ٽرمپ، مودي ۽ عمران ڳٺجوڙ چوڻ غلط ٿيندو، ڇوتھ ٽنهي ۾ رابطن جو فقدان آهي، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي تھ ٽنهي جا مزاج، سياست ۽ ڳالهين ۾ فرق رکڻ مشڪل ٿي پوندو آهي، 1946ع، 1950ع ۽ 1952ع جي ڏهاڪي ۾ جنم وٺندڙ هنن ٽنهي ماڻهن پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ميڊيا، عوام، عدليا، قانون ۽ اخلاقي قدرن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن، نريندر مودي گجرات جهيڙن مان اڀريو، ڊونلڊ ٽرمپ ريسلنگ جي دنيا مان نروار ٿيو، جتان نڪري اڳتي آيو ۽ عمران خان ڪرڪيٽ جي ميدان جي بائونڊري ٽوڙي اقتدار تي پير ڄمائي ويٺو، ٽنهي سياست سان اهڙو تھ حشر ڪيو آهي، جيئن سنڌي چوڻي آهي تھ “ٻرڙو ڪري ٻارن سان” مون کي خبر ناهي تھ ڇو؟ ڇالا ۽ ڇاڪاڻ مون کي عمران، مودي ۽ ٽرمپ ائين ياد آيا آهن، جيئن اقبال جو شعر آهي تھ، ايڪ هي صف مين کڙي هوگئي محمود او اياز، نھ ڪوئي بندا رها، نھ ڪوئي بندا نواز، پر ڳالهه برساتن بعد صاف ٿي ويل موسم جيان آهي تھ هنن ٽنهي ۾ روحاني طور هڪجهڙائي ضرور آهي، جو جڏهن بھ ويجهڙائي واري تاريخ ۾ ڪٿي بھ سماجي طور طوفان برپا ٿيندو آهي تھ هي ٽئي، سرگرم ضرور نظر ايندا آهن، ڊونلڊ ٽرمپ بھ ڪيسن ۾ گرفتار ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريندي ڪارڪنن کي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، نريندر مودي پنهنجي مخالف ڀارت جوڙو تحريڪ کان ڊڄي ڪانگريس جي راهول گانڌي جي گهر جو گهيرو ڪري ورتو آهي، تھ پاڪستان ۾ وري عمران خان گذريل ٻن هفتن کان باهه ٻاري ڇڏي آهي، حڪومت جون آئي ايم ايف سان قرض جي بحالي واريون ڳالهيون ڇا اڳتي وڌيون، پي ٽي آئي رڌڻي ۾ رولو وجهي ڇڏيو، نيٺ عالمي مالياتي فنڊ کي نوان شرط سامهون آڻي معاملو جون جي 30 تاريخ تائين اينگهائڻو پئجي ويو، ايٽمي اثاثن بابت بحث ڌار آهي، کڻي جو آئي ايم ايف ايٽمي اثاثن بابت شرط رکڻ جي ترديد ڪري چڪي آهي، هاڻ تھ آمريڪا بهادر بھ چئي رهيو آهي تھ پاڪستان جا ايٽمي اثاثا محفوظ هجڻ تي اطمينان ڪيون ٿا، اسان کي پاڪستان جي صلاحيت تي اعتبار آهي، پو اها ٻي ڳالهه تھ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وزير کان وٺي پي ٽي آئي ان معاملي تي هڪ پيج تي اچي ويون آهن تھ ايٽمي اثاثن تي ڳالهائڻ نھ گهرجي. لاهور جو زندا دلان شهر لاڳيتو زمان پارڪ اختيارين هٿان يرغمال آهي، عمران جي گهر کان اسلام آباد جي عدالت تائين جي ايراضي ۾ پي ٽي آئي ڪارڪنن گوريلا جنگ وڙهندي نھ رڳو پوليس ۽ سرڪاري ملڪيتن تي حملا ڪيا آهن، پر انهن پيٽرول بم اڇليا، غليلن ۾ بلور ڀري نشانا ورتا، ڪوڪن ۽ ڪنڊيدار تارن سان ويڙهيل ڏنڊا هڻي اهلڪارن کي رتورت ڪري ڇڏيو ۽ رياست جي رٽ کي ائين ئي ردي جي ٽوڪري ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪري اڇلي ڇڏيو، جيئن جنرل ضيا ذوالفقار