ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي ڪچي جو آپريشن ڪيئن ٿيندو؟

سنڌ حڪومت ۽ هن ملڪ جي مجموعي حڪمران ٽولي جي مزاج ۾ ڪيتري عوام دوستي، عوام سان همدردي يا مجموعي طور ملڪ جي ترقي سان گڏ امن امان جي خواهش آهي انهيءَ کي سمجھڻ ڪنهن به فرد جي لاءِ ڏکيو ناهي عام عوام هي ٺيڪ طرح سان سمجھي ٿو ته جيڪڏهن هن رياست تي قابض تمام حڪمران ٽولا پنهنجو ڪردار يعني حب الوطني جي جذبي سان معاملن کي بهتر ڪرڻ چاهين ها ته اهو ڪم نه ڏکيو هيو ۽ نه پيچيده پر سادو ۽ سولو عمل آهي ليڪن جڏهن حڪمران ٽولي جي فطرت ۾ عوام دوستي هوندي ئي نه ته ان ۾ عوام جي لاءِ ڪجھه ڪرڻ جو سوال هر وقت اٻاڻڪو خالي رهندو ڇو ته ٿيندو تڏهن جڏهن چاهيو ويندو آهي پر جڏهن ڪرڻ جو فڪر ئي نه هجي ته پوءِ ڪجھه ٿيڻ جي اميد صرف اميد ئي رهندي آهي. هن ملڪ جو عوام هاڻي وڏيون خواهشون ۽ وڏا انقلاب نٿو سوچي هن وقت پوري ملڪ جي اندر سڀ کان وڌيڪ اهم پهريون سوال امن امان جو آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ مارڪيٽ جي اندر ڪجھه نه ڪجهھ انتظاميه جو ڪردار هجڻ جي خواهش يا مطالبو عوام رکي ٿو.
سنڌ ۾ خاص طور تي سنڌ جو عوام سالن کان هڪ ئي مطالبو ڪندو آيو آهي ته هنن کي ٻيو ڪجھه به نه ڏيو صرف ۽ صرف امن گھرجي، سنڌ جو امن ڪنهن وڏي دهشتگرد تنظيم جي ڪارواين سبب متاثر ناهي ٿيو پر مُٺ جيترا ڏوهاري سنڌ جي پوري امن کي تحس نحس ڪري چڪا آهن پاڻ گذريل مضمون ۾ ۽ ٻين ڪيترن ئي مضمونن ۾ تفصيل سان اهو بحث ڪيو آهي ته سنڌ جو امن قائم ڇو نٿو ٿي سگھي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت کي ڪيتري پهل ڪرڻي پوندي ۽ ڪيتري عوام دوستي، ديانتداري کان ڪم وٺڻو پوندو معاملو صرف سنڌ حڪومت تائين ناهي پر هن ملڪ جي مجموعي حڪمران ٽولي جن ۾ سياستدان ۽ ڪامورا شاهي جا سڀ پرت شامل آهن انهن سڀني جي اهائي حڪمتِ عملي آهي ته هي سماجي حالتون جيئن ۽ جهڙي طريقي سان آهن اهي ائين ئي رهن هاڻي جيڪڏهن مرڪز حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده هجي ته ڇا هي لوفر ٽولا عوام جو سک چين امن برباد ڪندي هنن جي عزتن ۽ زندگين سان اهي ويڌن ڪري سگھن ٿا جهڙا ويڌن سنڌ ۾ ٿي رهيا آهن يقينن نه، مثال ڪجهھ عرصو اڳ خاص ڪري ڪراچي جي اندر جڏهن ڀائي لوڪن پنهنجي طاقت جي آرگنائيزيشن بندوق ۽ گولي جي صورت ۾ ڪئي ۽ ڪراچي جا ڪيترائي ايريا نو گو ايريا بڻجي ويا تڏهن مٿين پرت جي حڪمرانن پنهنجي ايڪشن جو هلڪو مظاهرو ڪري سڀ ڪجھه تتر بتر ڪري ڇڏيو، جتي هر روز گھٽي گھٽي روڊ ۽ رستن ۽ چونڪ ۽ چوراهن تي لاش ڪرندا هئا ننڍي کان وڏو واپاري شايد ڪوئي اهڙو هو جيڪو ڀتا ٽيڪس ڏيڻ کان آجو هو هر طرف وحشت ۽ خوف جي راڪاس جي حڪمراني ٿي نظر آئي پر سڀ ڪجھه ڏسندي ئي ڏسندي ختم ٿي ويو ۽ اسان کي هي به نظر ٿو اچي ته ڪجھه مهينن جي آپريشن ۾ ٺيڪ ٿي ويو ڇو ته انهن ٺيڪ ڪرڻ چاهيو جن کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ بگاڙڻ ايندو آهي. ليڪن سنڌ جو مسئلو هن وقت تائين تمام حڪمران ٽولن جي اڳيان ڪا به اهميت نٿو رکي سنڌ جو عوام جانورن کان به بدتر پنهنجي سياسي ۽ معاشي زندگي ته گذاري ٿو پر امن ان جي لاءِ ائين آ جيئن ڪنهن ديواني جو خواب هجي.
