ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لاقانونيت واري قيادت قانون تي عمل ڪندي؟

پڙھندڙ ساٿين کي اھا خبر ٻڌي حيران ۽ پريشان ٿيڻ نه گهرجي ته عرب امارات جي پاسپورٽ جي ساک دنيا جي سمورن ملڪن کان وڏي ٿي ويئي آهي ۽ ان جي پاڪستان سان يا ٻين گھڻن ئي سڌريل ملڪن سان ڪا ڀيٽ ئي ناهي. نوميڊ ڪيپيٽلسٽ نالي عالمي ادارو International Nomad Capitalist Institute جيڪو ھر سال مختلف ملڪن جي پاسپورٽ جي ساک جو جائزو وٺي سڄي جھان آڏو سچا انگ اکر پيش ڪندو آهي ان جي تازي سروي مطابق ساک وڃائي ويٺل ملڪن ۾ عراق، افغانستان ۽ يمن کان پوءِ پاڪستان جو پاسپورٽ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. مطلب ته اسان جي پياري پاڪستان جي عزت دنيا ۾ وڌڻ جي بجاءِ ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي. ھتي آئون سڀ کان گھڻي عزت واري عرب امارات بابت نئين ٽهيءَ جي جوانن کي ٻڌائيندو ھلان ته متحده عرب امارات جي حقيقت ھي آهي ته دبئي، ابوظھبي، شارجہ، العين ۽ راس الخيمہ. ٽيهه سال اڳ ۾ ھي پنج الڳ پاڙيسري رياستون ھونديون ھيون جن تي ڌار ڌار بادشاهن جي حڪمراني ھئي پر ابو ظھبي جي سلطان شيخ زيد بن النھيان جڏهن سوچيو ته سندس ملڪ ٻين چئني رياستن کان ايراضيءَ ۾ وڏو ۽ تيل جي معدني وسيلن سان مالا مال ھوندي به گھٽ معدنيات واري رياست دبئي ۽ ٽن ٻين پاڙيسري رياستن جي ڀيٽ ۾ دنيا جي ترقي يافتہ طاقتن جو محور ڇو ثابت ٿي ويو آهي؟
ان سوال تي ويچار ڪرڻ لاءِ ھن سمورن حاڪمن جي گڏجاڻي گھرائي کين آڇ ڪئي ته پنھنجي پنھنجي خودمختياريءَ کي قائم رکندي اھڙو ڪنفيڊريشن ٺاھجي جنهن سان اسرائيل ۽ ٻين دشمن قومن جي قبضا مافيا کان بچاءُ ممڪن ٿي سگهي. ان زماني ۾ فلسطين جي آزاديءَ بابت سمورن عرب ملڪن جي ساڳي پاليسي ھئي.
سوويت يونين جي صدر ميخائيل گورباچوف جي حڪومت ۾ 1989 ڌاري جڏهن عالمي سامراج ۽ سندن ڊالرن تي پلجندڙ مارشل لا ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق جھڙن ڪئين گماشتن سوشلسٽ سرشتي جون پاڙون کوٽڻ شروع ڪيون ته نيٺ گورباچوف به مزاحمت ڪرڻ بدران آڻ مڃي سوويت يونين کي ٽوڙي ٽڪر ڪري ڇڏڻ واري سامراجي سازش ۾ ھٿ ونڊايو ۽ انعام طور کيس نوبيل پرائيز ڏنو ويو. سوويت يونين جي ٽڪرا ٿيڻ سبب ظاھر آهي ته سڄي دنيا ۾ سوشلسٽ نظام تي عالمي سامراج طرفان موتمار حملا ڪيا ويا جيڪي اڄ تائين چائنا، ڪيوبا، وينزويلا ۽ ٻين سماجوادي نظام وارين رياستن خلاف جاري آهن.
اھڙي ڀوائتي يونيپولر سامراجي ھڪ ھٽي واري ماحول ۾ عرب حڪمرانن پنهنجي پنهنجي سلطنت کي بچائڻ خاطر اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ فلسطين جي مظلوم عرب ڀائرن کي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيائون. اسرائيلي نسل پرست حاڪمن فلسطيني علائقن تي قبضا وڌائي ڇڏيا جيڪي اڄ به جاري ساري آھن پر عرب ملڪن جا بادشاهه پنهنجي پڳ بچائڻ لاءِ مظلوم ڀائرن کان منهن موڙي ويھي رھيا آھن. اڄ ھنن بادشاهن جي اسرائيل دوستي عيوض عرب امارات جي پاسپورٽ کي عالمي ليول تي پذيرائي بخشي ڇڏي اٿن.
