ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آئي ايم ايف آخر ڀروسو ڪيئن ڪندي…!!

آئي ايم ايف جي قرض جا پيسا ملڻ لا هاڻ اپريل جي انتظار جي هدايت سامهون آئي آهي، مالياتي فنڊ دوست ملڪن مان ملندڙ پيسن جي تصديق ڪرڻ جو ذمو شايد پاڻ کڻي ورتو آهي، تنهنڪري ان معاملي جي تصديق جيسين نھ ٿيندي، قرض جو جاري ٿيڻ ٿي سگهي ٿو تھ جهڙي حالت ۾ آهي، ان حالت ۾ ئي ساڪن رهي، ملڪي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، رپئي جي وڌيڪ هيٺ ڪرڻ، ٽيڪس سڌارن، پرڏيهي ادائيگين جي صورتحال ۾ بهتري اچڻ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي قدم آهن، جن تي پاڪستاني حڪومت جي دعوا موجب انهن ڪم ڪري ورتو آهي، پر آئي ايم ايف پنهنجي پوزيشن رڳو راضپي ۽ اطمينان ٿيڻ تائين محدود ڪري ورتي آهي، پيسا جاري ڪرڻ بابت فنڊ جي عملدارن ۽ پاڪستاني اختيارين ۾ ٿيندڙ ورچوئل ڳالهيون خاموشي جو شڪار آهن، تنهنڪري اپريل جي انتظار ۾ گوڏو ڀڃي ويهڻ بنا ٻي ڪا واٽ ناهي، پر ملڪي معيشيت شديد دٻا جي ور چڙهي رهي آهي، ترت رقم جاري نھ ٿي تھ آصف زرداري ڀلي جاپان، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي ڊفالٽ مان نڪرڻ جا آسرا ڏئي ماڻهن جي دل کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري، پر صورتحال ضابطي هيٺ رهي، اهو گمان ٿورو اعتبار جوڳو نٿو لڳي، ڇاڪاڻ تھ ڪوبھ ملڪ هيٺين ڳالهين جي برپا ٿيڻ بعد ڊفالٽ (ڏيوالو نڪرڻ) جي سرحدن ۾ داخل ٿي ويندو آهي، جنهن بعد دنيا جا ملڪ ۽ قرض ڏيندڙ ادارا ان کي آساني سان قرض واپس ڪندڙ، سيڙپڪاري، اعتماد، استحڪام، قانون جي حڪمراني، امن امان ۽ سياسي طور ڀڙ هجڻ جي لائق تسليم ڪرڻ لا تيار ناهن ٿيندا، عالمي طور اهڙن ملڪن جي حوالي سان بنيادي طور هيٺيان اشارا نمايان ڪيا ويا آهن.

  1. حڪمراني جو انداز انتهائي خراب نموني ڪري پوندو آهي.
  2. پرڏيهي ملڪ پنهنجي ڏنل قرض تي انتهائي وڏو وياج وصول ڪندا آهن.
  3. ملڪ جڏهن پنهنجا ورتل قرض مقرر وقت تي ادا ڪرڻ جي حالت ۾ نھ رهي.
  4. معاشي ادائيگيون وڌي وڃن ۽ ملڪي آمدني تمام گهڻي گهٽجي وڃي.
    مٿي ڄاڻايل اشارا ۽ صورتحال پاڪستان سان ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني سان لاڳو ٿي سگهن ٿيون، ان جو ڪاٿو لڳائڻ سولو آهي، جنهن ۾ ڪمزور معاشي حالتن کي منهن ڏيندڙ ملڪ جو عام شهري چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو، معاشي ڏيوالي جي اها حالت رڳو عام ماڻهو تائين محدود ناهي رهي، پر ملڪ جي دفاع وارو وزير خواجا آصف پڻ ان ساڳي را جو آهي، ملڪ جي وڏي جماعت طور ڀٽڪندڙ روح عمران خان ۽ ان جي سڄي پي ٽي آئي بھ ان ڳالهه جو اظهار ڪندي رهي آهي تھ ڏيوالو نڪرڻ جي ڪنڌي تي ويٺا آهيون، ڄڻ سنڌي چوڻي جيان چوندو هجي تھ، “نينگر واهه ڪنڌي ڪڏي، اڄ نھ ٻڏي، سڀاڻ ضرور ٻڏي” پر هو واپاري رحم جوڳي حالت ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ، ڪرنسي جي انٽر بينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ هٿ مٿي کي ۽ ٻئي هٿ سان ڪياڙي کننهندي سڄو ڏينهن ان آس ۾ رهندا آهن تھ متان اهڙو ڪو پل اچي وڃي جو مارڪيٽ الهڙ جوان عورت جيان ڪر موڙي اٿي ۽ عطر جي خوشبو سان مانڊاڻ منڊجي وڃي، اهي اڃا ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ لا تيار ناهن تھ ڪو ملڪ، ڏيوالي جي حالتن ۾ وڃي چڪو آهي، ڇوتھ وفاقي ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار انهن کي ملڪ ڊفالٽ نھ ٿيڻ جا آسرا ڏئي رهيو آهي، اسين بھ ناڻي جي وزير طور سندس