آڪٽوبر 1967 ۾ مون کي هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي هڪ آزموديڪار سپاهي شري بجوئي ڪمار سنها سان ملاقات جو موقعو مليو. بجوئي بابو مشهور لاهور سازش ڪيس جي جوابدارن ۾ شامل هو ۽ استعماري حڪمرانن ان علائقي ۾ کيس موت جي سزا ٻڌائي هئي. انهن ڏهاڙن جو ذڪر ڪندي بجوئي بابو مون کي امر شهيد ڀڳت سنگهه جي آخري گهڙين بابت ٻڌايو جنهن کي موت جي سزا ڏني وئي هئي. ڀڳت سنگهه دار جي تختي تي چڙهڻ کان اڳ لينن جي سوانح حيات جو مطالعو ڪري رهيو هو، ان وقت هو موت جي سزا ٻڌايل قيدين لاءِ قائم ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ قيد هو ۽ جيل اختيارين جي جبر خلاف سپاهي قيدين جي ڊگهي بک هڙتال جي نتيجي ۾ ڏاڍو ڪمزور ۽ بيحال ٿي پيو هو.
بجوئي سنها ۽ ٻين ڪيترن ئي انقلابين سان ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ هيٺيان سوال منهنجي ذهن ۾ اڀريا: عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب بابت پهريون اطلاع هندستان ڪڏهن پهتو؟ ان خبر قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي ترقي پسند ليڊرن کي ڪهڙي نموني متاثر ڪيو؟ هندستان ۾ آڪٽوبر انقلاب ۽ لينن بابت ڪهڙيون لکڻيون ڇپيون ۽ ڪڏهن؟ ڦاسيءَ کان اڳ ڀڳت سنگهه جي مطالعي هيٺ لينن جي ڪهڙي سوانح حيات هئي؟
استعمارين پاران وڌل رنڊڪن باوجود 1917 ۾ روس ۾ پيش ايندڙ واقعن جي خبر هندستان پهتي. لاهور جي روزاني ٽريبيون پنهنجي 16 نومبر جي اشاعت ۾ سوويتن جي ڪل روس ڪانگريس جي منظور ڪيل امن جي فرمان بابت خبر شايع ڪئي جنهن جي سرخي هئي: “لينن جي امن جي تجويز” ان فرمان بابت ٻيون خبرون به ان ئي اخبار جي 27 نومبر واري شماري ۾ ڇپيون.
هندستاني اخبارن ۾ روس جي واقعن ۽ انقلاب جي ليڊر ولاديمير ايليئچ لينن بابت خبرن جي اشاعت جو سلسلو نومبر، ڊسمبر 1917 کان ئي شروع ٿي ويو هو ۽ اهي خبرون هندستاني عوام ۽ سياسي ڪارڪنن جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ لڳيون. مشهور تامل شاعر شري سبرامنيم ڀارتي 28 نومبر 1917 تي هڪ اخبار ۾ لکيو هو ته روس ۾ نجي ملڪيت کي عوام جي گڏيل ملڪيت قرار ڏنو ويو آهي. ڀارتي لکيو: “روس ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي سوشلزم چون ٿا. سوشلسٽ اصول مسلسل مضبوط ٿي رهيو آهي. روسي ريپبلڪ ۾ جتي لينن ۽ ٻين جي قيادت ۾ سرڪار قائم ڪئي وئي آهي سموري پوکيءَ لائق زمين ۽ ٻي ملڪيت کي عوام جي ملڪيت قرار ڏنو ويو آهي…. روس مان اهو اصول ايشيا ۾ پکڙيو آهي.”
سوويت سرڪار جي شروعاتي فرمانن جو ذڪر ڪندي ڪلڪتي جي روزاني امرت بازار پتريڪا همدرداڻي لهجي ۾ لکيو هو ته سوويت سرڪار زارشاهي سرڪار جي طئي ڪيل سمورن غيرمنصفاڻن معاهدن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ زارشاهي سرڪار جا قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ ٻئي هندستاني صحافي ڊاڪٽر سڌيندر بوس ماڊرن رويو جي فيبروري 1919 واري شماري ۾ روس جي صورتحال جو ذڪر ڪندي لکيو هو: “روس ۾ سمورين قوميتن کي حق خود اراديت ڏنو ويو آهي. مقامي انتظام سوويتن يعني مزدورن ۽ سپاهين جي ڪميٽين حوالي ڪيو ويو آهي… هر هڪ ٽائون، ڳوٺ، ريلوي اسٽيشن يا صنعتي اداري جو انتظام هڪ ڪميٽي ڪري ٿي. زمين وڏن زميندارن کان وٺي هارين کي ڏني وئي آهي جنهن جو ڪل آباديءَ ۾ حصو 80 سيڪڙو آهي. فيڪٽريون سرمائيدارن کان کسيون ويون آهن ۽ اميرن جا وڏا وڏا محل بي گهر ماڻهن کي ڏنا ويا آهن. نئين بولشيوڪ سرڪار تجويز پيش ڪئي آهي ته جنگ ۾ شامل سمورا ملڪ غيرعلائقن کي پنهنجي علائقي ۾ شامل ڪرڻ يا جنگ جو ڏنڊ گهرڻ کان سواءِ ۽ خوداراديت جي حق جي بنياد تي جنگ ختم ڪن. انهن جي نظر ۾ غيرعلائقن جي “عدم شموليت” جو مطلب ٻين قومن جي علائقن تي قبضي کان ۽ ٻين قوميتن کي پاڻ ۾ شامل ڪرڻ کان بچڻ هوندو آهي. “خوداراديت” مان سندن مراد هيءَ آهي ته قوميتن کي پنهنجي سرڪارن جي شڪل جي چونڊ ۽ تعين جو حق حاصل آهي.”
