شوبز

سانوري رنگ سبب انڊسٽري ۾ تعصب کي منهن ڏنو: آمنا الياس

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا آمنا الياس پنهنجي گهري رنگ سبب پيش ايندڙ ڏکيائين تي ڳالهائيندي چيو آهي تھ مون پنهنجي سانوري رنگ سبب شوبز  انڊسٽري ۾ تعصب کي منهن ڏنو آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران سوالن جا جواب ڏيندي هن ٻڌايو تھ اوهان غور سان ڏسندا تھ انڊسٽري ۾ اداڪارائون ڀوريون ۽ ڊگهيون يعني سڀ هڪجهڙيون لڳنديون، ڇاڪاڻ تھ اسان خوبصورتي جا جيڪي معيار مقرر ڪري ڇڏيا آهن، انهن جي ڪري تخليق موجود ناهي. هن چيو تھ مان خوشقسمت آهيان جو ڊرامن کان وڌيڪ مون کي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جا موقعا مليا آهن. آمنا الياس چيو تھ آئٽم نمبر ميوزيڪل پرفارمنس آهي، اسين شادي ۾ تھ ڊانس ڪيون ٿا، پر اسڪرين تي مسئلو ٿيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button