علي ڀٽو جي 73 واري آئين کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي ڇڏيو هو، ۽ ها ياد آيو تھ، خيرن سان جنرل ضيا جو پٽ اعجاز الحق بھ پي ٽي آئي جو حصو بڻجي ويو آهي، ملڪ اندر معاشي عدم استحڪام سان گڏ سياسي انارڪي وڌي رهي آهي، جنهن ۾ ويچارو عام ماڻهو وائڙو، حيران، پريشان ۽ آڱريون ڏندن ۾ ڏئي زور سان چڪ هڻي رهيو آهي تھ جيئن پڪ ٿئيس تھ زنده آهي، ڇوتھ مهانگائي جي گهمندڙ راڪاس ۾ ماني ڳڀو نھ ملڻ سبب زندگي جو سفر روان دوان رکڻ هن لا ممڪن ناهي رهيو، هو پنڊ پهڻ بڻجي ٽِڪ هڻي ويل اکين جي تارن سان ڏسي رهيو آهي تھ، ڇا هي اهي سياستدان آهن، جن جي زبان تي هر ڦڏي، نامناسب لفظن جي استعمال ۽ بدتميزي جي طوفان بعد غريبن جو جيئن جنجال بڻجي ويو آهي جهڙا لفظ آهن، پر انهن جي عاليشان بنگلن ۾ پچندڙ لذيذ طعامن تائين پهچ مٿان ائين رڪاوٽون وڌل آهن، جيئن انگريزن پاڻ لا مخصوص جڳهين، تفريح گاهن ۽ هوٽلن ۾ هندستاني شهرين جي داخلا مٿان پابندي لڳائي ڇڏي هئي، اهڙي صورتحال جي منظرڪشي بالي ووڊ جي فلم مرد ۾ جهڙي ريت ڪئي وئي آهي، ان جو مثال نٿو ملي، تنهنڪري محلن ۾ ويهي سون جي چمچن سان مانيون کائيندڙ سياستدانن کي واقعي بھ عام ماڻهو جو اهڙو ڏک آهي جو اهي، ڪڏهن بھ اها تڪليف نٿا ڪن تھ، ڪنهن اهڙي ماڻهو جي جنازي ۾ شريڪ ٿين، جنهن بک، بيروزگاري ۽ ٻچڙن جو پيٽ بکيو، تن اگهاڙو ڏسي صدمي ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، سو، ٽوپي ڊرامو جاري آهي، هڪڙن وٽ هڪڙي راهه رسم آهي، ٻين وٽ ٻيا جواز آهن ۽ ٽين جي بيان ۾ وري سوا اشرافيا جي تعريف جي ٻيو ڪجهه بھ ناهي، تنهنڪري هاڻ سماجي طرح اسين، ڊپريشن، صدمن، اڌمن، مايوسين، مزاحمت، آپگهات يا ڪرائيم جي کاهي ۾ ڪرندي نظر اچي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ تھ هن وقت تائين جي منظرنامي موجب اڃا، ڪا اهڙي سياسي قيادت موجود ناهي، منظرعام تي ڪونهي يا ان کي سامهون اچڻ ئي نھ پيو ڏنو وڃي، جيڪا ڄاڻايل سماجي چڪر ويو جو ٽوڙ ڪڍي ماڻهن کي شعور ڏئي سنئين دڳ آڻي سگهي؟ سياسي عدم استحڪام، ڇڪتاڻ، گرفتارين جو سلسلو، ڪيسن جو ڌڙا ڌڙ داخل ٿيڻ، جواب ۾ حملن جو هڪ منظم سلسلو ظاهر ڪري رهيا آهن تھ ٻن صوبن ۾ اعلانيل چونڊن جو مستقبل اونداهو آهي، ڇاڪاڻ تھ پي ٽي آئي ضد ۽ پنهنجي لابنگ جي نتيجي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي تاريخ تھ وٺي چڪي آهي، پر هاڻ رولو سندن پنهنجي رڌڻي ۾ پئجي ويو آهي، ڇوتھ پارٽي جي قيادت جي اڪثريت وفاق بنا رڳو ٻن صوبن ۾ چونڊ ٿيڻ جي حق ۾ ناهي، تنهنڪري عمران خان جي حڪمت عملين مان لڳي رهيو آهي، هو اهڙي واٽ تي ڄاڻي واڻي هلي رهيو آهي، جنهن سان ٻن صوبن ۾ اعلانيل چونڊن کي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو وڃي، ان وچ ۾ امڪان آهي تھ ڪنهن قومي حڪومت ٽائيپ منصوبي کي اڳيان آندو