لڳ ڀڳ ڏهه هزار سال اڳ انسانن ٻني ٻارو ڪرڻ شروع ڪيو. هاڻي شڪار ڪرڻ کاڌ خوراڪ جو مک وسيلو نه رهيو، ڇو جو هنن ڄاڻي ورتو ته زمين ان اُپائڻ جو بهترين ذريعو هئي. انساني تاريخ ۾ اهڙيون ايڪڙ ٻيڪڙ اڳڀرايون ئي هونديون جيڪي ٻني ٻاري واري انقلاب کان وڌيڪ اهميت واريون هجن. اسان آڳاٽن هارين جي ڏکن، خوشين ۽ خوفن کي هنن جي جوڙيل ڏندڪٿائن مان پرکي سگهون ٿا، جيڪي هنن نون لقائن دوران پنهنجايون، جيڪي ٽڪرن ۾، ايندڙ تهذيبن جي ڏندڪٿائن جو بيانيو به رهيون. ٻني ٻارو منطق (logos) جو نتيجو هو، پر اسان جي اڄ جي ٽيڪنالاجي وارن انقلابن جيان ان کي نج سيڪيولر انداز ۾ نه ڏٺو ويندو هو. اهو هڪ وڏي روحاني جاڳرتا ڏانهن ڌڪي ويو، جنهن ماڻهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي دنيا جي حوالي سان نئين سمجهاڻي ڏني. ٻني ٻاري جي نئين سائنس کي مذهبي رجعت سان ڏٺو ويو. پٿر جي زماني جا ماڻهو شڪار کي مقدس عمل سمجهندا هئا ۽ هاڻي ٻني ٻارو پڻ مقدس بڻجي پيو. ٻج ڇٽڻ وقت يا لابارو ڪرڻ وقت هارين کي ريتن رسمن واري پاڪائي ۾ رهڻو هوندو هو. ٻج کي ڌرتي جي گهراين ۾ لهندو ڏسي ۽ ان جو اونداهي کي چيري زندگي جي هڪ تمام نرالي روپ ۾ ايندو ڏسي هارين ڄاڻي ورتو ته ان جي پٺيان ڪا ڳجهي طاقت آهي. فصل اوچتو ئي اوچتو ڀرپور نموني نروار ٿيندڙ شي هئي، آسماني طاقت طرفان موڪليل هڪ تحفو ۽ جڏهن به هاري پوک ڪندا هئا ۽ پنهنجن ماڻهن لا کاڌ خوراڪ کڻي ورندا هئا ته اهي ايئن محسوس ڪندا هئا ڄڻ ڪنهن مقدس بادشاهي ۾ پهچي ويا هجن ۽ اهو محسوس ڪندا هئا ته هنن ڪنهن معجزن ڀري برڪتن واري عمل ۾ حصو ورتو هجي. ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڌرتي زنده رحم جيان سڀني مخلوقن: ٻوٽن، جانورن ۽ انسانن کي جياپو ڏيندڙ هئي. ايئن نه ٿئي جو اها سگهه پنهنجو پاڻ ختم ٿي وڃي، ان جي پورائي لا خاص رسمون جوڙيون ويون. پهريون ٻج دان طور ڇٽيو ويندو هو ۽ پهرين فصل جو لابارو نه ڪبو هو، جيئن اهي مقدس طاقتون پنهنجو پاڻ کي برقرار رکي سگهن. اهڙيون به شاهديون ملن ٿيون ته وچ آمريڪا، آفريڪا، پسيفڪ جي ٻيٽن ۽ دراوڙن جي هندستان ۾ انسانن جي قرباني دان طور ڏني ويندي هئي. انهن رسمون جا ٻه مک مرڪزي نقطا آهن، پهريون: بنا ڪجهه ڏيڻ جي اوهان کي ڪجهه به نه ملندو، ڪجهه حاصل ڪرڻ لا ڪجهه ڏيڻ ضروري هو. ٻيو: حقيقت جو مجموعي تصور هو. پاڪ هستي کي فطري دنيا کان ٻاهر مابعد الطبيعياتي تصور نه ڪيو ويندو هو. ان سان ميل رڳو ڌرتي ۽ ان مان ڦٽي نڪتل شين وسيلي ئي ٿيڻو هو، جيڪي پنهنجو پاڻ مقدس هيون. ديوتا، انسان، جانور ۽ ٻوٽا سڀئي ساڳي فطرت جا ڀاڱيوار هئا ۽ انهي ڪري هڪ ٻئي جو حوصلو وڌائي ۽ مڪمل ڪري ٿي سگهيا.
