ملڪي سياست ۾ جيڪي پهريان ساڄي پاسي هئا، هاڻ کاٻي پاسي اچي ويا آهن، اهي جيڪي اسٽيبلشمنٽ جا اکيون ۽ تارا هئا، اهي اهڙي جاءِ تي ويٺا آهن، جيڪي پاڻ به “يه تو وهي جگهه هي، گذري تهي هم جهان سي” جيان ساڳي گهاٽ تان پاڻي پي چڪا آهن. هاڻ هي سمورا سياستدان چون ٿا ته انهن کي اسٽيبلشمنٽ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ عوام انهن سان گڏ آهي، هنن جي بيان مان سمجهي سگهجي ٿو ته هو پهريان اسٽيبلشمنٽ سان گڏ هئا. هاڻ به هو اهڙو ڪو به موقعو وڃائڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن ۾ کين واڳ ڌڻي يا انهن جي مهرن سان اک ٽيٽ ڪرڻي پئي. جيڪي ڪردار، انهن جا اتحادي آهن، اهي به ماضي قريب ۾ انهن سان انڪري ناراض هئا ته هو پنهنجي بادشاهه سلامت جي خلاف ٻڌي نه سگهندا هئا يا انهن ۾ ٻڌڻ جو حوصلو نه هو. پر هڪڙي ڳالهه ته واضح آهي ته جڏهن کان سياست کي ڪاروبار بنائڻ لاءِ واپاري برادري کي ايشيا جي ماڊل ڊڪٽير پاٺڪ پڙهايا هئا، هاڻ اهو ڪاروبار عروج تي آهي. هاڻ ته اصغر نديم سيد جو ناول “جهان آباد ڪي گليان” به بلڪل ساڳي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. هن ناول ۾ ڪاروباري شخصيتن کي ڪاروباري بنائڻ يا سياست کي ڪاروبار بنائڻ جو ڌنڌو جاري آهي ۽ جيڪڏهن صوبائي ۽ قومي اسيمبلي کي ڏسبو ته سياست جو ڪاروبار تيزي سان جاري آهي،سينيٽ ۾ ته ڪجهه جهونن سياسي کيڏارين کي ڪڍي ڪري باقي ڪاروباري ئي نظر اچن ٿا. هينئر وڏي سرڪاري کان وٺي، ننڍي سرڪار تائين جتي ڪٿي هي ڪاروبار عروج تي آهي. هاڻ هي طئي ڪرڻ مشڪل آهي ته سياست ڪاروبار ٿي وئي آهي يا ڪاروباري سياستدان ٿيا آهن. بهرحال هي ڪاروبار جاري آهي، جنهن ۾ سڀ شامل آهن. جيڪو جنرل ضياءَ خواب ڏٺو هو، ان جي ساڀيان هر شعبي ۾ ٿي چڪي آهي، انتها پسندي جي فصلن کان وٺي، عوام کي مافيائن جي صورت ۾ ڦرڻ ۽ لٽڻ جو ڌنڌو جاري آهي.
گذريل ڪجهه مهينن کان اهي کيڏاري، جيڪي نوان آهن ۽ اهي جيڪي پراڻا آهن، انهن سمورن ادارن، پوءِ اهي سويلين هجن يا نان سويلين، انهن کي ايترو ورهائي ڇڏيو آهي، جو هي فرق ختم ٿي ويو آهي ته ڪهڙي ڌر سچائي تي آهي. هڪ طرف ڌڙا ڌڙ عمران خان ۽ ان جي غار يارن تي ڪيس قائم ٿين پيا ته ٻئي پاسي وري ملڪي عدليا به تاڙ ۾ ويٺي آهي،ڪيس ويو ناهي، سزا ملي ناهي، خارج ٿي وڃي ٿو، معطل ٿي وڃي ٿي. هڪڙا ان کي انصاف جي نظام جي فعال هجڻ جو تاثر ڏين ٿا ته ٻيا وري عدليا جي ڌر هجڻ جا اشارا ڪن ٿا. هاڻ ته هي به پابندي وڌي وئي آهي ته “شيشي جي گهرن ۾ ويٺل تخت نشينن” جا نالا نه کڻون، جيڪڏهن ڪو اشارو به ڪندو، پوءِ ڇو نه اهو اشارو محبوب کي ڪيو وڃي، ان کي اسڪينڊلائيز ڪرڻ جي حرڪت سمجهيو ويندو ۽ ان جي سزا قانون جي ڪتابن ۾ واضح طور تي لکيل آهي. ملڪ جو آئين ۽ قانون ڪنهن طاقتور کي سزا ڏئي يا نه، پر ڪمزور کي انصاف ملڻ جي ڪابه گنجائش ناهي. ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۾ لکين ڪيس گڏ ٿي ويا آهن، پر سياسي ڪيس اڪلائجن ته پوءِ ڪنهن عام ماڻهو کي انصاف ملي، ڇو ته پهرين اوليت سياسي ڪيس ئي آهن!