ھنن عرب ملڪن ۾ ملوڪيت وارو سرشتو ھجڻ باوجود حاڪمن پاران عام ماڻهن جي زندگيءَ ۾ خوشحالي پيدا ڪرڻ لاءِ گھربل قدم کنيا وڃن ٿا ۽ قانون جي بالادستي کي ھر حال ۾ آتم رکيو ويو آهي. پيٽرو ڊالر اچڻ کان پهرين سعودي عرب ۽ ڪويت سوڌو ٻين عرب رياستن ۾ سواءِ کجين جي باغَ جي ٻي زراعت جو نالو نشان ڪونه هو. عربن جي گھٽ آبادي ھجڻ جي ڪري کين مصر، شام، اردن، پاڪستان، بنگلاديش ۽ ھندستان مان پورھيتن ۽ ھارين کي گھرائي عرب ملڪن جي ريگستاني علائقن ۾ پاڻي پھچائي لکين ايڪڙن تي ڪڻڪ، ڀاڄيون ۽ ٻيا فصل پوکي ڇڏيائون. اڄوڪي زماني ۾ جڏهن سعودي عرب ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻ ڀرو ٿي چڪو آهي ته ساڳئي وقت پاڪستان جي حڪمرانن کي پرڏيهھ مان ڪڻڪ خريد ڪرڻي پيئي آهي. ڇو ۽ ڪيئن؟ ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ ۾ پيٽي بورجوا حاڪمن بدران ڪمپيرا ڊور ڪارخانيدار هوندا آهن اتي ھڪ ته ناجائز منافعي جي ڊوڙ ۾ نه قانون جي بالادستي قائم ٿي سگهندي آهي ۽ پيداوار جي ذريعن مان پورھيتن کي سندن پورھئي جو حقيقي اجورو ڏنو ويندو آهي.
لاقانونيت جي اونداھيءَ ۾ ادارا تباھه ٿيندا آهن ۽ سگھارين ڌرين کي استحصال جو اھڙو ته زبردست موقعو ملي ويندو آهي جو اھڙن ملڪن جا جمهوري طرح چونڊيل نالي ماتر حڪمران طاقتور طبقي جا بوٽ چٽي پنهنجن ئي ھٿن سان جڏي سڏي جمھوريت کي به بي پاڙي ول وانگر کوکلو ڪري ڇڏيندا آهن. اھڙي سماجي ۽ سياسي موقعي پرستيءَ جي ڪري قرض ڏيندڙ سامراجي عالمي ادارن کي مسڪين ماڻهن جو وڌ کان وڌ رت چوسڻ جو وجھه ملندو رھندو آھي. بدمعاشيءَ جي انتها ڏسو ته پنجھتر سالن کان پوءِ آئي ايم ايف جي ڪنهن سربراهه چيو آهي ته پاڪستان کي پنهنجي فوج جو خرچ گھٽائڻ ۽ دولتمند ماڻهن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ گهرجي.

ھاڻي جڏهن آئي ايم ايف، ورلڊ بينڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، بئنڪ آف چائنا، عرب ملڪن جي سربراهن بلڪ انٽرنيشنل ميڊيا جي نمائندن کي به اھا ڄاڻ ملي ويئي آهي ته ڪھڙي ڪھڙي سياستدان، جج، جنرل، ڪارخانيدار، سرڪاري آفيسر ۽ اخباري ۽ ٽي وي چئنلز جي مالڪن جا دنيا جي ڪھڙن ملڪن ۾ خزانا محفوظ آهن ته پنجھتر سالن کان پوءِ آئي ايم ايف جي ڪرتا ڌرتائن کي بجاءِ بيان ڏيڻ جي انھن جي خزاني کي ضبط ڪرڻ کپي جيئن ايران افغانستان ۽ ٻين ملڪن جي ناجائز دولت کي ضبط ڪيو ويو آهي.

