سنڌ

تحريڪ انصاف سياسي نه دھشتگرد تنظيم بڻجي وئي آهي:شرجيل ميمڻ

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گرفتاري جي خوف سبب عمران خان جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن. ھن چيو ته بلاول هائوس وارن وڏي حوصلي ۽ ھمت سان ڦاسيون قبول ڪيون، جيل جون سختيون برداشت ڪيون آهن پر ڪڏهن به قانون کي هٿ ۾ نه کنيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جرئت ۽ حوصلي سان گرفتاريون پيش ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي ڪيو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن پاڪستان اچي رهي هئي ته کيس ٻڌايو ويو ته مٿس حملو ٿي سگهي ٿو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪڏهن نه ڊني، شهيد محترمه بينظير ڀٽو گاڏي ۾ ويهي ڪارڪنن کي خطاب نه ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٽرڪ تي ۽ سن روف کان ٻاهر نڪري ڪارڪنن جي نعرن جو جواب ڏنو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بزدل عمران نيازي لڪي لڪي گاڏي مان ڪارڪنن کي خطاب ڪري رهيو آهي. پنهنجي گهر ۾ به بنڪر ٺاهي ويٺو آهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته محترمه فريال ٽالپر کي عيد جي رات اسپتال مان جيل موڪليو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي چاهي ها ته ڇا نه پئي ڪري سگهي؟ هن چيو ته ان وقت کين شرم ۽ حيا نه آيو ته هوءَ به ڪنهن جي ڀيڻ ۽ نياڻي آهي. هن چيو ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو ڪيس ڪراچي ۾ هو. کيس اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو. ڇا هو ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو هو؟ ڇا هو ڪراچي واپس نه اچي ها؟ هن چيو ته ڪالهه لاهور ۾ آئين، قانون ۽ عدالتي حڪمن جي کلي عام خلاف ورزي ڪئي وئي. هن چيو ته ڊي آءِ جي اسلام آباد ۽ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا. ائين ڪهڙي ملڪ ۾ ٿئي ٿو، هي ڪهڙيون روايتون قائم ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ملڪ گهرو ويڙهه طرف ھليو ويندو. هن چيو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي مان عسڪري تنظيم بڻجي رهي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف هاڻي سياسي جماعت ناهي رهي. عمران خان ملڪ ۾ لاقانونيت چاهي ٿو ۽ رياست خلاف اعلان جنگ ڪرڻ چاهي ٿو. اهي ثابت ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي رياست کان وڌيڪ مضبوط آهن. هن چيو ته هي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو فطري ردعمل ناهي. ماڻهن کي اپيلون ڪري زمان پارڪ ۽ روڊن تي آندو پيو وڃي. هن چيو ته عمران خان کي گهرجي ته هن جهاد جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪري. پنھنجن ٻارن کي روڊن تي آڻي، اھي غليل ۽ لٺون کڻن، صوبائي وزير چيو ته پنهنجي ٻارن کي سڪون سان رکيو ويٺو آهي ۽ قوم جي ٻارن کي چوي ٿو ته روڊن تي اچو، پٿراءَ ڪيو، ٽائر ساڙيو، پوليس سان وڙهو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمورا ادارا احتياط کان ڪم وٺي رهيا آهن. اسان نقصان ٿيڻ نه ڏينداسين، هي ڪو رياستي جبر ناهي ٿي رهيو. رياست جي صبر جو نا جائز طريقي سان فائدو حاصل ڪيو پيو وڃي، هي ماڻهو چاهين ٿا ته لاش ڪرن ته جيئن لاشن تي سياست ڪن. هن چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ پنجاب پوليس مڪمل صلاحيت رکي ٿي. انتظاميه صبر ۽ احتياط جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هن چيو ته عمران خان عدالتن ۾ پيش نه ٿيندو ته گرفتار ته ٿيندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ملڪ کي انتشار ڏانهن ڌڪڻ جي لاءِ بزدلاڻي سازشن ۾ مصروف آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button