اها حقيقت آهي ته تعليم جي تمام گھڻي اهميت آهي. پر اها به حقيقت آهي ته 1947 کان وٺي اسان تعليم جي اهميت جو رڳو زباني اقرار ڪندا آيا آهيون. تعليم انسان جو زيور آهي، ٽِين اک آهي وغيره وغيره جهڙا سهڻا سخن ايجاد ڪري يا بيان ڪري اهو ثابت ڪندا آهيون ته تعليم جو حق ادا ٿي ويو.
قائدِ اعظم چيو هو ته پاڪستان جي لاءِ تعليم زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته يا ته اسان تعليم حاصل ڪري دنيا سان گڏ هلي سگهنداسين يا وري تعليم جي معاملي ۾ پوئتي رهي نه رڳو دنيا کان پٺتي رهجي وينداسين بلڪه شايد تاريخ جي صفحي تان ئي ميسارجي وڃون. بعد ۾ اسان پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25 اي ۾ لکيو ته 5 کان 16 سالن جي ڄمار جي هر ٻار کي مفت ۽ ضروري تعليم ڏني ويندي. پر ان سلسلي ۾ عملي طرح ڪنهن به ڪجهه نه ڪيو.
پاڪستان ۾ تعليم کي پيغمبري پيشو يا خدمت ۽ بنيادي ضرورت سمجهڻ بدران ڏوڪڙ ڪمائڻ جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. هر روز نوان نوان نجي تعليمي ادارا کلي رهيا آهن. اسڪول، ڪاليج، ٽيوشن سينٽر ۽ اڪيڊميون. هر شهر جي هر گھٽيءَ ۾ توهان کي اهڙا اسڪول ملي ويندا جيڪي ڪنهن به ريت اسڪول چَوَرائڻ جي لائق نه آهن سواءِ ان جي ته اهي بس ٽيوشن في، امتحاني في، پروگرامن لاءِ چندو، ڪتاب، بڪ، پينسليون، شيون ۽ ٻيو سڀ ڪجهه وڪرو ڪري مال ڪمائڻ جو ذريعو يا اڏو هوندا آهن. مال ڪمائڻ جي ان سموري ڌنڌي ۾ والدين به ان سوچ جا بڻجي ويندا آهن. اهي به پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏئي کين سماج جو ڪارآمد فرد بڻائڻ بدران سيڙپڪاريءَ جو ذريعو سمجهندا آهن. اهي سوچيندا آهن ته اڄ ٻارن جي پڙهائيءَ تي جيڪي خرچ ڪري رهيا آهن اهو سڀاڻي کين واپس ملندو. اهو ئي سبب آهي جو پڙهيا لکيا ۽ هوشيار نوجوان عام طور تي ڪميشن آفيسر ئي بڻجڻ چاهيندا آهن ته جيئن کين وڌ ۾ وڌ ڏوڪڙ ڪمائڻ جو موقعو ملي سگهي.
اسان وٽ ٻارَ پڙهندا رڳو ان ڪري آهن ته جيئن امتحان پاس ڪري سگهن. شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته جيڪي ڪجهه پڙهايو وڃي ٿو اهي ان جو رٽو هڻن ۽ امتحان دوران اهو ئي رٽيل سبق جوابي ڪاپيءَ تي اتاري ڇڏين. شاگردن وٽ پنهنجي پڙهائيءَ جو ڪو چِٽو خيال ڪونه هوندو آهي. خاص ڪري انگريزيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ان تعليم کي سمجهڻ جو مسئلو تمام گھڻو هوندو آهي. اهي انگريزيءَ ۾ ايترا ڀڙُ نه هوندا آهن جو سمجهي سگهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته انگريزي پڙهائيندڙ استادن جي تمام وڏي اڪثريت پاڻ انگريزي ڳالهائي نه سگهندي آهي.
