اسلام آبادپاڪستان

ماڻهو مري به سگهن ٿا،عمران سان ڳالهايو: ياسمين راشد ۽ صدر علوي جي مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي

تحريڪ انصاف پنجاب جي صدر ياسمين راشد ۽ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جي مبينا ڳالهه ٻول آڊيو ليڪ جي صورت ۾ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ياسمين راشد زمان پارڪ ۾ حالتون خراب ٿيڻ ۽ ماڻهو مرڻ جو خدشو ظاهر ڪندي صدر علوي کان مدد طلب ڪندي عمران خان کي سمجهائڻ جي درخواست ڪندي ٻڌي سگهجي ٿي. سوشل ميڊيا تي سامهون آيل آڊيو ۾ ياسمين راشد صدر عارف علوي کي چئي ٿي ته هتي صورتحال گهڻي خراب آهي، اسان جا ڪارڪن پيٽرول بم اڇلائي رهيا آهن ۽ باهه ڏئي رهيا آهن، خان صاحب کي سمجهايو نه ته ماڻهو ۽ پوليس وارا به مارجي ويندا، کيس چئو ته گرفتاري پيش ڪري، جنهن تي صدر علوي پي ٽي آ اڳواڻ ياسمين راشد کي جواب ڏنو ته مان ڪجهه ڪريان ٿو، مون اسد عمر سان ته ڳالهايو هو، ياسمين راشد چوي ٿي ته جيڪڏهن هتي حالتون خراب ٿيون ۽ اهو سڀ ٿيو ته چونڊون ملتوي ٿي وينديون، اليڪشن ئي اسان جو مقصد هو، توهان “شاهه جي” سان به ڳالهايو، اهو عمران خان سان گڏ هوندو، صدر عارف علوي جواب ۾ چوي ٿو ته مان ٻيهر اسد عمر سان ڳالهايان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button