امرت بازار پتريڪا پنهنجي آگسٽ 1920 جي شماري ۾ برطانوي پارليامينٽ ۾ لائڊ جارج جي ان الزام جو جواب ڏنو هو ته لينن جي سرڪار “غيرمذهبي” آهي. پتريڪا لکيو هو: “پر ڇا يورپ ۾ هڪ به اهڙي سرڪار آهي جنهن کي مذهبي چئي سگهجي… اتي ماڻهو پنهنجي خالق جي نه پر سون ۽ طاقت جي عبادت ڪن ٿا. اولهه ۾ رڳو هڪ خيال ئي ماڻهن جي ذهنن تي حاوي آهي ۽ اهو هيءُ ته پاڙيسريءَ کي لٽيو ڦريو ۽ پنهنجو غلام ڪيئن بڻايو وڃي، انهن کي نپوڙي پنهنجي دولت ۾ واڌ ڪيئن ڪئي وڃي.” ڄاڻايل اخبار هيءُ نتيجو ڪڍيو هو ته “نه رڳو اهو ته سوويت سرڪار ڪنهن به ٻي يورپي سرڪار جيان طاقتور آهي بلڪ سوويتن جا ڪيترائي اصول دنيا جي ڪنهن به ٻي سرڪار جي رهنمائي ڪندڙ اصولن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ روشن خياليءَ جو لقاءُ آهن.” امرت بازار پتريڪا لينن کي “ذهين دانشور” قرار ڏنو هو.
وطن دوست هندستاني دانشورن جي ترقي پسند نمائندن سوويت روس بابت سامراجي پروپئگنڊا جي هٿ ٺوڪين ڳالهين جي ترديد ڪئي ۽ ان جو جواب عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب مان اڀرندڙ لقائن جي معروضي سمجهه جي روپ ۾ ڏنو. قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي هڪ وڏي ليڊر شري رماشنڪر اوسٿي جو هڪ ڪتاب روسي انقلاب ان جو واضح مثال آهي.
ليکڪ ان ڪتاب ۾ روسي انقلاب جي ارتقا جي خاص خاص مرحلن جو مڪمل تفصيل سان جائزو ورتو آهي. هن لکيو هو: “روس جي انقلاب سڄي دنيا تي اثر وڌو آهي. ان جي اصل ڪاميابي هيءَ آهي ته ان جي نتيجي ۾ 20 ڪروڙ ماڻهن کي آزادي ملي آهي. مطلق العنانيت جي خاتمي اهو ڏيکاري ڇڏيو آهي ته آمريت جو تختو بهرحال اوڌندو ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو ته جبر جي پاليسيءَ جو موت ويجهو آهي.” شري اوسٿي وڌيڪ لکيو ته روسي انقلاب “جمهوريت جي تصور” کي نئين قوت بخشي آهي. هن لکيو هو: “اهو ڏينهن بس اچڻ وارو آهي جڏهن ٻين قومن کي غلام بڻائيندڙ سامراجي رياستون ٽٽي منتشر ٿي وينديون ۽ جبر جو شڪار قومون حقيقي جمهوريت حاصل ڪنديون… پنهنجن حقن کان وانجهيل قومون سجاڳ ٿينديون ۽ روس، جنهن سڀ کان پهرين اهو نعرو هنيو آهي، يقينن ان تحريڪ جي رهنمائي ڪندو.”
لينن 10 مئي 1920 تي هندستاني انقلابي ايسوسيئيشن پاران واڌاين جي جواب ۾ پنهنجي نياپي ۾ لکيو هو:
“مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ترقي پسند هندستانين مزدورن ۽ هارين جي ريپبلڪ جي اعلانيل خوداراديت جي حق ۽ پرڏيهي ۽ مقامي سرمائيدارن جي استحصال ۽ ظلم جي شڪار قومن جي آزاديءَ وارن اصولن کي واکاڻيو آهي… هندستاني، چيني، ڪوريائي، جاپاني، ايراني ۽ ترڪي جا مزدور ۽ هاري جڏهن آزاديءَ جي گڏيل مقصد لاءِ ڪلهوڪلهي سان گڏي اڳيان وڌندا ته ان وقت استحصالي قوتن تي فيصلائتي سوڀ يقيني بڻجندي. آزاد ايشيا پائنده باد!”
(هلندڙ)