وڃي ۽ ائين معاملا ڊيگهه وٺندا ويندا، پر قومي حڪومت واري ڳالهه هڪ امڪان طور آهي، ٿي سگهي ٿو تھ قومي حڪومت واري رخ تي پيپلز پارٽي ۽ خود مسلم ليگ نواز بھ راضي نھ ٿئي، باقي قومي حڪومت جي تجويز تھ عمران حڪومت جي موجودگي ۾ پڻ ايندي رهي آهي، سندس حڪومت ڊهڻ بعد بھ ان تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سو قومي حڪومت آپشن طور بحث تائين ضرور نظر اچي ٿي. هي آپشن انڪري بھ موجود هجڻ جو احساس ڏياري رهيو آهي جو ڊالر اڏار گهٽائڻ تي راضي ناهي، اهو اڄ ٻيهر بل ڏئي هڪ رپيو 29 پيسا مهانگو ٿيڻ بعد 283 رپين جو ٿي ويو آهي، اهڙي ريت عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ واڌ پئي اچي، ايستائين جو مهانگائي جي شرح 43 سيڪڙو جي تاريخ جي بلند سطح تي بھ رڪارڊ ٿي آهي، پر ملڪ جي سياسي قيادت ان تڪرار ۾ مصروف آهي تھ هڪٻئي کي ناهي ڇڏڻو، جيڪي اصل ۾ ڪنهن خبر جي اندروني ڪهاڻي جيان هڪٻئي کي پيغام ڏئي رهيا آهن تھ، عوام کي ناهي ڇڏڻو، تنهنڪري ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ باقي سڀ ڊرامي بازي آهي، جيڪا جاري رهندي ۽ ايستائين اهو سڀ ٿيندو، جيسين عوامي ڪاوڙ نٿي اڀري.
پاڪستان جي اشرافيا، جنهن وٽ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ، پي ٽي آئي، جماعت اسلامي، جي يو آئي، باپ، ايم ڪيو ايم يا ٻين پارٽين جي شڪل ۾ هڪ نيٽ ورڪ موجود رهيو آهي، انهن جي ترجيحن ۾ ڪڏهن بھ، عام ماڻهو جي بحالي نھ رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هتي عام رواجي طور اهي شيون عام ماڻهو جي پهچ کان گهڻو مٿي هليون وينديون آهن، جيڪي زندگي کي باقي رکڻ لا لازمي هونديون آهن، مثال طور، ڪڻڪ جو اٽو، کنڊ، ڀاڄيون، دوائون، گيهه، تيل، صابڻ، چانور، وغيرا وغيرا روزانو جي بنياد تي مهانگا ٿي رهيا آهن، هڪ ماڻهو جي آمدني وڌي ڪونھ ٿي، اگهه وڌي ويندا آهن، ۽ جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽجن ٿا تھ ان جو لاڀ عام ماڻهو کي نٿو ملي، ڇاڪاڻ تھ عام دڪاندار، ريڙهي وارو شين جا اگهه ۽ گاڏين وارا وڌايل ڀاڙن کي گهٽائڻ لا تيار ناهن هوندا، مطلب چوڻ جو اهو آهي تھ قانون بااثرن هٿان يرغمال بڻجي ويچارو رڳو پنهنجو پاڻ سان ٿيندڙ اهو تماشو بيٺو ڏسندو آهي، جيڪو قانون، آئين ۽ انصاف جي نالي ۾ برپا ٿيندو آهي، اهو ائين آهي جيئن، عمران خان کي سنگين ڪيسن ۾ ٿوڪ بازار ۾ وڪرو ٿيندڙ شين جي ٻڌي ۾ ٿيندڙ سودن جيان رليف ملي ويندو آهي، پر عام ماڻهو ويچارو ڪنهن کي رڳو چماٽ هڻڻ جي ڏوهه ۾ سالن جا سال جيل حوالي ٿي ويندو آهي، سو سماجي تبديلي جي ٽرننگ پوائينٽ آخر ڪٿي آهي، ڇا ڪمزرو قانون آهي يا ملڪ جو سسٽم ئي اهڙو آهي، تنهنڪري ڏسو، انتظار ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجي ليک کي رڳو مسڪرائي اڪلائي ڇڏجو، ڇوتھ هڪ قول آهي تھ سر بچائڻ سنت آهي…!!