز جي مٿان تحقيق بھ ٿي آھي تھ انڌي منڊي! اھا تحقيق جيڪا ٿي آھي، اھا نھ ٿي ھا تھ شايد وڌيڪ بھتر ھجي ھا. ڇو تھ ان سان شاعر جي روح تائين اسان جي ڪا بھ رسائي نھ ٿي ٿئي. جيڪڏھن شاعر جي باري ۾ ڪا تحقيق ئي ڪرڻي آھي تھ ان ۾ تخليق جو رنگ ھجڻ لازمي آھي. تخليق کان سواءِ تحقيق تھ ھڪ جرم آھي. مجرم آھن، اھي سمورا محقق جن پنھنجن نالن سان “ڊاڪٽر” جو لفظ لڳايو آھي. انھن کي پنھنجي نالي اڳيان “ڊاڪٽر” لکڻ بدران “ڊاڪو” لکڻ گھرجي. ڇو تھ انھن ڊاڪا ھنيا آھن.
اھا الڳ ڳالھھ آھي پر ھن وقت منھنجي من جي مٿان اياز جي جنم جو جشن نھ ٿيڻ وارو جيڪو افسوس آھي، ان افسوس کي گھٽ ڪرڻ لاءِ منھنجي دل چاھي ٿي تھ مان شراب جو جام ڀريان ۽ شاعريءَ کان وڏو مئھ خانو ٻيو ڪھڙو ھوندو آھي؟ اياز ساقي ھجي تھ پوءِ “پيئڻ وارا ڪٿي مڙندا”!
اڄ دل چاھي ٿي تھ اياز جي انھن شعرن مان ڪجھھ شعر اوھان کي بھ جام وانگر ڀري ڏيان، جن شعرن ۾ شراب آھي. جام آھي. جن شعرن ۾ مڌ آھي. مئھ خانو آھي. جن شعرن ۾ صراحي آھي. ساقي آھي. جن شعرن ۾ شام آھي. شام جو چراغ آھي. ھڪ مست جي ھٿ ۾ جام آھي.
“جنھن وقت چراغ شام ٻري
۽ مئھ خاني ۾ جام ٻري
تنھن وقت اسان جو پنڌ پري
پنھنجو بھ پرايو آ پيارا”
صرف اھو نھ ۽ صرف ايترو نھ پر جڏھن مئھ پيئڻ جي موسم اچي ٿي، تڏھن پوري ماحول جي مٿان ھڪ نشو ۽ ھڪ بي خوديءَ واري ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. ڪو تصور بھ ڪري سگھي ٿو تھ چنڊ آسمان ۾ چڪمندو ھجي ۽ ھيٺ ڌرتيءَ تي اھو منظر ھجي، جنھن کي اياز ان طرح سان پيش ڪيو آھي تھ:
“گھر گھر گھٽيءَ گھٽيءَ ۾
تون گھنڊ ٿو وڄائين
اي مئھ فروش تنھنجو
ھر ھنڌ آھي ھوڪو”
پر ان غزل جو پھريون شعر بھ تھ تمام گھڻو پيارو آھي ۽ ان ۾ بھ شراب ڇوليون ھڻي ٿو. ان شعر ۾ اياز لکي ٿو:
“اي دل نھ کاءُ دوکو، اڄ پيءُ ھي پروڪو
ساغر وچان ڏسي ٿو، ھيءَ ڪائنات ڪو ڪو”
اھڙا شعر ۽ اھڙا ٻھھ ٻھھ ڪندڙ ٻول صرف اياز ئي لکي ٿي سگھيو. اياز جي انھن لفظن ۾ جيڪا مڌرتا آھي، جيڪا موسيقيت آھي. اھا تھ ڪنھن بھ شاعر جي شعر ۾ موجود ناھي. جيڪڏھن ھجي تھ اوھان مون سان اختلاف رکو ۽ مونکي ٻڌايو. ڇو تھ شراب جي حوالي سان بھ ڪيل شاعريءَ ۾ جيڪو سرور آھي، اھو ڪنھن بھ طرح سان ڪنھن بھ شاعر جي شاعريءَ کان گھٽ تھ ڇا پر تمام گھڻو وڌ آھي.