وقتن به وقتن سنڌ جي حڪمرانن اتر سنڌ جي ڏوهارين خلاف “آپريشن پلان” جوڙيا آهن ڪروڙين روپيا ان آپريشن تي خرچ ڪيو آهي پر هڙ حاصل ڪجھه ڏينهن جي خبرن ميڊيا جي هلڪي ڦلڪي ڪوريج کان پوءِ وري ڪجھه ئي عرصي کان پوءِ وارداتون اهڙي ئي انداز ۾ ٿيندي نظر اچن ٿيون نه رڳو وارداتون ان انداز سان نظر ٿيون اچن پر هر روز انهن جي اندر نوان نوان وحشت ۽ درندگي جا واڌارا به اچن ٿا، هاڻي جڏهن خاص ڪري سکر هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ بدامني جي خلاف درخواست تي ڪارروائي ڪندي ڪيس هلايو ۽ خوفناڪ انڪشاف اڳيان آيا جيڪي هر روز اخبار ۾ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن.
انهيءَ کان پوءِ سنڌ حڪومت ڪچي ۾ آپريشن جو پلان جوڙيندي سنڌ ڪيبنٽ کان آپريشن جي بجيٽ جي پرميشن وٺندي 2.79 ارب منظور ڪرائيندي چيو آهي ته انهن پيسن مان پوليس کي اهي جديد هٿيار وٺرائي ڏبا جيڪي فوج جي استعمال ۾ ايندا آهن سنڌ حڪومت پنهنجي عظيم جذبي جو اظهار ڪندي هي به اعلان ڪيو آهي ته ڪچي ۾ آپريشن خلاف پوليس سان گڏوگڏ رينجرس ۽ فوج جي مدد به ورتي ويندي ڇا ته ڪمال جو پلان آهي ٻه ٽي سو ڌاڙيلن جي خلاف رياست جي فوجي طاقت تحرڪ ۾ ايندي هاڻي سوال هي به اسان جي اڳيان آهي ته ڇا اهڙي قسم جا آپريشن پهريان ناهن ٿي چڪا؟ انهن جو نتيجو ڇو ڪو نه ملي سگھيو آهي؟ ٿيڻ ته اهوئي گھربو هيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي دانشورانه دماغ تي زور ڏيندي عوام کي اهو ٻڌائي ها ته ماضي ۾ جيڪي به آپريشن ٿيا آهن، انهن جي ناڪام ٿيڻ جا سبب ڪهڙا آهن ۽ انهن جو ازالو ڪيئن ڪيو ويندو؟
سنڌ حڪومت جي وسيع ۽ طاقتور دماغ ۾ تمام وڏا وڏا تجزيا ۽ پلان هوندا پر جيڪڏهن سنڌ جي عام عوام کان پڇيو وڃي ته گذريل آپريشن ڇو ناڪام ويا ۽ هاڻي جو ٿيندڙ آپريشن ڪامياب ويندو به يا نه جي ويندو ته انهيءَ کي ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪرڻ گھرجي؟ عام عوام جو ماڻهو هاري ۽ مزدور هنن حڪمرانن کي اهو ٺيڪ طرح سان اهو سمجھائي سگھي ٿو ته ڏوهارين جي طاقتور ٿيڻ جا ڪهڙا محرڪ آهن ۽ انهن جا حمايتي ڪير آهن؟ ۽ انهن جو خاتمو ڪيئن آڻي سگھجي ٿو؟ عوام کي اها ڄاڻ آهي ته سنڌ جو ڪچو رڳو ٻيلو ناهي پر دريا جا ٻئي ڪپر ڪچي جا ڪچي سون مثل آهن، جتي مڇيءَ جون ڍنڍون، بي پناھه ڪاٺ، زرخيز زمين ۽ اهي سڀ جو سڀ رڳو حڪومت جي آشيرواد سبب قبضاخوري جي ور چڙهيل آهن ڪچي ۾ وڏي کان وڏو منافعي بخش ڪاروبار جانورن جي پالنا ۽ انهن جي کير جو آهي ڪچي ۾ رهندڙ چاري تي خرچ ئي ناهن ڪندا ۽ پوري ايريا ۾ يعني دريا جي ٻنهي پاسن تي طاقتور ڀوتارن جي ڪيٽن کي ڇڏي باقي ڪمزور ۽ بي پهچ قديم عرصي کان رهندڙ ماڻهن کي لوفر ٽولن تنگ ڪري لڏائي ڇڏيو آهي، انهن جي زمينن تي ۽ علائقن تي قابض ٿي ويا آهن، ڏوهن جي دهشت ۽ ڪاررواين مان انهن کي جيتري انڪم ٿئي ٿي انهيءَ کان وڌيڪ ڪچي جي ملڪيت جا هو فائدا حاصل ٿا ڪن، تنهن ڪري اها پوري ڪوشش ڪن ٿا ته پورو ڪچو خوف ۽ دهشت جي ڀيانڪ ڪيفيت ۾ محسوس ٿيندو رهي، ڪو به ٻيو ماڻهو داخل نه ٿئي، رپورٽون هي به ٿيون آهن ته ان نو گو ايريا جي ڪيتريون دهشت گرد تنظيمون جن ۾ پاڪستان طالبان به شامل آهن ۽ انهيءَ کان علاوه ٻين تنظيمن جا روپوش اتي رهن ٿا ۽ انهيءَ کان علاوه هي به عوام کان معلومات ملي ٿي ته تمام وڏو منشيات جو ڪاروبار ان نو گو ايريا جي حدن ۾ بي خوفي سان ٿئي پيو، ليڪن ميڊيا ۾ رپورٽ نٿو ڪيو وڃي انهيءَ جا سبب هڪ خوف ۽ ٻيو لنوائڻ سان گڏوگڏ ڪجھه ٻيو به ٿي سگھي ٿو ۽ نه وري پوليس اهڙي قسم جي سيڪريٽ رپورٽ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي عورتن جو ڪاروبار پورنوگرافي تي گذريل هفتي جي لکيل آرٽيڪل ۾ پاڻ تفصيل سان بحث ڪيو هو هن ڪچي جي سون تي جيڪي قابض آهن رڳو اهي قابض ناهن پر انهن جو حصو پتي گھڻن ئي طاقتورن کي ملي ٿو، تنهن ڪري جيڪو به ڪچي ۾ آپريشن ٿيندو آهي اهو صرف ۽ صرف ڏيکاءَ جي پوائنٽ اسڪورنگ کان سواءِ ڪجھ به ناهي هوندو ها البته انهيءَ جو ٻيو فائدو آپريشن فنڊ جو استعمال ضرور آهي ڪير نٿو سمجھي ته اعلان ٿيڻ کان پوءِ آپريشن جي دهل ۽ نگارن وڃڻ سان اهي بدنام ۽ مٺ جيترا ڌاڙيل ڪيئن اک ڇنب ۾ ڪچي مان نڪري ويندا ها جيڪڏهن ڪجھه آپريشن جي فورسز ڪيو ته اهو ته ڪجھه گھرن کي ڊاهيندا ڪجھه کي باهيون ڏيندا ۽ تيار فصل جيڪو هاڻي ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيو آهي اهي لڻي ٿريشر هڻائي آپريشن جا آفيسر پنهنجي حڪمت عملي سان ونڊ ورڇ ڪري ضبط ڪندا ليڪن محرڪ، سبب ڌرين جا مفاد ڪچي جي سون مان حصو پتي ڏوهن ۽ پيداوار جو ڌنڌو ساڳئي انداز سان ساڳئي رفتار سان هلندو ئي رهندو. هي حڪمران اهو عمل ۽ اها آپريشن ڪندائي نه جنهن سان هر وقت هميشه جي لاءِ سنڌ جو ڪچو گناهن ۽ ڏوهن کان پاڪ ٿي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button