سنڌ

هيپاٽائٽس جا ڪيس وڌن پيا،سڄي صوبي م اسڪريننگ ڪنداسين:عذرا پيچوهو

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اربع تي پري بجيٽ بحث جو سلسلو جاري رهيو، جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن سان تعلق رکندڙ ميمبرن حصو ورتو ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پنهنجي خطاب ۾ پنهنجي کاتي جي 5 سالن جي ڪارڪردگي بيان ڪئي. هن ٻڌايو ته صحت کاتي جي بجيٽ 6 ڏهائي 9 سيڪڙو ٿي وئي آهي، سيڪنڊري هيلٿ ۾ 53 بلين خرچ ٿيا آهن، صحت کاتي جو 199 بلين جو بجيٽ آهي، 320 ملين مريض کي ڏٺو ويو آهي، 6985 ڪڊني ٽرانس پلانٽ ٿيا آهن، اسان 1800 طبي سهولتن کي وڌايو آهي، اسان جي ايمبولنس 1 ڏهائي 45 ملين مريضن کي ٽرانسفر ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته جناح اسپتال ۾ سائبر نائف جي سهولت به ڏئي رهيا آهيون، ڪرونا ۾ 38 ملين ماڻهن کي ويڪسين ڪيو آهي. پوليو وائرس گذريل ٻن سالن کان ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته گذريل 5 سالن دوران سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊي ۾ 56 ملين مريض آيا هئا، اسان جي ويڪسين جي مهم به هلي رهي آهي 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارڙن جي اسڪريننگ ڪئي هئي. هن چيو ته ڪرونا ۾ صحت کاتي گهڻو ڪم ڪيو، ٻوڏ ۾ 31 هزار هيلٿ ڪئمپون لڳايون هيون. 300 موبائيل يونٽ موو ڪيا هئا. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته ٻوڏون اينديون رهنديون، ان لاءِ هيلٿ سهولتون هاءِ رسڪ ايريا ۾ رهنديون، اسان ايمبولنس سروس کي وڌائينداسين. بي بي ٽرانسفر لاءِ طبي عملي کي اسپيشل ٽريننگ ڏينداسين، جنهن جو ايندڙ پنجن سالن جو پلان آهي. هن چيو ته هيلٿ فيسلٽي کي سولرائيز ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، اسان بيسڪ هيلٿ سروس تي به ڪم ڪري رهيا آهيون ڇو ته ڳورهارين عورتن جو موت ان لاءِ به ٿئي ٿو ته کين ترت اطبي امداد نٿي ملي ۽ اهي صحيح جڳهه تي نٿيون پهچن. صحت واري وزير چيو ته مدر چائلڊ هيلٿ پروگرام ورلڊ بئنڪ آهي، جنهن ۾ ڳورهارين عورتن کي پئسا ڏنا ويندا ته جيئن اهي ٻارڙن جي صحت جو خيال رکن. هن چيو ته سنڌ پوليو کان اڃا تائين فري آهي پر اسان وٽ ٻين صوبن ۽ افغانستان مان ماڻهو اچن ٿا، ان لاءِ اسان الرٽ رهون ٿا، اسان عورتن ۽ طبي عملي کي بريسٽ ڪينسر جي ٽريننگ به ڏينداسين، ليڊي هيلٿ ورڪرز تي به ان ڏس ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ايڊز جي حوالي سان اسان ڪوشش ڪئي آهي ته بهتر کان بهتر سهولتون ڏيون. هڪ ڏهائي هڪ ملين ماڻهن کي اسڪريننگ ڪيو هو، جيڪڏهن اسان اسڪريننگ نه ڪريون ته اسان کي پتو ئي نه پوندو ته ڪنهن شخص ۾ هي بيماري آهي. هن چيو ته ٽي بي ۾ اينٽي بايوٽڪ ڏني وڃي ٿي، جنهن جي ڪري مزاحمت واري قوت وڌي وڃي ٿي. ٽي بي ڪيسن کي ڏسي رهيا آهيون هن چيو ته اسان خانگي ادارن کي به چيو آهي ته ٽي بي جي ڪيسن بابت اسان کي ٻڌايو، اسان وٽ هيپاٽائيٽس سي جا ڪيس وڌي رهيا آهن، قمبر ۾ پوري ڪميونٽي کي اسڪريننگ ڪنداسين. ڪورنگي ۽ حيدرآباد ۾ به اسڪريننگ ٿيندي، جنهن کان پو سڄي صوبي ۾ هي ڪم شروع ڪنداسين. ڊينگي جي حوالي سان ڊاڪٽر پوري طرح باخبر ٿي ويا آهن ڇو ته پهريان هي جتي نه هوندو هو، هاڻي اتي به پهچي رهيو آهي. هن چيو ته 270 ڊائلاسز مشين مختلف اسپتالن ۾ لڳايون آهن، ايس يو پي جي ذريعي سکر ۾ به ليبارٽري شروع ڪئي آهي. سائبر ناف جي علاج جا سمورا خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪري ٿي، سکر ۾ پيڊياٽرڪ اسپتال مڪمل آهي، اسان وٽ ان جا سرجن گهٽ آهن. هن چيو ته اسان جو هڪ هزار ڏينهن جو پلان آهي. جنهن ۾ اسان ايمرجنسي ۾ به هيلٿ سروسز ڏئي رهيا آهيون. پري بجيٽ بحث ۾ حصو وٺندي شهريار مهر چيو ته جيڪا پي ٽي آئي جي ماڻهن تي ايف آئي آر داخل ڪئي پئي وڃي، ان جي ميمبرن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي اسان انجي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته هن ڀيري جيڪي برساتون ٿيون ان سان آبپاشي کاتي جي نااهلي ظاهر ٿي آهي هن گهر ڪئي ته شڪارپور ۾ ڊرينيج سسٽم کي ٺيڪ ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڊرينيج سسٽم کي ٺيڪ ڪيو وڃي ها ته صوبي ۾ ايڏي تباهي نه ٿئي ها. بلال غفار چيو ته 15 سالن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي جيڪا هر لحاظ کان ناڪام ثابت ٿي آهي، ايم ڪيو ايم جي ناصر حسين قريشي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌ حڪومت هر شئي اين جي اوز کي ڏئي ڇڏي ٿي، توهان حڪومت ئي اين جي اوز کي ڏئي ڇڏيو، موجوده حڪومت کي غريب ماڻهن جو احساس ئي نه آهي، ٻئي پاسي وزير مهينيوار 36 ڪروڙ جو پيٽرول استعمال ڪري رهيا آهن. پي ٽي آئي جي سعيد آفريدي چيو ته منهنجي تڪ ۾ هڪ پلي گرائونڊ نه آهي، تڪ ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس ٺاهيو وڃي. هن چيو ته سنڌ کي پيپلزپارٽي لٽي رهي آهي آڊٽ رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته سنڌ جي ڪيئن ڀينگ ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ 147 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي خريداري ۾ 21 ارب جي ڪرپشن ٿي. شهيد محترمه هجي ها ته اها هنن کان چڱي طرح پڇاڻو ڪري ها، جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس خميس جي منجهند 12 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button