۽ حيرت اٿم ته پنجھتر سالن کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نور عالم به ساڳيو ئي مطالبو ڪيو آهي ته حڪمرانن، وزيرن ڪبيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، ججن، جنرلن، جرنلسٽن ۽ سرمائيدارن کان سندن آمدنيءَ جو حساب ڪتاب وٺڻ گهرجي! پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي لتاڙ قائداعظم محمد علي جناح جي اکين پورڻ کان وٺي جيئن شروع ٿي ته ان جو انت ئي نه ٿو ڏسجي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ضمني چونڊن بابت اتحادي سرڪار جون تيرھن ئي پارٽيون مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. عمران خان تي داخل ٿيل ڪيس ھلائيندڙ اينٽي ٽيررسٽ عدالت اسلام آباد جي جج فرمايو آهي ته عمران خان اڍائي ھزار غنڊا ۽ بدمعاش ساڻ وٺي آيو ڪورٽ ۾ جن اسان جي خلاف نعريبازي ڪئي. انھيءَ جج صاحب کي ياد ناهي ڇا ته 33 سال اڳ دھشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج نبي شير جوڻيجو، سنڌ ھائي ڪورٽ جو جسٽس نظام الدين ۽ ايڊوڪيٽ جنرل محمد اقبال رعد کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو پر اڄ تائين سندن قاتل آزاديءَ سان گھمن ڦرن پيا! ھي جيڪا لاقانونيت پاڪستان جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙي پيئي، سا ته ملڪ جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل کان ئي شروع ٿي ويئي هئي. جنهن ملڪ ۾ پاڻ کي جمھوري حاڪم سڏائيندڙ سياستدان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪرڻ کان نابري واري ڇڏين، اتي قانون جي بالادستي وارو عوام دوست نظام ڇا آسمان مان نازل ٿيندو؟

پڇاڙڪا لفظ:
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو ڪلھوڪو بيان ڇنڇر وارين سمورين اخبارن ۾ تفصيل سان ڇپيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته جنرل قمر جاويد باجوہ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سندس جاءِ تي مقرر ٿيل نئين فوجي سربراهه جنرل عاصم منير سان ملڻ چاهيان ٿو پر ھو مون کي کنگھي ئي نه ٿو. ملڪ جي ڀلائيءَ واسطي آرمي چيف سان ڳالهھ ٻولھه ڪرڻ گھران ٿو پر ھو ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. اڳوڻي فوجي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه منهنجي پٺ ۾ خنجر ھنيو ۽ يوڪرين واري جنگ تي روس جي خلاف بيان ڏيئي بغاوت ڪيائين تنھن ڪري باجوه جو ڪورٽ مارشل ڪري کيس سزا ڏيڻ گھرجي.
عمران خان جو ھي بيان پڙهي اھا حقيقت سولائيءَ سان سمجهي سگهون ٿا ته ھن کي پاڪستان جي واڳ ڌڻين جي سوچ ۽ عملي ڪردار بابت جيڪڏهن چڱي طرح ڄاڻ ھجي ھا ته ھڪ ئي بيان ۾ ابتڙ ڳالهيون نه ڪري ھا. ھڪ پاسي ھو نئين فوجي سپاھه سالار سان ملڻ جو آسوند آهي ته ساڳئي وقت سندس باس جنرل باجوہ کي لٽڪائڻ جي فرمائش ڪري ڏھڪا پکيڙي پيو. ڇا کيس ياد ناهي ته سابق وزير اعظم نواز شريف 2018 ڌاري اقتدار سنڀالڻ شرط جڏهن جنرل پرويز مشرف خلاف غداريءَ جو ڪيس داخل ڪيو ته ان جو نتيجو ڇا نڪتو؟ جنرل مشرف کي ته مرڻ کان پوءِ به نواز شريف جي ڀاءُ جي سرڪار شاندار فوجي اعزاز ڏياري دفنايو. اھڙو اعزاز نه ذوالفقارعلي ڀٽو، نه محمد خان جوڻيجو ۽ نه شھيد بينظير ڀٽو کي نصيب ٿيو تہ پوءِ عمران خان جو ڇا ٿيندو؟ ان سوال تي مون کي انڊين فلم شعلي وارو ڊائلاگ ياد اچي ويو آهي: تيرا ڪيا بنيگا ڪاليا!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button