سعودي عرب ۽ ايران تاريخي طور تي ھڪ ٻئي جا مخالف ملڪ رھيا آھن. انھن جي وچ ۾ ڪڏھن بھ دوستي نھ رھي آھي. ٻنھي ملڪن جو اتھاس رت سان رنگين رھيو آھي.
عرب ۽ ايران جو ٽڪراءُ ان وقت کان وٺي موجود آھي، جڏھن مسلمانن پھريون ڀيرو فارس کي فتح ڪيو ھو ۽ ايران کي پنھنجي ذلت آميز شڪست جو صدمو صدين تائين رھيو. اھو ئي سبب ھو تھ جڏھن عربن ايران کي فتح ڪيو ھو ۽ اتان مال غنيمت سميت غلامن جا انبوھه وٺي ويا ھئا، تڏھن فارس جي دل ۾ درد ۽ ڪاوڙ جي دانھن اڀري ھئي ۽ ايران جي عظيم شاعر لکيو ھو تھ “ڳوھه خور اسان جي عظيم ثقافت کي شڪست ڏين، اي آسمان حيف ھجئھ” پنھنجي شڪست جو صدمو ايران ڪڏھن بھ فراموش نھ ڪيو. جيتوڻيڪ ايران جي عوام اسلام بھ قبول ڪيو. پر ايران اسلام جنھن فرقي جي صورت قبول ڪيو، اھو فرقو سعودي عرب جي سرڪاري مسلڪ جو مخالف آھي.
ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي دشمنيءَ جي پس منظر ۾ سدائين اھو سوچيو ويو تھ ايران ۽ سعودي پاڻ ۾ ڪڏھن بھ ويجھا نھ ٿيندا. ايران ۽ سعودي عرب جي دوريءَ کي آمريڪا پنھنجن مفادن ۾ تمام گھڻو استعمال ڪيو. ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڪا وڏي جنگ تھ نھ لڳي آھي پر اھا حقيقت آھي تھ ٻيئي ملڪ پراڪسي جنگين (Proxy Wars) جي صورت ۾ ھڪ ٻئي مٿان حملا ڪندا رھيا آھن. ايران ۽ سعودي عرب کي ويجھو آڻڻ جي سلسلي ۾ مسلمان ملڪن ڪوشش بھ ڪئي پر اھا ڪوشش سدائين ناڪام ٿي وئي. جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان گڏ سعودي عرب جي سرڪاري سختي ڪافي گھٽجي وئي. سعودي عرب پنھنجي نظام ۾ وڏيون تبديليون بھ آنديون. پر ان جي باوجود ايران سان ھن جي ويجھڙائپ ممڪن ٿي نھ سگھي. ان دوريءَ کي قائم رکڻ بلڪھ ان دوريءَ کي سدائين دشمنيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ آمريڪا جو اھم ڪردار رھيو آھي.
آمريڪا جي ڪوشش ھئي تھ ڪنھن طرح سان سعودي عرب ۽ اسرائيل جي دوستي ڪرائي سموري عرب دنيا تي پنھنجي مستقل حڪومت قائم رکي. ان سلسلي ۾ ھن يو اي اي ۽ قطر کي اڳ ۾ اسرائيل سان نھ صرف ملايو پر انھن اسرائيل کي تسليم بھ ڪيو ۽ انھن پنھنجا سفارتخانا اسرائيل ۾ قائم ڪيا. جڏھن سعودي عرب کي مناسب وقت جو انتظار ھو. ڇو تھ اسرائيل سان سعودي عرب جو ھٿ ملائڻ ھڪ تمام وڏو معاملو ھو. ان تي پوري دنيا جا مسلمان پنھنجو ردعمل ڏئي ٿي سگھيا. پر ان وچ ۾ آمريڪا اسرائيل ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجھڙائي وڌائڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ اھڙي ڪوشش ۾ ڀارت جو بھ وڏو ھٿ ھو. جڏھن پھريون ڀيرو سعودي عرب اسرائيل ويندڙ ھوائي جھاز کي پنھنجي ملڪ جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني ھئي تھ اھو ھڪ وڏو واقعو قرار ڏنو ويو ھو. پر سعودي عرب ۽ اسرائيل جي نزديڪيءَ جو سلسلو لڪ ڇپ ۾ جاري رھيو. ڪڏھن ڪڏھن ميڊيا تي اھڙي خبر اچي ويندي ھئي، جنھن ۾ ڪڏھن سعودي عرب ۾ تھ ڪڏھن اسرائيل ۾ ويجھڙائپ جو ڪو نھ ڪو عمل پيو سرندو ھو.
