اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جا بيان ۽ تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي

اسلام آباد :پيمرا چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جا بيان ۽ تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. تفصيل موجب پابندي پيمرا آرڊيننس جي سيڪشن 27 تحت لاڳو ڪئي وئي آهي. پيمرا موجب عمران خان پنهنجي تقريرن​۽ بيانن ۾ رياستي ادارن تي بي بنياد الزام لڳائي رهيو آهي. پيمرا موجب عمران خان اشتعال انگيز بيانن ذريعي نفرت پکيڙي رهيو آهي. عمران خان جا بيان امن لاءِ خطرو آهن، سندس رڪارڊ ٿيل يا لائيو تقريرون ۽ بيانن تي پابندي هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button