ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هارين جي ڏندڪٿا-II

ٻيهر (چئجي ٿو ته) ڏندڪٿا جو مطلب فراريت وٺڻ نه آهي. نيون نيوليٿڪ (Neolithic) ڏندڪٿائون ماڻهن کي موت کي منهن ڏيڻ لا زور ڀرينديون هيون. اهي مقدس ڪلام نه هيون ۽ ديوي ماتا رحم ڪندڙ ۽ نرم دل واري نه هئي، ڇو جو اڃا ٻني ٻاري جو امن سان ڀريل ۽ اهڙو پيشو جنهن ۾ غور ويچار ڪجي وارو تجربو نه ڪيو ويو هو. اهو بنجر پڻي، ڏڪار ۽ قدرت جي بيرحم طاقتن، جيڪي پاڻ ان مقدس هستي جو روپ هيون، انهن سان سدائين هلندڙ ويڙهه ۽ جدوجهد هو. پوک جي حوالي سان جنسي تصويرن مان اها مراد نه آهي ته ڪو ماڻهو ٻني ٻاري ذريعي فطرت سان عشق ۾ هئا. ٻار ڄڻڻ وارو عمل ما ۽ ٻار لا ڏاڍو خطرناڪ هو. ساڳي نموني هارپو به سخت ۽ چيلهه چٻي ڪندڙ پورهيو هو.

پيدائش جي ڪتاب (بائيبل مقدس جي پراڻي عهدنامي جو پهريون ڪتاب) موجب سڪون واري جنت مان تڙي نڪرڻ کانپو واري حالت ٻني ٻارو ڪرڻ واري هئي. عيدن ۾ پهريان انسان خدا جي باغ ۾ بنا ڪنهن محنت واري ڪم جي رهيا ٿي، پر ڌرتي تي ڪرڻ کانپو عورت ڏک سور ۾ ٻار ڄڻڻ لڳي ۽ مرد کي پگهر وهائي مٽي مان خوراڪ حاصل ڪرڻي ٿي پئي. شروعاتي ڏندڪٿا ۾ هارپي ۾ ويڙهه هئي ۽ کاڌو موت ۽ تباهي جي مقدس طاقتن سان لاڳيتو وڙهندي پيدا ڪبو هو. ٻج کي ميوو ٿيڻ لا ڌرتي اندر وڃي مرڻو پوندو هو ۽ ان جو موت ڏکائيندڙ ۽ ايذا ڏيندڙ عمل هو. هارپي ڪرڻ لا به ملندڙ جلندڙ هٿيارين جي ضرورت پئي، سنگ کي چورو ڪرڻ لازمي هو، ۽ شراب ۾ بدلجڻ کان اڳ انگورن جو ٿلهو متارو ٿيڻ ضروري هو.

اسين اهو ديوي ماتا واري ڏندڪٿائن ۾ ڏسون ٿا، جنهن جي ساٿين کي لڳ ڀڳ چيريو ڦاڙيو وڃي ٿو، جن جا عضوا الڳ ٿي وڃن ٿا، جن کي وحشي نموني چچريو وڃي ٿو ۽ وري فصل سان گڏ جيئرو ٿيڻ لا ماريو وڃي ٿو. اهي سڀئي ڏندڪٿائون موت خلاف جدوجهد جي ڳالهه ڪن ٿيون.

  پٿر جي زماني جي سورمن وارين پراڻين ڏندڪٿائن ۾ اڪثر ڪري اهو مرد ئي هوندو هو جيڪو پنهنجي ماڻهن جي مدد لا ڏکئي سفر تي نڪرندو هو. پر نيوليٿڪ (Neolithic) انقلاب کانپو مرد هيڻو ۽ اٻوجهه ٿي پيو. اها ديوي ماتا ئي هئي جيڪا مهم تي نڪري دنيا ۾ گهمندي وتندي هئي، هو موت سان وڙهي انسان ذات لا خوراڪ کڻي ايندي هئي. اهڙيون ڏندڪٿائون جيڪي توازن ۽ ايڪو بحال ڪن ٿيون، انهن ۾ ڌرتي ماتا موئنث سورمائي (heroism) جو اهڄاڻ بڻجي پئي.