آمريڪا پنھنجي اھڙي فتح تي وڏي مسرت ۾ ھو پر ان وقت ھن جو غرور مٽيءَ ۾ ملي ويو. جڏھن آمريڪا جي سڀ کان وڏي مخالف يعني چين ھن جي ٻئي مخالف يعني ايران جو ھٿ پڪڙي ھن جي سڀ کان وڏي اتحادي يعني سعودي عرب جي ھٿ سان ملرايو ۽ اھڙي ملاقات آمريڪا ۽ اسرائيل جي مٿان وڄ وانگر ڪري. انھن کي ڪنھن بھ طرح سان يقين نھ ٿي آيو تھ ھي ڇا ٿي ويو؟
تازو اسرائيل ۾ لکين ماڻھن احتجاج ڪيو آھي. اھو احتجاج تھ عدالتي نظام ۾ تبديليون آڻڻ جي حوالي سان ھو پر ان احتجاج جي باھه کي ڀڙڪائڻ جي لاءِ ايران ۽ سعودي عرب جي ٺاھه تيل جو ڪم ڪيو. اھو ئي سبب ھو تھ احتجاج ۾ شامل يھودي عوام ميڊيا کي ٻڌائي رھيو ھو تھ سعودي عرب ۽ ايران جو ٺاھه اسان جي حڪومت جي ناڪامي آھي ۽ اسان جو ملڪ ھاڻي واقعي وڏن خطرن جي ور چڙھي ويو آھي. اھا حقيقت بھ آھي تھ آمريڪا سڌي طرح سان نھ پر اسرائيل جي روپ ۾ اڻ سڌي نموني ايران جي مٿان مسلسل وار ڪندو رھيو آھي. اسرائيل جي جڳ مشھور جاسوسي ادارو “موساد” پنھنجا ماڻھو ايران ۾ داخل ڪري يا ايران جي اندر پنھنجا ايجنٽ ٺاھي ايران جي ايٽمي سائنسدانن جي مٿان حملا بھ ڪندو رھيو آھي ۽ ايران اسرائيل جي مخالف قوتن ۽ ملڪن سان ڀرپور سھڪار بھ جاري رکيو آھي. ڪنھن ڪنھن وقت جڏھن ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ڪو ٽڪراءَ وارو موڙ آيو آھي تھ ايران پنھنجي پوري غصي کي ظاھر ڪندي اسرائيل کي سڌي سنئين ڌمڪي بھ ڏني آھي تھ جيڪڏھن ھو پنھنجي حرڪتن کان باز نھ آيو تھ ايران اسرائيل جو وجود ھن ڌرتيءَ تان ختم ڪري ڇڏيندو. اسرائيل کي جيڪڏھن ڪنھن ملڪ مان سڀ کان وڌيڪ خطرو رھيو آھي تھ اھو ملڪ ايران ئي آھي. ڇو تھ ايران اسرائيل کي سدائين ھڪ دشمن جي اک سان ڏٺو آھي.
ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ھر سطح تي ڪا نھ ڪا ٽڪراءَ جي صورت قائم رھي آھي. ايران انھن ملڪن جو دوست آھي، جن ملڪن جو آمريڪا ۽ اسرائيل سان ٽڪراءُ آھي. انھن ملڪن ۾ روس ۽ شام سڀ کان اھم آھن. اسرائيل ۽ آمريڪا جو اھو الزام بھ رھيو آھي تھ ايران پنھنجا فوجي شام موڪلي ٿو ۽ اھي شام جي حڪومت پاران وڙھن ٿا. ايران حزب اللھ جي مدد ڪرڻ ۾ ڪڏھن بھ پير پوئتي نھ رکيو آھي. ايران جو اھو عمل اسرائيل کي پنھنجي لاءِ ھڪ مستقل خطري وانگر محسوس ٿيو آھي.
آمريڪا پنھنجي ان ڪوشش ۾ ھن وقت تائين ڪامياب رھيو تھ ھو ڪنھن بھ طرح سان ايران ۽ انھن مسلمان ملڪن جي وچ ۾ دوريون قائم رھي، جيڪي مسلمان ملڪ آمريڪا جي آشيرواد کي اھميت ڏيندا رھيا آھن. انھن ملڪن ۾ عرب ملڪ تھ ڇا پر پاڪستان بھ شامل رھيو آھي.
ايران پاڪستان جو نھ صرف پاڙيسري ملڪ آھي پر اھو مسلمان ملڪ بھ آھي پر پوءِ بھ بي سبب ۽ بي مطلب ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي دوستيءَ جا دروازا بند رھيا آھن. پاڪستان کي ان سلسلي ۾ ٻن ملڪن جو عذر رھيو آھي. ھڪ تھ سعودي عرب ۽ ٻيو آمريڪا! ھن وقت جڏھن سعودي عرب ايران سان ويجھو اچي ويو آھي پر پوءِ بھ پاڪستان جي منھن تي اھا مسرت نظر نھ ٿي اچي، جيڪا ھڪ مسلمان ملڪ جي حوالي سان ھجڻ گھرجي. ڇو تھ ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ جيڪو ٺاھه ٿيو آھي، ان ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار نھ رھيو آھي ۽ ان ٺاهھ تي پاڪستان کي معلوم آھي تھ آمريڪا تمام ارھو آھي.