مثال طور انساني جنسي عمل کي انهي آسماني طاقت جهڙو ئي ليکيو ويندو هو جنهن ڌرتي مان فصل پيدا ڪيو ٿي. پٿر جي دور جي پڇاڙڪي حصي واري ڏندڪٿا ۾ لاباري کي مقدس شادي طور ڏٺو ويندو هو، جنهن ۾ ڌرتي موئنث، ٻج، آسماني مرداڻو ٻج (semen) ۽ برسات ڌرتي ۽ آسمان جو جنسي ميلاپ هئي. اهو ماڻهن ۾ عام رواج هو ته پوک ڪرڻ وقت رسم طور جنسي عمل ڪن. سندن جنسي عمل، جيڪو پنهنجي پاڻ ۾ مقدس عمل هو، جيڪو ڌرتي جي تخليقي قوتن کي اجاگر ڪندو هو. هاري جو هر، مقدس مذڪر جنسي عضوو هو، جنهن ڌرتي جو رحم کولي ٻج ڇٽي ان کي وڏو ٿي ڪري ڇڏيو. بائيبل مان ڄاڻ ملي ٿي ته ان قسم جا جنسي ميلا يا اگهاڙا ناچ (orgies) قديم اسرائيلين ۾ ڇهين صدي (مسيح کان اڳ) تائين ملن ٿا، جن تي Hosea ۽ Ezekiel جهڙا نبي ڪاوڙ ڪندا هئا. ايتري تائين جو يروشلم جي عبادتگاهه ۾ زرخيزي جي ديوي ايشرا (Asherah) جيڪا ڪعنان جي ديوي هئي، ان جي ۽ پاڪ وحشيائن جي گهرن جي مان ۾ تقريبون ٿينديون هيون.
ان هوندي به نيوليٿڪ (Neolithic) انقلاب جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڌرتي کي سدائين موئنث تصور نه ڪيو ويندو هو. چين ۽ جاپان ۾ پيداواري زمين جنس کان پاڪ هئي، ۽ پو عورت جي گهرو زندگي ۾ اهم ڪردار هجڻ جي نتيجي ۾ ڌرتي خوراڪ ڏيندڙ موئنث ٿي پئي. دنيا جي ٻين حصن ۾ ڌرتي کي انساني روپ ڏيڻ بدران پنهنجو پاڻ ۾ مقدس سمجهيو ويندو هو. اها پنهنجي رحم مان هر شي ايئن ئي ڄڻيندي آهي جيئن عورت ٻار ڄڻيندي آهي. يورپ ۽ اتر آمريڪا جي تخليق جي حوالي سان ڪجهه ڏندڪٿائن ۾ انسان کي ٻوٽن، ٻجن جيان ڌرتي مان ڦٽندي ڄاڻايو ويو. سندن زندگيون پاتال ۾ شروع ٿي ٿيون، ايتري تائين جيتري تائين نوان ماڻهو ڌرتي تي نروار ٿين يا گلن جيان ڦٽي نڪرن ۽ سندن مائرون کين پٽي وٺن. اڳ جتي انسان آسماني طاقت سان ملڻ لا مٿي اڏامڻ جو خيال ٿي ڪيو اتي هاڻي رسمن ذريعي ان مقدس هستي کي ڌرتي ۾ ڳولڻ شروع ڪيو. لاسڪاڪس مان مليل پٿر جي دور (Paleolithic) جي کاهين سان ملندڙ جلندڙ نيوليٿڪ (Neolithic) جا انگڙ ونگڙ دريافت ڪيا ويا آهن، پر انهن انگڙن ونگڙن ۾ پهچي عبادت ڪندڙ مقدس جانورن سان ملڻ بدران اهو محسوس ڪندا هئا ته اهي ڌرتي ماتا جي ڪُک ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ روحاني طور زندگي جي وسيلي ڏانهن ورندا هئا.