اهو طوفان جي ديوتا بال (Baal) جي ڀيڻ يا زال Anat واري ڏندڪٿا مان ظاهر آهي، جيڪا نه رڳو هارپي جي ڏکيائين خلاف جدوجهد پر مڪمل ٿيڻ ۽ ايڪو آڻڻ جي به نشاني آهي. بال (Baal) جيڪو اکريل ڌرتي تي مينهن وسائي ٿو، پاڻ انهن راڪشسن جيڪي ڏڦير ۽ تباهي جون طاقتون آهن سان لاڳيتي ويڙهه ۾ رڌل آهي، نيٺ هڪ ڏينهن Mot نالي موت، بنجر پڻي ۽ ڏڪار جو ديوتا جيڪو هن کي لاڳيتو ڌرتي کي بيابان ڪري ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهي ٿو هن تي حملو ڪري ڏئي ٿو. Mot جي اڳڀرائي تي بال (Baal) خوف ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ بنا ڪنهن مزاحمت جي هن اڳيان جهڪي پئي ٿو. Mot کيس رڍ جي گوشت جيان ڳڙڪائي هن کي موت جي سرزمين پاتال ڏانهن زوري اڇلائي ڇڏي ٿو. جيئن ته بال (Baal) هاڻي ڌرتي تي وڌيڪ مينهن نٿو وسائي سگهي، انهي جي ڪري هڪ وڏي ڏڪار ڪارڻ فصل سڙي مري وڃي ٿو. بال (Baal) جو پي مها ديوتا El هيڻو آهي. جڏهن اهو بال (Baal) جي مري وڃڻ جي خبر ٻڌي ٿو ته وڏي تخت تان لهي اچي ٿو. هو موت سان لڳاپيل روائتي رسمن ۾ حصو وٺي ٿو، ڏک ڪري ٿو پر پنهنجي پٽ کي نٿو بچائي سگهي. اتي رڳو Anat ئي اهڙي خدائي طاقت رکندڙ هستي آهي جيڪا ڪارائتي آهي. هو ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ پنهنجي ساٿي جي ڳولا ۾ ڌرتي جا چڪر هڻندي رهي ٿي. شام جي لکتن، جنهن ۾ هي ڏندڪٿا محفوظ آهي ۾ اچي ٿو ته هو بال (Baal) کي ايئن ڳولي ٿي “جيئن ڍڳي پنهنجي وڇ کي يا رڍ پنهنجي ٻچي کي.” جڏهن Anat بال (Baal) جي مئل جسم کي ڳولي لهي ٿي ته هن جي شان ۾ هڪ وڏي مرتئي جي دعوت ڪري ٿي، هو، El تي ڏاڍي ڪاوڙ ڪري ٿي ۽ Mot جي ڳولا جاري رکي ٿي. جڏهن هو ان کي ڳولي لهي ٿي ته ڏاٽي سان Mot کي ٻن حصن ۾ وڍي ٿي، ان جا ڳڀا ڳڀا ڪري ان کي گهاڻي ۾ پيڙهي ان جي ماس جا ذرڙا زمين تي اڇلائي ٿي، هو هن سان اهڙو ورتا ڪري ٿي جهڙو هاري پنهنجي ٻج سان ڪندو آهي.

اسان (کي مليل) حوالا اڻپورا آهن، ان ڪري اسين اهو نٿا ڄاڻون ته Anat ڪهڙي نموني بال (Baal) کي ٻيهر جيئرو ڪيو. پر ٻئي بال (Baal) ۽ Mot ديوتا آهن، انهن ٻنهي مان ڪو هڪ به پوري ريت فنا نٿو ٿي سگهي. انهن ٻنهي جي ويڙهه هلندي رهندي ۽ هر سال لابارو موت جي منهن ۾ ٿيندو رهندو. هن ڏندڪٿا جي هڪ ٻئي نموني (version) ۾ Anat بال (Baal) کي اهڙو ته ڀرپور نموني جيئرو ڪري ٿي جو ٻئي ڀيري هو Mot جي حملي جو وڌيڪ شدت سان جواب ڏئي ٿو. ڌرتي ڏانهن مينهن وري ٿو، مٿاڇرين ۾ ماکي وهي ٿي ۽ آسمان مان مقدس تيل وسي ٿو. هي ڪهاڻي بال (Baal) ۽ Anat جي جنسي ميلاپ سان پوري ٿئي ٿي، جيڪو مڪمل ٿيڻ جو اهڃاڻ آهي، ان کي نئين سال جو ميلو به سڏيو ويو.