آمريڪا ايران ۽ سعودي ويجھڙائيءَ کي پنھنجي مفادن جي خلاف سمجھي ٿو ۽ اھا ويجھڙائي ان وقت آمريڪا جي لاءِ وڌيڪ تلخ تر ٿي وڃي ٿي، جڏھن ان ويجھڙائيءَ ۾ ھن جي وڏي مخالف چين جو ھٿ ھجي. آمريڪا جي مستقل طور تي اھا ڪوشش رھي آھي تھ ھو ڪنھن بھ طرح سان چين کي عالمي سطح ۽ پنھنجي علائقي ۾ اڪيلو ڪري. ان سلسلي ۾ ھن پاڪستان کي بھ استعمال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آھي پر ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ ڀرپور دشمني کي قائم رکڻ جي سلسلي ۾ آمريڪا کي پنھنجي ڪاميابيءَ تي ناز آھي.
ھڪ طرف آمريڪا ان ڪوشش جي ڪاميابيءَ ۾ مخمور ھو تھ ھو چين کي تنھا ڪري رھيو آھي ۽ چين جڏھن ايران ۽ سعودي عرب کي ھڪ ٻئي جي ويجھو آڻڻ جو آمريڪا سميت پوري دنيا کي سرپرائز ڏنو تھ آمريڪا جي ھٿن جا طوطا اڏامي ويا ۽ آمريڪي کي سمجھھ ۾ نھ آيو تھ ھي ڇا ٿي ويو؟ آمريڪا ڪڏھن سوچيو بھ نھ ھو تھ ھن کي اوچتو اھا خبر ملندي تھ چين ھن جي ھڪ دشمن ۽ ھڪ دوست کي پاڻ ۾ ملائي کير کنڊ ڪرڻ جي طرف وڌي چڪو آھي.
چين جي لاءِ اھا ڪاميابي ھڪ وڏي وک آھي. ڇو تھ سعودي عرب ۽ ايران کي ويجھو آڻڻ ھڪ اھڙو خواب سمجھيو ويندو ھو، جنھن جو تعبير سان ڪو تعلق نھ ھجي. پر جڏھن اچانڪ اھو ڪم ٿي ويو تھ سڀني جو حيرت ۾ اچي وڃڻ ھڪ فطري عمل ھو. ان عمل جي ڪاميابيءَ جو سھرو صرف ۽ صرف چين جي سر تي سونھين ٿو. ڇو تھ اھڙو ڪارنامو صرف اھوئي ملڪ ڪري سگھي ٿو، جيڪو پنھنجي سفارتي سياست کي اھڙي ڳجھي طرح سان لڪائي ھلائي، جنھن جو پتو نھ تھ موساد کي پوي ۽ نھ وري سي آءِ اي کي ئي ان جي ڀڻڪ پوي. ڇا اھڙي ناڪاميءَ تي آمريڪا ۽ اسرائيل پنھنجن انھن جاسوس قوتن جو پڇاڻو نھ ڪيو ھوندو؟ جن کي سفارتي محاذ تي ان لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي تھ ھو انھن سفارتي سرگرمين جو پتو ڏين جيڪي ڳجھھ ڳوھه ۾ ٿين ٿيون. ان سلسلي ۾ سعودي ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي ڪوشش جو پتو نھ پوڻ تھ ھڪ وڏي ناڪامي تصور ڪئي پئي وڃي. جيڪڏھن آمريڪا کي اڳ ۾ معلوم ٿي وڃي ھا تھ اھڙي اسڪيم عمل ۾ اچي رھي آھي تھ ھو ان کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ضرور ڪري ھا پر ھن کي ڪو پتو نھ پيو ۽ ھن کي پتي نھ پوڻ جو سڄي سوڀ چين پنھنجي ملڪيت سمجھي ٿو.
چين ۾ ھڪ تاريخي ۽ فطري صلاحيت رھي آھي تھ چين پنھنجي ڪم کي ڳجھو رکڻ ۾ تمام گھڻو تيز آھي. چين اھو ڪجھھ ڪندو آھي، جنھن جو ڪنھن کي اندازو نھ ھوندو آھي. چين جي اھڙي انداز کان آمريڪا کي سدائين خوف رھيو آھي. ڇو تھ چين آمريڪا کي سدائين سرپرائز ڏيندو رھيو آھي پر ھن ڀيري وارو سرپرائز سڀ کان وڌيڪ صدمو ڏيندڙ آھي. چين جي ان سفارتي سوڀ تي آمريڪا پنھنجو ردعمل توري ۽ ماپي ڏيڻ لاءِ ماٺ آھي. پر ھن کي اھو ڌڪ ٺاھوڪو لڳو آھي ۽ ان ڌر نھ صرف آمريڪا پر ڀارت کي بھ ڌوڻي ڇڏيو آھي. ان سفارتي سرپرائز تي ھر ملڪ پاران ڪو نھ ڪو ردعمل اوس ايندو. پر ھن مھل حيرت ڀري خاموشي ڇانيل آھي. جڏھن تھ اھا خاموشي گھڻو وقت قائم نھ رھندي.