رانديون

نجم سيٺي ڀارت جي پاڪستان نھ اچڻ خلاف ڪيس تيار ڪري ورتو

پي سي بي جي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي سربراهه نجم سيٺي ايشيا ڪپ ۾ ڀارت جي شرڪت نھ ڪرڻ واري بيان خلاف مضبوط ڪيس تيار ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جا نجم سيٺي ۽ فيصل حسنين آئي سي سي ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لا اڄ دبئي روانا ٿيندا، جتي 20 مارچ تي آئي سي سي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آئي سميت ٻين ملڪن جي بورڊن جا نمائندا پڻ شريڪ ٿيندا. جڏهن تھ بعد ۾ ايشيا ڪرڪيٽ ڪائونسل جو اجلاس پڻ منعقد ٿيندو، جنهن ۾ ايشيا ڪپ بابت فيصلا ٿيندا. پاڪستان جي ميزباني هيٺ ايشيا ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ کان ڀارت جي انڪار بعد پاڪستان ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ نھ کيڏڻ جو موقف تيار ڪري ورتو آهي، جنهن بابت حڪومت کان پڻ مشورو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آئي سي سي جي اجلاس بعد ايشيا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي شيڊول گڏجاڻي ۾ بھ پي سي بي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو رٿيو آهي. ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر تجويز ڏيندي چيو آهي تھ منهنجي خواهش آهي تھ ايشيا ڪپ پاڪستان ۾ ٿئي، پر جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي تھ اهي مقابلا سريلنڪا ۾ ڪرايا وڃن. هن چيو تھ مان چاهيان ٿو تھ ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ميچون ٿين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button