ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بُحران واري ڪاري رات جا نوان امڪان

اها خبر سڀني کي هُئي ته رياست جنهن بُحران ۾ ورتل آهي، تنهن جو حل رڳو عمران خان کي تخت تان لاهڻ سان ممڪن ناهي پر عمران خان جي ذاتي ڪمزورين ۽ رياست جي معاملن کي پنهنجي مخصوص پسند ناپسند جي اک سان ڏسڻ واري روش ماڻهن کي ايترو ته بيزار ڪري وِڌو هو جو اڪثريتي عوامي حلقا کيس وڌيڪ برداشت نه پئي ڪري سگهيا ۽ مٿان رهيل ڪسر جنرل باجوا سان عمراني ٽولي جي اختلافن پوري ڪري ڇڏي ۽ يار وڃي گهر ڀيڙو ٿيو.
هاڻ صورتحال اها آهي جو جنهن بُحران جي باهه ۾ عمراني ٽولو ملڪ کي اڇلائي ويو هو، سا باهه وسامڻ بدران روزاني وڃي ٿي مچندي ۽ ان جو سيڪ ملڪ جي چئني پاسن کي ايترو ته ساڙڻ لڳو آهي جو گهڻا تڻا امڪان اهي آهن ته سگهو ئي اها باهه اقتداري محلاتن کي وڪوڙي وٺندي ۽ اسان وٽ به سريلنڪا جهڙا منظر ڏسڻ لاءِ ملي سگهن ٿا. هينئر توهين ملڪ جي ڪهڙي پاسي به هليا وڃو ماڻهو هڪ ٻئي کان اهو سوال پڇندي نظر ايندا ته آخر اهو ڪير آهي جو اچي ملڪ کي بچائيندو؟ ڇاڪاڻ ته عمران خان پنهنجي مُدي ۾ جيڪي ڦاڙها ماريا سي سڀني ڏسي ورتا، ان کان پوءِ جيڪي ان خوشفهمي ۾ هئا ته نواز ليگ پنهنجي تجربي جي آڌار معاملي جو ڪو حل ڪڍي وٺندي، سي به هاڻ شهباز شريف جو هر وقت لٿل مُنهن ڏسي مايوس ٿي چڪا آهن. مهانگائي جو عالم اهو آهي جو ڊالر وڃي ٿو آسمان سان لڳندو، هنن سٽن لکڻ تائين ڊالر ٽن سَون تائين رسائي واري موڙ تائين پهچڻ ۾ بس باقي ڪجهه وکن تي آهي. آءِ ايم ايف جون فرمائشن پويان فرمائشون پوريون ڪندي ڪندي شهباز شريف جي ڪرسي ٽي ٽنگون وڃائي وڃي هڪ ٽنگ تي بيٺي آهي ۽ اها ٽنگ به هاڻ آهي ميان نواز شريف جي واپسي سان مشروط. جيڪڏهن ميان نواز شريف سگهو موٽي ٿو ته شهباز ۾ ڪجهه ساهه پئجي سگهي ٿو جي نه ته يار جا ڪم لٿا سمجهو.
ميان نواز شريف جي واپسي ڪيتري لازمي آهي؟ ان جو اندزو توهان کي نون ليگ جي سموري ڪارائتي قيادت وٽان روز ميان صاحب کي سڏن مٿان سڏ ڪرڻ واري صورتحال مان ٿيڻ گهرجي. ان ڏس ۾ تازو نواز ليگ جي انتهائي اهم اڳواڻ ۽ دفاع واري وزير خواجه آصف پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اهو واضح نموني چئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏن وڏو ميان صاحب تڪڙو نٿو موٽي ته ان عمل جو نواز ليگ کي تمام گهڻو نقصان پهچندو. هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا نواز شريف کي اهو اندازو ناهي ته ملڪ واپسي ۾ سندس دير ڪرڻ سان پارٽي کي ڪهڙو نقصان ٿي رهيو آهي؟ يقينن ميان صاحب کي اهڙو اندازو نه هوندو ته باقي ٻيو ڪنهن کي هوندو!؟ پر ٻڌائڻ وارا ٻڌائين ٿا ته نواز شريف پنهنجي ڀاءُ تي سخت ڪاوڙيل آهي. نواز شريف ان راءِ جو آهي ته ساڻن هن وقت جيڪا به ٿي رهي آهي، تنهن ۾ اسٽبلشمينٽ، عمران خان ۽ آصف زرداري ٽنهي جو پنهنجي پنهنجي حساب سان هٿ آهي. ميان صاحب موجب شهباز شريف آصف زرداري جي ٻول ٻچن ۾ اچي نواز ليگ جو تمام گهڻو نقصان ڪيو آهي.
ميان صاحب وڏو جيڪو پهرئين ڏينهن کان نئين اليڪشن ڪرائڻ جو حق ۾ هو، سو هاڻ به ان راءِ جو آهي ته هي حڪومت وڃي ٿي ته وڃڻ ڏجي ۽ اصل تياري نئين اليڪشن جي ڪجي پر شهباز شريف واري ڪيمپ زرداري جي ان پاليسي جي پويان آهي ته هي حڪومت مُدو پورو ڪري ۽ پنهنجي مرضي جو نگران ٽولو آڻي، پوءِ اليڪشن ۾ وڃجي. اهو ئي سبب آهي جو ميان صاحب اڃان تائين لنڊن ۾ رُٺو ويٺو آهي. ٻيو سبب اهو به آهي ته ميان صاحب تمام وڏو سُک پسند آهي. عمران خان جيان هو به لاڪپ کان تمام گهڻو لنوائي ٿو ۽ عدالتن جي هڪ مخصوص ڪُنڊ جي ڪاوڙ کي محسوس ڪندي، ميان صاحب کي اهو شڪ آهي ته مالڪ واپسي تي ساڻس پنهنجي مرضي واري رعايت جا عدالتي پاسي کان امڪان گهٽ آهن، تنهن ڪري هو مناسب وقت جو انتظار ڪري رهيو آهي ۽ ميان صاحب جو اهڙو انتظار نواز ليگ کي آهستي آهستي لوڙهيندي، وقت جي وچين وٿي مان هڪ عمران خان کي فائدو ڏيئي رهيو آهي ۽ ٻيو آصف علي زرداري کي. تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ گهاٽي ۾ نواز ليگ آهي ۽ اڃان جيترو به وقت گذرندو نواز ليگ وڌيڪ نقصان ۾ ويندي.
