رانديون

خواجا جي سينچري، آسٽريليا ڀارت خلاف 255 رنسون ٺاهي ڇڏيون

آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ آخري ٽيسٽ ميچ شروع ٿي وئي آهي، جنهن جي پهرين ڏينهن تي آسٽريليا 4 وڪيٽن تي 255 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جنهن ۾ عثمان خواجا 110 رنسن سان ڪريز تي موجود آهي. اندور جي ميدان تي جاري ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن آسٽريليا جا بيٽر ٽريوس هيڊ 32، اسٽيو سمٿ 38، پيٽر هينڊڪومبس 17 ۽ مارنس ليبوشين 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن، راند ختم ٿيڻ تي عثمان خواجا سان گڏ ڪيمرون گرين 49 رنسن تي موجود هو. ڀارتي بالر سڄي ڏينهن ۾ رڳو 4 وڪيٽون وٺي سگهيا، جن ۾ محمد شمي 2 آئوٽ ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button