پاڪستانرانديون

لاهور قلندرز ڪواليفائر ۾ 76 رنسن تي ڍير، ملتان سلطانز لڳاتار ٽيون ڀيرو فائنل ۾ پهچي وئي

پاڪستان سپر ليگ جي هلندڙ اٺين سيزن ۾ دفاعي چئمپين ٽيم لاهور قلندرز ڪواليفائر ۾ ڪاميابي ذريعي سڌي ريت فائنل ۾ پهچڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو، محمد رضوان جي ٽيم ملتان سلطانز جي بالرن لاهور کي صرف 76 رنسن تي ڍير ڪري لڳاتار ٽيون ڀيرو فائنل جي سيٽ پڪي ڪري ورتي آهي، ملتان سلطانز جي 160 رنسن جي جواب ۾ لاهور جي بئٽنگ لائين مڪمل طور فيل ٿي وئي ۽ رضوان جي ٽيم 84 رنسن تان ميدان ماري ورتو. تفصيل موجب پي ايس ايل سيزن-8 جي ڪواليفائر دنگل ۾ ملتان سلطانز دفاعي چئمپين لاهور قلندرز کي 84 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ جو فيصلو ڪيو ته سندس ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪيرن پولارڊ جي طوفاني ففٽي شامل هئي، آل رائونڊر ڇهن ڇڪن جي مدد سان 57 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، ڪپتان محمد رضوان 33، عثمان خان 29 ۽ ٽم ڊيوڊ 22 رنسن سان نمايان رهيا. لاهور طرفان حارث رئوف 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ ملتان جي بهترين بالنگ اڳيان لاهوري بئٽنگ لائين 15 هين اوور ۾ 76 رنسن تي پويلين ڀيڙي ٿي وئي. سيم بلنگز 19، حارث رئوف 15 ۽ ڊيوڊ ويسا 12 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا، جڏهن ته فخر زمان، عبدالله شفيق ۽ ٻين رانديگرن ٻوٽو نه ٻاريو، جيڪي ڊبل فگرز ۾ به نه پهتا. فاتح ٽيم ملتان طرفان فاسٽ بالر شيلڊن ڪوٽريل 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته اسامه مير 2، انور علي، عباس آفريدي، احسان الله ۽ ڪيرون پولارڊ جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي. لاهور قلندرز کي هاڻي فائنل ۾ پهچڻ لا پهرئين اليمنيٽر دنگل جي فاتح ٽيم سان ٻيو ڪواليفائر کيڏڻو پوندو، پي ايس ايل جو پهريون اليمنيٽر اڄ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ شڪست کائيندڙ ٽيم ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button