رانديون

بنگلاديش پهرين ٽي 20 ۾ انگلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ميچن واري سيريز جي پهرين ٽي 20 ۾ انگلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان شڪيب الحسن ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سندن حق ۾ بهتر ثابت ٿيو. انگلش ٽيم 6 وڪيٽن تي 156 رنسون ٺاهي سگهي، ڪپتان جوز بٽلر 4 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هڻي 67 رنسون ڪيون، پر سندس محنت ٽيم جي ڪم نھ اچي سگهي، فل سالٽ 38 ۽ بين ڊڪيٽ 20 رنسن جي اننگز کيڏي، معين علي، سيم ڪوران، ڪرس ووڪس ۽ ڊيوڊ ميلان سنگل ڊجيٽ ۾ رهيا. بنگلاديشي بالرن مان حسن محمد 2، شڪيب الحسن، مستفضر الرحمان، تسڪين احمد ۽ نسيم احمد هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. بنگلاديش جي ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي 18 اوورن ۾ هدف پورو ڪري فتح ماڻي، جنهن سان انهن سيريز ۾ بھ برتري حاصل ڪري ورتي آهي، بيٽرن مان نجم الحسن شنٽو 51، شڪيب الحسن 34، توحيد هريدوئي 24، روني تعلڪدار 21 ۽ لٽن داس 12 رنسن سان ٽيم جي ڪاميابي ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. انگلش بالرن مان معين علي، مارڪ ووڊ، عادل رشيد، جوفرا آرچر هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button