ڪير ٿو لکي سگھي اھڙا لفظ:
“قدم قدم تي ھجوم رندان
نظر نظر ۾ شراب خانا
ڪري ويو ڪير بارش مئھ
خمار آلود ٿيا زمانا”
ان غزل ۾ جيڪو تمام حسين ۽ تمام رسيلو شعر آھي، اھو ھي آھي تھ:
“اسان جو چاھيو تھ روح تنھنجو
چپن مان چوسي وٺون تھ ساقي
گھڙي نھ گذري خلاف پنھنجي
ٿيا سمورا شراب خانا”
شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ جھڙي ريت شراب جو تذڪرو ڪيو آھي، اھڙو تذڪرو صرف ۽ صرف فارسيءَ جي شاعريءَ ۾ ۽ اھو بھ عمر خيام ۾ آھي.
اھو اياز جو ڪمال ھو تھ ھن ھر موضوع تي ڀرپور شاعري ڪئي آھي ۽ ھن جي شاعريءَ جا موضوع لوڪل ناھن. اھي موضوع پنھنجي فڪر ۽ فھم ۾ عالمي آھن. اياز پنھنجي ھر موضوع جي چونڊ عالمي سطح جي حوالي سان ڪئي آھي. جيڪڏھن ھن انقلاب جي حوالي سان لکيو آھي تھ ھن ويٽنام جي پس منظر ۾ سنڌ کي سوچيو آھي. ھن وقت اسان جو موضوع مڌ آھي. مئھ خانو آھي. ان ڪري اياز جي ان شاعريءَ جي شمع ايران جي ان مئھ خانن ۾ ٻري ٿي، جتي رند پوري رات پيئن ٿا ۽ انھن مٿان چنڊ نچي ٿو ۽ جڏھن ماڪ وسي ٿي، تڏھن ھو پويون جام ڀرين ٿا.
“ٿي ماڪ وسي مئھ خاني تي
ڪي رند ڪڙو کڙڪائن ٿا
ڪي ڳاٽ ڳھر مان ڇرڪن ٿا
ڪي جام جھلي واجھائن ٿا”
اياز جي شاعريءَ ۾ جڏھن بھ شراب جو ذڪر اچي ٿو، تڏھن مڌ جا مٽ کلي پون ٿا. تڏھن پياڪ پنھنجي پوري مستيءَ سان پنھنجي اندر جي اڃ اجھائين ٿا. ھو اھي گيت ڳائن ٿا، جن گيتن مان شراب جا قطرا ڪرن ٿا. اھو بلڪل ائين آھي، جيئن پھرين پيش ڪيل شعر ۾ آھي تھ پورو زمانو شراب جي نشي ۾ مخمور آھي. پر ان جي لاءِ اھا شرط لازمي آھي تھ پيئڻ ۾ ڪنجوسي نھ ڪبي. اھو ئي سبب آھي تھ اياز لکي ٿو:
“جام ڀري جم اسان کي
او سھڻا ساقي
چين چڪيءَ مان
مون کي آھي نھ ڪو ايندو”
ھتي جام گھرجي. اھڙو جام جنھن جي ڪيفيت کي ڪمال سان بيان ڪندي اياز لکي ٿو:
“ھي جام آ بدنام آ
ڄڻ ڪو خيال خام آ
پي پي مٺا پي پي مٺا
ڍڪ ڍڪ ڇڏي توکي اڏي”
اھڙي ڪيفيت ۾ جڏھن اياز جي شاعري انسان کي وٺي ٿي ھلي، تڏھن ترنم جا ڪيئي ساز پنھنجو پاڻ وڄڻ لڳن ٿا.
ڪاش! سنڌ جا اديب ۽ شاعر اياز جي ان ڪيفيت کي سمجھي سگھن، جنھن ڪيفيت جو تذڪرو ھن انھيءَ شعر ۾ ڪيو آھي:
“اڄ رات شبنمي آ
ڇو جام جي ڪمي آ
ھن وقت ناھي مون تي
ڪائي ميار لوڪو”
ڪاش! ڪوئي انھن لفظن ۾ لھي سگھي.
ڪاش! ڪوئي اياز جي روح تائين رسي سگھي.
ڪاش! ڪوئي اياز جي شاعريءَ جي اصل حسن کي پسي سگھي.
اھڙي امڪان جي اميد تھ گھٽ آھي پر اميد تي ھي جھان قائم آھي. ان اميد جي دامن ۾ اسان جا بھ ھٿ آھن.