سياست ۾ جيڪي بيانيا يا Narratives متعارف ڪرايا ويا، هاڻ اهي به ڪنهن ڪوهيڙي جي ڌنڌ ۾ ويڙهجي ويا آهن. ڪنهن جو ڪٿي به پير کر نٿو لڳي، انڪري ڪڏهن ماضي جا قصا ۽ بيان سامهون اچن ٿا، ته ڪڏهن سياست ۾ مداخلت جي مخالفت ڪري وري انهن ساڳين کيڏارين لاءِ اڱڻ ٻوهاريا ۽ واٽون نهاريون وڃن ٿيون. سڀ سمجهن ٿا ته انهن کي ڇوٽڪارو وڏي گهر مان ئي ملڻو آهي، انڪري هو اتان جي کيڏارين کي رام ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهن. في الحال اهي جن جو بيانيو، “مجهي ڪيون نڪالا”وارو هو، اهي جن ڪڍيو انهن سان گڏ آهن، جن مير جعفر ۽ صادق جا لقب ڏنا پئي، اهي پاڻ به انهن جي جتيءَ ۾ پير وجهڻ لاءِ تيار آهن. جيڪي ايڊمنسٽريٽر سمجهيا پئي ويا، اهي به وائکا ٿي ويا آهن. هو هيل تائين رڳو عالمي مالياتي ادارن کي رام ڪري نه سگهيا آهن. انهن جا شرط به پورا ڪري ڇڏيائون، عوام کي جيئري ڪارڻ ٻڪري به ڪهي، کائي کپائي چڪا آهن. ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان ڪٿان به مزاحمت ئي نه ٿي رهي آهي، پر ڪو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي. سياسي پارٽيون ڄنڊاپٽ ۾ پوريون آهن، باقي عام ماڻهو بک ۾ پاهه ٿي، وتائي فقير جي گهوڙي جهڙو سڙي سڪي ويو آهي. قدرتي ۽ ماحولياتي تباهين پهريان ئي خلق جو ساهه ڪڍي ڇڏيو هو، رهيل ڪسر وري حڪمرانن به پوري ڪري ڇڏي، نام نهاد مخالف ڌر به ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي!
هينئر هڪ طرف ڪورٽ مارشل ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، شايد پهريون ڀيرو، رٽائرڊ جي پنهنجي گهر مان هي مطالبو ٿي رهيو آهي ته ڪورٽ مارشل ٻن جو نه ئي سهي، هڪ جو ته ٿيڻ گهرجي، ساڳي طرح سان اعليٰ عدالت جي اڳوڻي چيف جج خلاف ريفرنس جوڊيشل ڪائونسل کي موڪلڻ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن ۽ اهي جيڪي پنهنجي منصب تي موجود آهن، انهن خلاف پهريان ئي خانگي پارٽي، هاڻ بار ڪائونسل به ريفرنسز جوڊيشل ڪائونسل کي موڪلي ڇڏيا آهن. ان سان گڏ ڪيترائي اهڙا ڪردار آهن، جيڪي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل نظر ايندا. هي جاچ پڙتال ڪيتري شفاف هوندي؟ انهن جي عيبن ۽ ثوابن جو تعين ڪيئن ٿيندو؟ هينئر تائين ڪو به اندازو ناهي، پر ٻنهي ڪيمپن جي ويڙهه شديد ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن عوام جي اک سان ڏسجي ته ان جو هنن سانن سان عام ماڻهوءَ جو ڪجهه به ڏيڻ وٺڻ ناهي. عام ماڻهوءَ جو مسئلو مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، غريب ماڻهن جي ٻن ويلن جي ماني ڳڀي جو بندوبست ڪيئن ٿيندو؟ ڏتڙيل ماڻهو انهن سورن ۽ تڪليفن کي ياد ڪري، سندن وجود ئي لڏي وڃي ٿو. انهن جي اولاد ۽ گهر وارن جو ڇا ٿيندو؟ هي انهن لاءِ ڊيڄاريندڙ خواب آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ مهانگائي جي شرح 45 سيڪڙي کان وڌي وئي آهي، اهڙي صورتحال ڪڏهن به نه رهي آهي. هاڻ ته حڪمران به چون ٿا ته جيڪڏهن ملڪ جو ڏيوالو نڪري ٿو ته ان سان ڪهڙو فرق پوندو؟ جاپان جو به ڏيوالو نڪتو هو، يونان به هٿئين خالي رهجي ويو هو، روس جو سڪو روبل به ته زوال جو شڪار ٿيو هو، جڏهن هڪ ڊالر ۾ هڪ هزار روبل هئا! 2022 کان هيل تائين چون ٿا ته سريلنڪا کانپوءِ 40 اهڙا ملڪ آهن، جيڪي ڊيفالٽرز ٿي سگهن ٿا! انهن ۾ روس، مصر، ڪينيا، ارجنٽائينا، افغانستان، الجزائز ۽ البانيا جو نالو شامل آهي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته هينئر مقروض ملڪن جو تعداد 73 آهي، جن مان 40 جو ڏيوالو نڪري سگهي ٿو. 2000 کان 2017 تائين چين انهن ملڪن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ 843 ارب ڊالرن جو قرض ڏئي چڪو آهي، هاڻ ان لسٽ ۾ پاڪستان به شامل آهي. 2021 جي رپورٽ مطابق 44 ملڪن چين کان قرض ورتو آهي، هي قرض انهن جي ملڪن جي مجموعي گهرو پيداوار جي 10 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. چين انهن ملڪن جا بندرگاهه ليز تي وٺي رهيو آهي، جن ۾ سريلنڪا جو همبنٽوٽا پورٽ به شامل آهي ۽ ڪراچي کان گوادر تائين سمورا بندرگاهه چين لاءِ کليل آهن، سو هاڻ هي به خدشو آهي ته مستقبل قريب ۾ چيني قرض عيوض اسان کي پنهنجا هوائي اڏا، بندرگاهه ۽ ٻيا اهم ادارا گروي رکڻا پوندا يا ليز تي ڏيڻا پوندا!
ايڏن وڏن معاشي خطرن جي باوجود اڳوڻن ۽ موجوده حڪمرانن کي اسڪور سيٽل ڪرڻو آهي، هو سمورا بدلا وٺڻ گهرن ٿا. انهن جو عوام ۽ ملڪ جي خوشحالي سان ڪوبه واسطو ناهي. اهڙي ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا گذريل ساڍن چئن سالن کان نه وڌي آهي. کاڌي پيتي جي شين کان وٺي هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي. هي سموريون شيون 200 کان 800 سيڪڙي تائين مهانگيون ٿيون آهن. عوام کان ٻڙڪ به ٻاهر نه نڪري رهي آهي. موجوده صورتحال ۾ عوام جو ڪو اڳواڻ هجي ته موجوده توڙي اڳوڻن حڪمرانن جي تڏا ويڙهه ٿي ويندي. انڪري چيو پيو وڃي ته هينئر هڪٻئي سان دشمنيون پاڙڻ جو وقت ناهي، پر ملڪ کي معاشي ۽ سياسي استحڪام گهرجي. جنهن جا ڪي به امڪان ناهن. احتساب جو عمل هجڻ گهرجي، پر هاڻ جيڪڏهن ماضي جيان “پهريان احتساب ۽ پوءِ انتخاب” جي ڳالهه ڪئي وئي ته صورتحال ڪنٽرول کان نڪري ويندي. چونڊن تي ايندڙ خرچ جو ڇا ٿيندو؟ هي رقم ڪٿان ايندي؟ ان لاءِ حڪومت ته پريشان آهي، پر مخالفن کي ڪابه پرواهه ناهي. طاقتور ايوانن کان وٺي سويلين حڪمرانن تائين سڀ پنهنجو راڳ الاپي رهيا آهن. انهن جي هي روش رهي ته خطرو آهي ته ڪٿي ملڪ جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو بهانو ڪندي، اهي قوتون، جيڪي اقتدار جي حاصلات لاءِ آتيون هونديون آهن، اهي نه سڀني جي موڪل نه ڪرائي ڇڏين. هينئر سويلين توڙي نان سويلين اتحاد جو قبلو به عوام جي ابتڙ آهي. هي هينئر به واپارين ۽ طاقتور حلقن کي بچائڻ لاءِ گڏيل محاذ تي آهن. واپارين کي سياست ۾ آڻڻ يا سياست کي ڪاروبار بنائڻ لاءِ جنهن ڪلچر کي ضياءَ متعارف ڪرايو هو، اهو هينئر به جاري ۽ ساري آهي. هڪ طرف نوانوي سيڪڙو عوام آهي ۽ ٻئي طرف هڪ سيڪڙو امير آهن، اميرن جا مددگار اڻ ڳڻيا آهن، پر عام ماڻهو بي يارومددگار آهي!