اهو هيئن ته عمران خان پنهنجين سمورين نااهلين سميت پنهنجن حمايتين جي حلقي ۾ اڃان اتي ئي آهي جتي هو. بلڪ هن وٽ هاڻ ته قرباني وارو سرٽيفڪيٽ به کيسي ۾ آهي. “ايماندار ۽ اشراف!!” تو هو اڳي ئي هو پر هاڻ ٽنگ واري سچي ڪوڙي گولي کيس غازي وارو مقام به عطا ڪري ڇڏيو آهي. سندس اهڙي مقام کي مخصوص عدالتي ڪُنڊ مان ملندڙ رعايتون ويتر مقدس بڻائي رهيون آهن. اوهان کي اهڙا اشارا نواز ليگ توڙي پاڪستان پيپلز پارٽي ٻنهي طرفان اهڙين شڪايتن جو صورت ۾ ملي سگهن ٿا، جڏهن هو چون تا ته 73ع جي آئين مٿان ٿيل ڪاهن تي ته اسان جي عدالت سڳوري جي دل کي ڪا ڇڪي نه آئي، باقي عمران خان جي معاملي ۾ عدالت هر ڏينهن اسان کي آئين جا حوالا ڏيندي ٿي رهي. ان جو مطلب ته عمران خان جي سگهه ۽ سوچ اڃان باقي آهي.
اهو ته ٿيو عمران خان، وري جي ٿا اچون آصف علي زرداري واري پاسي ته هن هڪ ئي وقت عمران خان توڙي شريف ڀائرن جو جنهن انداز ۾ شڪار ڪيو آهي، سا واردات زرداري جي وقت سان گڏ حاصل ڪيل محلاتي مهارت ۽ ڪاريگري کي پيرائتو جو ثابت ڪري ٿي. ها اهو آصف زرداري، جنهن خلاف جيترو عمران خان آهي ايترو ئي اندر ئي اندر ۾ شريف ڀائر به آهن. بلڪ شريف ڀائرن ته شهيد محترمه سان جيڪي رويا رکيا اهي ته ڪنهن کان وسري سگهڻ جهڙا آهن ئي ڪونه ۽ زرداري جيڪي به جيل ڀوڳيا، تن ۾گهڻيون تڻيون شريف ڀائرن جون مهربانيون ئي ڪارفرما رهيون آهن. تنهن ڪري ٻئي ڌريون اڄ به هڪ ٻئي جي شڪست جون اندر ئي اندر ۾ منتظر آهن ئي آهن. ته پوءِ پاڻ ايئن چئي ٿا سگهون ته هن رياست جا سمورا عسڪري توڙي نام نهاد عوامي گروهه هاڻوڪي بُحران واري ڪاري رات ۾ بُکايل بگهڙن جي ان ٽولي جيان آهن، جنهن ۾ سمورا بگهڙ ويٺا ته گڏ هوندا آهن پر سڀني کي انتظار ان جو هوندو آهي ته ڪنهن جي ٿي اول اک لڳي ته ڪيونس حصا پتيون. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هن بحران جي ڪاري رات ۾ سڀ کان اول حصا پتيون ڪير ٿو ٿئي!؟
واضح ڪندا هلون ته حصا پتيون ٿيڻ وارو اهڙو لقاءَ هاڻ گهڻو پري به ناهي. اهو ان ڪري جو ملڪ جي وڏي مان وڏي عدالت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ نوي ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. اهي ٻئي صوبا اهڙا آهن، جن ۾ جيڪو به دنگل ٿيندو سو نواز ليگ، جي يو آئي ۽ عمران خان وچ ۾ ئي ٿيندو. جيڪڏهن ان دنگل ۾ جي يو آئي ۽ نواز ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر عمراني ٽولي هٿان مار کائي ٿا وڃن ته پوءِ نواز ليگ سمجهو ته ڪي سال پوئتي هلي ويندي ۽ ساڳي ريت جي يو آئي جي اگهن ۾ پڻ تمام وڏي لاٿ ايندي. ان سموري صورتحال جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ ان جو فائدو هڪ عمران خان ۽ ٻيو زرداري صاحب کي ئي ٿيڻو آهي ۽ واپار جي دنيا جو اهو اصول رهيو آهي ته لڳاتار فائدي ۾ ويندڙ واپاري پنهنجو پنهنجو فائدو بچائڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ڊگهو تڪرار نه چاهيندا آهن. ان ڪري پاڻ به ان امڪان کي رد نٿا ڪري سگهون ته ايندڙ وقت ۾ فائدي وارا واپاري متان پنهنجي پنهنجي مارڪيٽ ورهائي کڻن. وڌيڪ اچو ته ايندڙ ڏينهن جو انتظار ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button