
پاڪستاني اداڪارا مريم نفيس انڪشاف ڪيو آهي تھ ڇوڪرن کي شادي ڪرڻ جي تڪڙ هوندي آهي، جڏهن سندن شادي ٿي ويندي آهي تھ، بعد ۾ اهي روئندا وتندا آهن. خانگي ٽي وي جي شو ۾ ويچار ونڊيندي مريم نفيس ٻڌايو تھ تابش هاشمي ۾ ٽيلنٽ آهي، اهڙي نموني بيعزتي ڪيو وڃي جو خبر ئي ناهي پوندي، شو دوران ڪرڪيٽ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.