اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۽ آئي ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون اڄ کان ٻيهر شروع ٿينديون

اسلام آباد :حڪومت ايندڙ چئن مهينن لاءِ آمدني ۽ خرچن جي ڪاٿن کي حتمي طور طئي ڪرڻ لاءِ اڄ سومر کان عالمي مالياتي فنڊ سان ورچوئل ڳالهيون ٻيهر شروع ڪندي. رپورٽ مطابق هڪ سينيئر سرڪاري عهديدار ان اڳڀرائي جي تصديق ڪئي آهي. ورچوئل ڳالهين کانپو ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪيون وينديون ۽ معاهدي جو اعلان ٿيندو. پاڪستان ۾ آئي ايم ايف جي مشن چيف نيٿن پورٽر جي سربراهي هيٺ آئي ايم ايف جي ٽيم ناڻي وزارت جي عملدارن سان ڪجهه ڏينهن تائين ڳالهيون ڪيون، جنهن کان پوءِ 3 مارچ جمعي تي ٽيڪس عملدارن سان آخري اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مالياتي فرق کي پورو ڪرڻ تي روينيو جنريشن جي حوالي سان اڳواٽ قدم ۽ ان جي اثرن جو جائزو ورتو ويو. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي اهو خال ڀرڻ لاءِ اضافي 170 ارب رپيا روينيو گڏ ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو. جڏهن ته رهيل رقم ٻين قدمن مثال طور سبسڊي ختم ڪري ۽ گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافي جي ذريعي حاصل ڪئي ويندي. ٻئي ڌريون اقتصادي ۽ مالياتي پاليسين جا مسودا يادداشت (ايم اي ايف پي) جو متن به بهتر بڻائينديون جيئن عام طور تي اسٽاف ليول ايگريمينٽ چيو وڃي ٿو. ذريعن چيو ته معاهدي جي متن تي تفصيلي بحث ڪيو ويندو. 21 فيبروري تي ناڻي واري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ ناڻي بابت پارلياماني ڪميٽي کي ٻڌايو هو ته ايم اي ايف پي کي هڪ هفتي ۾ آخري شڪل ڏني ويندي. جڏهن ته ايئن نه ٿي سگهيو. ناڻي وزارت جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته آئي ايم ايف 4 وڌيڪ اڳواٽ قدمن جي گهر ڪئي هئي. چين جهڙي ٻطرفي قرض ڏيندڙن کان مالي مدد جي ضمانت وٺڻ آئي. ايم ايف جي شرطن ۾ شامل هو، تنهنڪري گذريل ڏينهن اسحاق ڊار اعلان ڪيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل بئنڪ آف چائنا کان 50 ڪروڙڊالر مليا آهن. هي رقم پاڪستان کي ملندڙ ٽن قسطن مان پهرين هئي ڇو ته چيني بئنڪ پاڪستان لاءِ ڪل هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر جيقرض جيرول اوور جي منطوري ڏني آهي. هن قرض سان اسٽيٽ بئنڪ جي گهت ٿيندڙ ناڻي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ اضافي جو امڪان آهي. جيڪي تازو ئي ڪجهه مهينن اندر ان سطح تائين هيٺ اچي ويا. جنهن سان مشڪل سان ٽن هفتن جي امپورٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button