اسان جي تعليم گھڻي قدر غير عملي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر پڙهيل لکيل نوجوانن وٽ سرٽيفڪيٽ ته آهن پر هنر ڪونهي. مهارت ڪانهي. ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ ڪونهي. ان ڪري اهي سرڪاري نوڪريءَ کي ترجيح ڏيندا آهن. ڪنهن ناليواري نجي ڪاليج ۾ پروفيسر يا ڪجهه معاملن ۾ پرنسيپال جي نوڪري ڇڏي نوجوان پرائمري ماستري قبول ڪري رهيا آهن ۽ پرائمري ماستري حاصل ڪري ٻه سو سيڪڙو خوش ۽ مطمئن آهن. ڇاڪاڻ ته سرڪاري نوڪريءَ جو اهو فائدو آهي ته توهان جو مستقبل محفوظ آهي. ڀل توهان کي اکر به نه ايندو هجي پوءِ به نوڪري ڪري سگهو ٿا. نوڪري به نه ڪريو ۽ پگهار کڻندا رهو، اهي مزا ان کان علاوه آهن.
هر قسم جي ڊاڙَ ٺڪاوَ ۽ وڏين دعوائن جي باوجود ملڪ ۾ خواندگيءَ جي شرح 62 سيڪڙو کان مٿي نه چڙهي سگهي آهي. اڄ به ساڍا پنج ڪروڙ ٻار لکڻ پڙهڻ نه ٿا ڄاڻن. 67 سيڪڙو عورتون اڻ پڙهيل آهن ۽ ٻهراڙيءَ واري علائقن ۾ 52 سيڪڙو ڇوڪريون اسڪول وڃڻ واري عمر ۾ به اسڪول رڪارڊ ۾ داخل نه هونديون آهن. 5 کان 16 سالن جي عمر جا 2 ڪروڙ ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر آهن. مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي جو اوهان جيڪا شئي 100 روپين ۾ وٺندا هئا اها هاڻي 200 روپيا يا ان کان به وڌيڪ اگهه تي وٺڻ لاءِ مجبور آهيو. ان وڌندڙ مهانگائيءَ جو اثر ٻين سڀني معاملن سان گڏوگڏ تعليم تي به پوي ٿو. نجي اسڪولن ۽ ٽيوشن سينٽرن جي في ايتري وڌي وئي آهي جو جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي ته پنهنجي ٻارن کي معمولي تعليم به ڏئي سگهي. ماڻهن جو پنهنجي ٻارن کي نجي اسڪولن منجهان ڪڍرائي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ جي پٺيان به اهو ئي سبب آهي. هيٺين طبقي جي لاءِ ته ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ به مسئلو بڻجي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن کي لڳي ٿو ٻار جيڪڏهن اسڪول وڃڻ بدران ڪم تي وڃي ته وڌيڪ بهتر آهي. ائين اهو گهر جي خرچن ۾ حصيداري ڪندو جنهن سان ٻيو نه ته گهر جي ڀاتين لاءِ ٻن ويلن جي مانيءَ جو بندوبست ٿي سگهندو. ٻارن جو اسڪول تائين اچڻ وڃڻ به تمام گھڻو مهانگو ٿي ويو آهي ڇاڪاڻ ته تيل جي قيمتن ۾ لڳاتار اضافو ڪرائي ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي. اهڙيءَ ريت ڪاغذ ۽ ڇپائيءَ جو عمل مهانگو ٿيڻ ڪري ٻارن جا ڪتاب، بڪ، پينسليون ۽ ٻيو ضروري سامان تمام گھڻو مهانگو ٿي ويو آهي جيڪو اڳتي اڃان وڌيڪ مهانگو ٿيندو.
حالانڪه سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي ڪتاب مفت ملندا هئا پر گذريل ڪجهه سالن کان اڻ پورا ڪتاب ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو جيڪو هاڻي تمام گھڻي کوٽ تائين وڃي پهتو آهي. اڳ ائين ٿيندو هو ته اسڪول انتظاميا جيڪا انڊينٽ ڏني يعني فرض ڪريو انهن لکي ڏنو ته سندن اسڪول ۾ ڇهين درجي ۾ پڙهندڙ ٻارن جو انگ 300 آهي ته تعليم کاتو کين 250 جي آس پاس ڪتاب ڏيندو هو. اها حقيقت آهي ته درسي ڪتاب اسڪولن توڙي ويئر هائوس تي زيان به ٿيندا رهندا آهن. خاص ڪري اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسان جي اسڪولن ۾ گوسڙو ٻار اسڪول نه ايندا آهن ڪتاب وٺي نه ويندا آهن يا وري ڪنهن اسڪول منجهان داخلا ئي غلط ڏيکاري ويندي آهي ته پوءِ ڪتاب بچي پوندا آهن. پر هن سال ته رياضي، طبيعيات ۽ حياتيات جهڙن اهم موضوعن جا ڪتاب نه ڏنا ويا. اهي ڪتاب تمام اهم به آهن ته تمام گھڻا مهانگا به. جن والدين اهي پنهنجي کيسي منجهان خريد ڪري ڏنا انهن تي معاشي حوالي سان بار پيو ۽ جن ٻارن اهي ڪتاب خريد نه ڪيا يا دير سان ڪيا انهن کي تعليمي حوالي سان نقصان برداشت ڪرڻو پيو. جهڙي صورتحال جُڙي چڪي آهي ان کي نظر ۾ رکندي ائين لڳي رهيو آهي ته هن سال سرڪاري اسڪولن اندر ڪتابن جي کوٽ اڳي کان اڳري ٿي ويندي. جڏهن ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ حڪومت مفت ڪتاب ڏيڻ وارو سلسلو ئي بند ڪري ڇڏيندي.
جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي هر ايري غيري کي ماستر ٿيڻ جو موقعو ڏئي ماسترن جي کوٽ گھڻي ڀاڱي پوري ڪري ورتي آهي پر تعليم کاتي ۾ ماسترن جي ضرورت اڃان به آهي. خاص ڪري ڪاليجن ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن اندر ته تمام گھڻي کوٽ آهي.
ملڪ جي موجوده معاشي حالتن کي ڏسندي ائين نظر اچي رهيو آهي ته مستقبل ۾ ماڻهو پنهنجي ٻارن کي تعليم نه ڏياري سگهندا. سٺي تعليم ته پري جي ڳالهه آهي، عمومي تعليم، سرڪاري تعليمي ادارن اندر پنهنجا ٻارَ پڙهائڻ به ڏکيو بڻجي ويندو. ڇاڪاڻ ته والدين جي سوچ ڦري گھري اتي اچي بيهندي ته ٻارن کي پڙهائڻ سان ٻين سمورن خرچن سان گڏ انهن جي پڙهائيءَ جو خرچ به پنهنجي ذمي کڻڻو ٿو پوي. پر جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي تعليم کان الڳ ڪري ڪم ڪار سان لڳايو ويندو ته نه رڳو ان جي پڙهائيءَ تي خرچ نه ڪرڻو پوندو پر ابتو اهو ٻار اڃان ڪجهه ڪمائيندو به. گهر وارن جي لاءِ فائدو ٿي پوندو. ايندڙ وقت ۾ صورتحال ايتري خراب ٿي ويندي جو ماڻهوءَ کي اهو فيصلو نه ڪرڻو پوندو ته ضرورتون پوريون ڪري يا آسائشون حاصل ڪري. ان جي ابتڙ کيس پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي ضرورتن ۾ ترجيحون طئي ڪرڻيون پونديون. يعني ماني کائڻ ته ضرورت آهي. دوا وٺڻ ته ضرورت آهي. پر پيسا نه هئڻ سبب اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ماني کائجي يا دوا وٺجي؟ ٻه ويلا ماني کائي هفتي جي دوا وٺجي يا ٽي ويلا ماني کائي ٽن ڏينهن جي دوا وٺجي وغيره.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت تعليم کي اهميت ڏئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام يا ٻين فنڊن منجهان تعليم تي وڌ ۾ وڌ خرچ ڪيو وڃي. آئين جي آرٽيڪل 25 اي تي عمل ڪيو وڃي. تعليم لاءِ مخصوص ڪيل بجيٽ وڌائي وڃي. اسڪالرشپ جو دائرو ۽ بجيٽ وڌائي وڃي. والدين کي قائل ڪرڻ گھرجي ته پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارين. رٽو هڻائڻ واري عادت کي ختم ڪيو وڃي. ڪيريئر ڪائونسلنگ جو انتظام ڪرائجي. استادن جي ڀرتين دوران ميرٽ جو وڌ ۾ وڌ خيال رکيو وڃي. استادن جي ٽريننگ تي رڳو رقم خرچ نه ڪئي وڃي، پنن جو پيٽ نه ڀريو وڃي بلڪه واقعي به ٽريننگ ڪرائي وڃي ۽ ان جا نتيجا وٺڻ جو ڪو سرشتو جوڙيو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته قائدِ اعظم چواڻي اسان تاريخ جي صفحن تان ميسارجي وينداسين.