ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آئي ايم ايف جو قرض حاڪمن کي لاھڻ کپي!

آئون ھن مھل پنھنجو ڪالم لکڻ کان اڳ مختلف ٽي وي چئنلز تي تازيون خبرون ڏسڻ ۾ رڌل ھئس. اوچتو وڏي خبر ھي ٻڌم ته خزاني جي وفاقي وزارت اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ اپريل مھيني ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ پاڪستان کي ھڪ ارب ڏھه ڪروڙ ڊالر امداد ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. انھي قسم جو ئي اعلان وزير خزانه اسحاق ڊار آئي ايم ايف جي وفد سان 28 فيبروري کان شروع ٿيل ڏھن ڏينھن ۽ راتين تائين ڳالھين ۾ مغزماري ڪرڻ کانپوءِ به جاري ڪيو هو پر ان ۾ ۽ سندس تازي بيان ۾ رڳو مھينو بدلجي ويو آهي. آئي ايم ايف جي اعليٰ سطحي وفد سان ڳالهھ ٻولھه ختم ڪري چيو ھئائين ته انشاالله ھلندڙ مارچ مهيني ۾ ئي ھڪ ارب ڏھه ڪروڙ رپيا امداد ڏيئي ڇڏيندا. اھا ڳالهھ جڏهن سچ بدران ڪوڙي ثابت ٿي ته اسلام آباد جي ميڊيا وارن ڪجھه نمائندن ٽي ڏينهن اڳ اسحاق ڊار جو گھيرو ڪري کانئس سوال ڪيو ته ڪروڙين ماڻهن سان ڪوڙ ڳالهائڻ تي استعيفا ڏين ٿو يا نه؟
وزير خزانه وراڻيو ته انهي سوال جو جواب ٻئي ڏينهن تي پريس ڪانفرنس گھرائي ڏيندس. پر چار ڏينهن لنگهي وڃڻ بعد ھن اڄ نھايت غير ذميداريءَ سان پنھنجي وزارت جي ھڪ نامعلوم ترجمان کان مٿيون بيان ڏياري پنهنجي جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھڙي چالاڪيءَ ۽ مڪاريءَ سان سندس جند ڪونه ڇٽي سگھندي. ھي ڪھڙي قسم جي گڏيل حڪمراني آهي تيرھن جماعتي اتحادي پارٽين جي جنهن ۾ مھانگائي ھر نئين سج چوٽ چڙهندي وڃي ۽ پي ڊي ايم سرڪار قرض گھرڻ ۽ قومي ملڪيتون کپائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به اپاءُ وٺڻ کان لنوائي رهي آهي؟
قومي ملڪيتون يعني پنهنجي غريباڻي گھر ۾ بچيل اباڻا ڏاڏاڻا ٿانو ٺڪر وڪڻي ڇڏڻ ڪنگال ماڻهن جي رسم ھوندي آهي جيڪا پاڪستان تي ڪيترائي ڏھاڪا حڪمراني ڪندڙ 9 جماعتي ليڊر ھڪ دفعو وري ڪري رهيا آهن. ھنن ئي قومي بئنڪن کي ڀڳڙن مٺ عيوض تين وال ڪري پنهنجن ئي ڀاڱي ڀائيوارن کي الائيڊ بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ، مسلم ڪمرشل بئنڪ، حبيب بئنڪ، ڪسب بئنڪ، سرڪاري شعبي جون شگرملز ۽ ٻيا قومي اثاثا وڪڻي پرڏيهي بئنڪن ۾ ناڻو لڪائي ڇڏيو هو. پناما پيپرز واري عالمي ليول جي انڪشاف ھنن حاڪمن جي اربين روپين وارين ٺڳين کي بي نقاب ڪيو ھو پر بدقسمتي ڏسو ته اڄ به ھو پاڪستان جھڙي معاشي طور تي بدحال ٿي ويل ملڪ جي مسڪين ماڻهن جي ڇاتيءَ تي سوار ٿي اسان غريبن جي جسم ۾ بچيل رت جا آخري ڦڙا به چوسڻ خاطر اٽڪل بازيون ڪرڻ کان نٿا مڙن!
پھرين اچو ته خزاني جي وزارت طرفان آئي ايم ايف جي امداد يعني قرض بابت ويچار ونڊيون ۽ خود وزير خزانه اسحاق ڊار جي سندس پنهنجين بد اعمالين تي نظر وجهون. ھي شخص نيب جي انيڪ ڪيسن ۾ گھربل ھو تنھن ڪري اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي جلاوطنيءَ کان اڳواٽ ئي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو ھو. عمران حڪومت ختم ٿيڻ شرط اسحاق ڊار واپس پاڪستان اچي ويو ۽ اچڻ شرط مسلم ليگ جي ئي وزير خزانه مفتاح اسماعيل کي بيعزتو ڪري ڀڄائي ڇڏيائين. اڄ جيڪڏهن نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز ھام ھڻي پيئي ته پي ڊي ايم سرڪار سان سندس ڪوبه واسطو ناهي سو اھڙو ئي نسورو ڪوڙ آهي جيڪو زرداري صاحب پڻ ڳالهائي ٿو پيو ته پيپلز پارٽيءَ جو پي ڊي ايم سان لاڳاپو ختم ٿي ويو آهي تنهن ڪري اسان پنهنجي تير جي نشان ذريعي اليڪشن لڙنداسين.