تخليق جي حوالي سان اهي ڏندڪٿائون ماڻهن کي سيکارينديون هيون ته اهي به پٿرن، درياهن ۽ وڻن جيان ڌرتي جا ئي هئا. انهي ڪري کين ان جي فطرت جو احترام ڪرڻ گهرجي. ٻيون (ڏندڪٿائون) وري ڌرتي سان اهڙي سڃاڻپ ۽ لاڳاپي جو اظهار ڪنديون هيون جيڪو خاندان يا ما پي (سان لاڳاپي) کان وڌيڪ گهرو هو. اهڙي قسم جي ڏندڪٿا خاص ڪري قديم يونان ۾ ڏاڍي مشهور هئي. Erechthonius ايٿنس جو پنجون ڏندڪٿائي بادشاهه Acropolis جي پاڪ مٽي مان ڄائو هو، (هن جي پيدا ٿيڻ وارو ڏيهاڙو) آڳاٽي زماني کان هڪ مخصوص عبادتگاهه ۾ مقدس ڏيهاڙي طور ملهايو ويندو هو.
نيوليٿڪ (Neolithic) انقلاب ماڻهن کي ان تخليقي سگهه جي ڄاڻ ڏني جيڪا ڪل ڪائنات ۾ موجود هئي. شروعات ۾ اها اڻٽٽ مقدس سگهه هئي، جنهن ڌرتي کي پاڪ هستي جو روپ ٿي ڏنو. پر ڏندڪٿائي تخيل سدائين ٺوس ۽ واقعاتي ٿي پوندو آهي، جنهن جي اصل ۾ ڪا واضح شڪل شبيهه نه هئي ان کي سمجهاڻي ملي وئي ۽ مخصوص ٿي پيو. جيئن آسمان جي تعظيم ديوتا جي شخصي روپ ڏانهن ڌڪي وئي، اهڙي ئي نموني پاليندڙ ۽ ممتا جو احساس ڏياريندڙ ڌرتي ديوي ماتا ٿي پئي. شام ۾ ان کي Asherah جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، هو، El نالي سڀ کان وڏي ديوتا جي ساٿياڻي هئي، يا وري El جي ڌي، Anat طور سڃاتي ويندي هئي. سمير ۽ ميسوپوٽميه ۾ کيس Inanna ڪري سڏبو هو. مصر ۾ Isis ۽ يونان ۾ هو، Demeter, Hera ۽ Aphrodite ٿي پئي.
ديوي ماتا (جو تصور) شڪاري سماجن جي عظيم ما سان ملندڙ جلندڙ هو ۽ ٻنهي ۾ ڪيتريون ئي ڀئو ڏياريندڙ خاصيتون هڪ جهڙيون هيون. مثال طور Anat هڪ بيرحم ويڙهاڪ آهي جنهن کي رت جو سمنڊ پار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. Demeter کي ڪاوڙ ڪندڙ ۽ بدلو وٺندڙ طور بيان ڪيو ويو آهي ۽ ايتري تائين جو Aphrodite جيڪا عشق جي ديوي آهي، اها به ايذا ڏيندڙ بدلو وٺڻ واري آهي.
)هلندڙ)