ڳالهه تي ڀروسو کڻي ڪيون ٿا، پر جيڪي هنبوشيون هڻي (ڊالر ڏسان تھ ڪيئن ٿو مٿي اڏري، رسو وجهي قابو ڪندس، آئي ايم ايف سان ڊيل ڪرڻ ڄاڻان ٿو، اڳ بھ ان کي ڊيل ڪري چڪو آهيان، وغيرا وغيرا) هو آيو، انهن سان آئي ايم ايف، سندس ڪنهن بھ ڳالهه ۾ نھ آئي ۽ روز جي بنياد تي نوان شرط لاڳو ڪري رهي آهي، اهڙي حالت ۾ اسين ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيڏو نھ خوشي ۾ جهومي پيا هئاسين جو آئي ايم ايف جي نمائندن ورچوئل ڳالهين ۾ ڪيترن ئي مهينن بعد پهريون ڀيرو ڪوبھ نئون شرط نھ لڳايو، باقي اها ٻي ڳالهه آهي تھ آئي ايم ايف، دوست ملڪن کان مدد جو هدف ڏئي ان تي هدايت ڏني تھ اهي ان ڳالهه کي ڏسندا تھ پرڏيهي ادائيگين جو خسارو گهٽائڻ جي ڏس ۾ پيسا پورا ڪيا ويا آهن يا نھ؟ جڏهن تھ دوست ملڪن پاران مقرر ڏينهن اندر مدد ٿيڻ واري شرط کي پاڪستان پورو ڪرڻ جي دعوا ڪندي ڄاڻايو آهي تھ انهن عالمي مالياتي اداري جو آخري شرط کي بھ پورو ڪري ورتو آهي. تازو اسٽاف ليول تي ورچوئل ڳالهين جي نتيجي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ اهو گرين سگنل ڏنو ويو آهي تھ قرض جو نائون جائزو جلد منظور ڪري پيسا جاري ڪيا ويندا. حڪومت وڏين گاڏين، خوراڪ، شيمپو، لوشن، صابڻ، هيڊ فونز، ٿانون، فينسي بتين، سينيٽري سامان، ٽائلز، دروازن، درين، ميڪ اپ، اليڪٽرونڪس سامان ۽ ٻين شين تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان 4 مهينن ۾ 15 ارب رپين جي آمدني جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.
    پي ٽي آئي جي اها ڳالهه سئو سيڪڙو سچ آهي تھ، سياسي استحڪام اچڻ بنا معاشي استحڪام ممڪن ناهي، ڇوتھ سياسي حالتون ان امير والدين جي بگڙيل اولاد جيان ٿي ويون آهن، جيڪو نفسياتي طور منتشر، ڪاوڙيل، هوش وڃايل حالت ۾ هوندو آهي ۽ اهو اولاد پنهنجي گهٽي، پاڙي ۽ شهر اندر ڀونچال پيدا ڪرڻ ۾ اخلاقي قدر بھ ڪيرائي ڇڏيندو آهي، ملڪ ۾ هڪڙي سياسي قيادت جي دامن تي ڪرپشن، اقربا پروري ۽ ڦرلٽ جا الزام آهن، ٻي قيادت ڪانوو کي لڙ ۾ مزو جيان اخلاقيات، آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ۾ آخري حد بھ ٽپي رهي آهي، تنهنڪري سياسي حالتن جو ويجهڙائي واري دور ۾ معمول تي ايندو نظر نٿو اچي. پي ٽي آئي ٻن صوبائي اسيمبلين کي ٽوڙي سياسي انارڪي جي تمام مٿاهين حد ۾ داخل ٿي وئي آهي، تنهنڪري عدليا، قانون ۽ آئين ان جي نظر ۾ رڳو اهو آهي، تھ قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليون بھ ٽوڙي نيون چونڊون ڪرايون وڃن، ڇوتھ رڳو ٻن صوبائي چونڊن سان سندن اڪثريت انهن صوبن ۾ گهٽجڻ جا چٽا امڪان آهن، جنهن ڳالهه کي پي ٽي آئي جي ٿنڪ ٽينڪ محسوس ڪري ورتو آهي، سياسي ڇڪتاڻ وڌندي نظر اچي رهي آهي، هڪ ڳالهه اها بھ چٽي ڪجي ٿي تھ، ائين بھ 2023ع عام چونڊن جو سال آهي، اسيمبليون ايندڙ پنجن يا ڇهن مهينن ۾ ٽٽڻيون آهن، تنهنڪري پي ڊي ايم ۾ موجود نظرياتي ۽ مزاج ۾ هڪٻئي کان ڌار ڌار ڌارائن سبب انهن ۾ اختلاف ۽ مٺي مٺي تنقيد هاڻ کان ئي ڪر کڻڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جو اظهار بلاول ڀٽو، ٻوڏ متاثرن جي رقم تي وزارتون رکڻ ڏکيو آهي چئي ڪيو آهي، هاڻ وري آصف زرداري اهو چئي رهيو آهي تھ اسين پي ڊي ايم جو حصو ناهيون، پر اتحادي ۽ حڪومت ۾ گڏ آهيون، جيڪڏهن چونڊون ٿيون تھ اسين تير جي نشان تي چونڊ وڙهنداسين، تنهنڪري ايندڙ وقت ۾ پي ڊي ايم ڪپهه جي ذرڙن جيان هوا ۾ اڏرندي ۽ پڄاڻي ڏي وڌوندو نظر اچي پيو، جيڪا صورتحال معاشي حالتن کي وڌيڪ سنگين بڻائيندي.