پڙھندڙن کي ياد ڏياري ڇڏيان ته اسان بکين ۽ ڏکين ڪروڙين وطن واسين جي ملڪ پاڪستان جو چئن سالن تائين ڪورٽن کان ڀاڄوڪڙ شخص اسحاق ڊار جيئن خزاني جي وفاقي وزارت سنڀالي ته پھريون ڪم اھو ڪيائين جو چار سال ايم اين اي ھجڻ واري پگھار ۽ ٻيا الائونس گڏاڻي سڏائي 77 ڪروڙ رپيا قومي خزاني مان ڪڍرائي پنهنجي ذاتي اڪائونٽ ۾ وجھي ڇڏيائين. ڇا قومي اسيمبليءَ کان غير حاضر رهندڙ ميمبر کي ھڪ ئي ڌڪ ۾ 77 ڪروڙ کڻڻ جو ڪوبه قانوني حق آهي؟ ان کان وڏو سندس ڏوهھ اھو به ھو ته مختلف ڪورٽن ۾ ھلندڙ اربين روپين جي ڪرپشن وارن مقدمن ۾ عدالتي حڪمن جي بار بار ڀڃڪڙي ڪندو رهيو جيئن ھاڻي تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ڪري پيو.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن اوهان جي پن پنان تي آئي ايم ايف وارا راضي ٿي ويا آهن ته پوءِ اربع تي شام جو اھو فيصلو ڇو ڪيو آهي وزيراعظم شھباز شريف جي سرڪار ته پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني کي خانگائي پي ايس او کي تيل ۽ گئس سپلائي ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي واپارين جا ٻه ھزار ارب رپيا واپس ڪري ڇڏبا. اوھان کي ھنن واپارين جي پئسن جو پيٽ ۾ سور اوچتو ڪيئن پئجي ويو آهي؟ آئون ٿو جواب ڏيان ته وڏي ۾ وڏو سپلائير سيف الرحمان عرب رياست قطر جي حاڪمن جو ڀائيوار ميان نواز شريف جو ذاتي نوڪر آهي جنهن پناما اسڪينڊل ۾ قطري شھزادي جو هٿ ٺوڪيو خط اماڻي پنهنجي مائي باپ نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کي بچائڻ جي سازش ڪئي ھئي پر جيئن ته اھو ڪوڙو خط ھو تنھن ڪري سپريم ڪورٽ جي فل بينچ ان کي جعلي قرار ڏيئي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو.
پاڪستان اسٽيٽ آئل نالي ھي ادارو بنگلاديش قائم ٿيڻ کان پوءِ باقي بچيل ملڪ جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پنهنجي فرض شناس وزير خزانه ڊاڪٽر مبشر حسن جي چوڻ تي ٺاھيو ھو ته جيئن عرب رياستن مان تيل گھرائي پيٽرول پمپن تي سپلائي ڪندڙ ٺيڪيدارن جي ناجائز منافعي خوريءَ کان عام ماڻهن ۽ خاص طور تي سرڪاري ٽرانسپورٽ کي نجات ڏياري سگهجي.
جنهن قومي اداري پي ايس او کي کپائڻ جو اربع شام تي شھبازشريف سرڪار اعلان ڪيو آهي، ان جي ھيڊ آفيس ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن روڊ تي آهي جنهن جو ملھه اڄ به ھڪ ھزار اربن کان گھٽ ناهي. اھڙيون ئي مھانگيون پر شانائتيون آفيسون پاڪستان جي پنجاھه کان وڌيڪ شهرن ۾ به آهن جن جي مارڪيٽ ويليو ٻه ھزار ارب رپين کان وڌيڪ آھن. ھرھڪ شهر ۾ پي ايس او جا ڏھن کان وٺي چاليھن تائين پيٽرول پمپ آهن جن مان ھڪڙي ھڪڙي پمپ جي قيمت ڪروڙين رپيا آهي. ملڪ جي ڪھڙي شاھراهہ ۽ ڪھڙو رستو آهي جتي پي ايس او جو پمپ نه ھجي. ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کان وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي دور تائين ھي ادارو ھر سال اربين روپيا ڪمائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرائيندو هو. پو منافعو ڪمائيندڙ پاڪستان اسٽيٽ آئل اوچتو 2000 اربن جي قرض ۾ ڪيئن ڦاسجي ويو ۽ ان کي ڦاسائيندڙ ڪير آهن؟ ان جو سادو جواب ھيءُ آهي ته جن حڪمرانن ڪراچي اسٽيل ملز ۽ سنڌ شگر ڪارپوريشن جي ٽن ڪارخانن کي جڏو ۽ بيمار ڪيو سي ئي ھن شاندار ڪمپني پي ايس او جي برباديءَ جا ذميوار آهن.