مصر ۾ به اسان کي ساڳئي روايت ملي ٿي، جيتوڻڪ Anat جي ڀيٽ ۾ Isis گهٽ طاقت واري آهي. مصر جو پهريون بادشاهه Osiris پنهنجي ماڻهن کي ٻني ٻاري جو فن سيکاري ٿو. هن جو ڀا، Seth جيڪو تخت تي ويهڻ گهري ٿو، هن کي قتل ڪري ڇڏي ٿو. هن جي ڀيڻ ۽ زال Isis هن جي جسم کي ڳولڻ لا دنيا ۾ نڪري پئي ٿي. جڏهن هو هن جي مئل جسم کي ڳولي لهي ٿي ته ان کي رڳو ايتري وقت تائين جيئرو ڪري سگهي ٿي جو هن سان سمهي سگهي ۽ هن (Osiris) جي مري وڃڻ کان اڳ هن جي پيٽ ۾ Horus هڪ پٽ جو ٻج اچي وڃي، جيئن هن جو نسل اڳيان وڌندو رهي. ان کانپو، Osiris جو جسم ڳڀا ڳڀا ڪيو وڃي ٿو ۽ هر ڳڀي کي ٻج جيان مصر جي مختلف حصن ۾ پوريو وڃي ٿو. هو Duat جو حڪمران ٿي وڃي ٿو، جيڪا مئلن جي دنيا آهي ۽ هر سال آخري لاباري جي ذميواري هن تي آهي، هن جو موت ۽ ڳڀا ڳڀا ٿيڻ رسمي طور فصل جي لاباري ۽ پسجڻ سان لاڳاپيل آهي. موت جو ديوتا ئي اڪثر ڪري لاباري جو به ديوتا هوندو آهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿيندو آهي ته زندگي ۽ موت اڻٽٽ انداز ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. اوهان کي ڪنهن هڪ بنا ٻيو نٿو ملي سگهي. اهو ديوتا جيڪو مري ٿو ۽ ٻيهر جيئرو ٿئي ٿو، جيڪو موسمن جي مٽجڻ واري ان ڪائناتي طريقيڪار جي نشاندهي ڪري ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ڪا ٻي زندگي به هجي، پر انهن ڏندڪٿائن ۽ فصل جي انهن مرندڙ ديوتائن واري فرقي جو مرڪزي نقطو هو ته سدائين ڏڦير ۽ رتوڇاڻ هوندو ۽ زندگي جي قوتن جي سوڀ ڪڏهن پوري نٿي ٿئي.

خاص ڪري اهو ميسوپوٽميه جي ديوي Inanna جي پاتال ۾ وڃڻ واري ڏندڪٿا مان صاف ظاهر آهي. ان کي اڻڄاڻ حصي (تائين پهچڻ) لا هڪ ٻئي افتتاحي تقريب طور سمجهي سگهجي ٿو، موت جو تجربو جيڪو نئين زندگي ڏانهن رهبري ڪري ٿو. Inanna وٽ ڌرتي جي گهراين ۾ ان خطرناڪ سفر ڪرڻ جو ڪو خاص مقصد نه آهي. اسان انهن حوالن مان جيڪي پورا نه آهن، اهو ٻڌائي سگهون ٿا ته هن جو مقصد پنهنجي ڀيڻ Ereshkigal جي تخت تي قبضو ڪرڻ هو، جيڪا دوزخ جي راڻي ۽ زندگي جي حاڪم به آهي.
Ereshkigal جي نيري پٿر سان ٺهيل خوبصورت محل تائين پهچڻ کان اڳ Inanna کي پنهنجي ڀيڻ جي ستن ڀتين واري شهر جي ستن درن کي پار ڪرڻو آهي. هر ڀيري در تي بيٺل رکوالو Inanna کي پنهنجي ڪپڙن مان ڪو ٽڪرو لاهڻ جو شرط ڏئي ٿو ته جيئن جڏهن هو پنهنجي ڀيڻ وٽ پهچي ته Inanna وٽ پنهنجي بچا لا ڪوبه هٿيار نه هجي. هن جي قبضي ڪرڻ واري رٿ ناڪام وڃي ٿي ۽ پاتال جا ست قاضي Inanna کي موت جي سزا ٻڌائين ٿا ۽ هن جو جسم نيزي تي لٽڪيل ڏيکاريو وڃي ٿو. جيئن تيئن ڪري Inanna کي ٻيا ديويا بچائي وٺن ٿا ۽ هو راڪشسن جي ٽولي سان گڏ ڌرتي ڏانهن فاتح طور ۽ جوش ۾ وري ٿي. جڏهن هو گهر پهچي ٿي ته هن جو سهڻو ڌنار مڙس Dumuzi هن جي تخت تي ويهڻ جي همت ڪري ويٺو آهي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button