    پاڪستان جن معاشي ۽ سياسي حالتن مان گذري رهيو آهي، ان ۾ بهتري ڏي سفر ڪيئن ٿئي، ان بابت اڃا تائين رڳو آئي ايم ايف تجويز ڏئي چڪو آهي، جيڪا امير ماڻهن، صنعتڪارن تي بار وجهڻ ۽ عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي آهي، باقي حڪومت کان وٺي معاشي ماهر اهڙي تجويز جهڙو ڪوبھ فارمولو يا ٽوڙ نھ ٻڌائي رهيا آهن، هتي رڳو بار وجهو عام ماڻهو تي واري ڪار لڳي پئي آهي، اهو ٻڌايو ئي نٿو وڃي تھ ماڻهو ويچاري وٽ ٻھ ويلا ماني کائڻ جي سگهه ناهي، اهو اوهان کي ٽيڪس، ۽ ٻين مدن ۾ وڌايل ادائيگيون ڪيئن ڪندو؟ ڊالر جي اڏار رڪارڊ ذري گهٽ 19 رپيا ٿيڻ بعد اها 3 رپيا 46 پيسا گهٽ ٿيڻ بعد وري مٿي اچي رهي آهي، جنهن ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 284 رپيا 50 پيسن جو ٿي ويو آهي. ايندڙ وقت وڌيڪ ڏکيو ۽ سوڙهو ٿيندو نظر اچي پيو، ڇوتھ اسان جي سرڪار بحران مان نڪرڻ جي جنهن فارمولي تي هلي رهي آهي، اهو اڄ ڏينهن تائين ڪارائتو ٿيندي نظر ناهي آيو، ڏيتي ليتي اعتماد جي بنيادن تي ٿيندي آهي ۽ هتي معاملو اعتماد جي کوٽ جو بھ آهي، اوهان پري نھ سوچيو، رڳو پاڪستاني واپارين، ارب پتي ۽ کرب پتي بڻجي ويل سياستدانن جي ملڪي معيشت تي اعتماد جو امتحان وٺي ڏسو تھ ڇا، اهي پاڻ معاشي صورتحال کي سنڀالڻ جي حوالي سان ڪجهه ڪرڻ چاهيندا، اسين انهن کان مفت ۾ مدد جي ڳالهه نٿا ڪيون، انهن کي رڳو اهو چئي ڏسو تھ، اهي ڇا ڪنهن ڏوراهين جڳهه تي ڪا فيڪٽري لڳائي روزگار جا موقعا پيدا ڪندا، هلو، ڏوراهين جڳهه ڇڏيو، ڀلا انهن کي شهرن ۾ فيڪٽريون لڳائڻ جي تجويز ڏيو، منهنجو خيال آهي تھ اهي ائين نھ ڪندا، ڇوتھ سرمائيدار سيڙپ، منافعي جي واپسي جي خاطري تي ڪندو آهي، هتي، بجلي 24 ڪلاڪن مان رڳو 4 ڪلاڪ بھ تسلسل سان نٿي هلي، امن امان جي صورتحال ڌار خراب آهي، ڀتو بااثر (سرڪاري عملدار، مافياز ۽ سياسي پارٽيون) وٺڻ خاطر پهچيو وڃن، ٻيون سهولتون ملڻ محال هجڻ ڌار معاملو آهي، تنهنڪري آئي ايم ايف آساني سان ڪيئن اعتماد ڪندي، تنهنڪري قرض ٻيا قرض ڏيڻ جي نيت سان وٺڻ بدران قرض معاشي حالتون بهتر بڻائڻ جي نيت سان وٺڻ گهرجن، باقي سلسلو الو جي آڪهه جيان جيئن هلي پيو، تيئن هلندو رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button