بينظير ڀٽو صاحبه جي ٻئي دور ۾ سندس ور آصف زرداري اصل حاڪم هوندو هو. ھن جي چوڻ تي وزير اعظم بينظير ڀٽو صاحبه نويد قمر شاھه کي پئٽروليم جو وزير مقرر ڪيو. نويد قمر ٽنڊو محمد خان مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر اڄ به پي ڊي ايم سرڪار ۾ اھم وزارت جو ڪرتا ڌرتا آهي. بينظير ڀٽو جي شھادت کانپوءِ 2008 ۾ آصف زرداري پاڪستان جو صدر بڻجي ويو ته ھن نويد قمر کي پئٽروليم سان گڏوگڏ خزاني جي وزارت به ڏني ڇاڪاڻ ته هو ڪيترا ئي سال اڊيالا جيل راولپنڊيءَ ۾ نيب جي ڪيسن سبب قيد ھو. ان زماني ۾ وڏين معتبر عدالتن جا جج صاحب ايتري سولائيءَ سان قيدين کي ضمانت تي آزاد نه ڪندا ھئا جيئن اڄڪلھه عمران خان ۽ سندس ساٿين کي ڇڏين پيا.
بھرحال نويد قمر شاھه جڏهن خزاني جي وزارت جو گھڻو لوڊ ھجڻ جي صدر صاحب کي دانھن ڏني ته زرداريءَ پنهنجي پياري ڊاڪٽر عاصم حسين کي پورا چار سال پئٽروليم جي وزارت بخشي ڇڏي جنهن ڪري ڊاڪٽر عاصم سالن جا سال جيل ۾ رھيو. نيب طرفان دستاويزي ثبوتن سان داخل ڪيل سوين ڪيسن ۾ جيل ڪاٽيندڙ پيپلز پارٽيءَ جا ھي سڀ وزير، ڪبير ۽ مشير پي ڊي ايم سرڪار پاران نيب جي قانونن ۾ پنجاھه ڪروڙن جي ڌاڙن کي جائز قرار ڏيڻ کان پوءِ ڌوپجي اڇا اجرا ٿي ويا آهن.
ھاڻي اچون ٿا سابق آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي بنھه ڪڙڪ، بي ڌڙڪ تازي بيان تي جنهن ۾ ھن عالمي ليول تي سازشون ڪندڙ آمريڪا جي بدنام جاسوسي اداري سي آئي اي ۽ دفاعي وزارت جي ھيڊڪوارٽر پينٽاگون جي غير انساني سرگرمين تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ھن ڀيري اقتدار ۾ اچڻ شرط اوھان کان گذريل صدين جو نه رڳو حساب ڪتاب وٺندس پر سڄي دنيا مان آمريڪي فوجن کي واپس وطن گھرائي سندن مائرن ڀينرن ۽ ٻچڙن جا ڳوڙها اگھي ڇڏيندس.
پڙھندڙن کي ياد ھوندو ته گذريل صديءَ کان وٺي جنگين ۾ مارجي ويندڙ سپاھين جا چچريل لاشا جڏهن ويٽنام، لائوس، ڪمپوڊيا ۽ پو افغانستان، عراق، شام، لبيا، يمن ۽ ٻين ملڪن مان ايندا ھئا ته کين فوجي اعزاز سان ضرور دفنايو ويندو هو پر مئل سپاھين جي وارثن کان پوءِ اھڙو اعزاز ٽڪي جي به عزت نه ماڻيندو ھو. ڪيترائي ماءُ ۽ پي پنھنجي پنھنجي اولاد جا جنازا ڏسي، آمريڪي فوج ۾ ڀرتيءَ خلاف نفرت ظاهر ڪرڻ خاطر ھٿن ۾ پليڪارڊ کڻي احتجاج ڪندا ھئا. ھن وقت ڊونالڊ ٽرمپ جي عوامي مقبوليت رڳو نسل پرستيءَ جي ڪري ھرگز نه آهي. ان جو ثبوت ھو مظلوم ڪارن آفريقي ماڻهن کي پاڻ سان گڏ کڻي ڏيندو رهي ٿو.
ٽرمپ جو اصل نشانو آمريڪا جي اسٽيبلشمينٽ آهي جيڪا ھر ڪنھن چونڊيل صدر ۽ پارليامينٽ کي سرمائيدارن جو تابعدار بنائڻ خاطر ايئن ئي سازشون ڪري ٿي جيئن اوڙي پاڙي ۾ ڏسون پيا. سوشل ميڊيا جي برڪتن سان ايندڙ دور ۾ دنيا کي سامراجي مفادن کان آجو ڏسان ٿو بيشڪ پاڻ جيئرا ھجون نه ھجون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button