رانديون

افغانستان خلاف سيريز ۾ وڏن رانديگرن جي کوٽ هوندي: هيڊ ڪوچ

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ عبدالرحمان چيو آهي تھ افغانستان خلاف ٽي 20 سيريز ۾ وڏن رانديگرن جي کوٽ کي محسوس ڪنداسين. پي سي بي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو تھ افغانستان جي ٽيم بهترين آهي، انهن سان مقابلا سدائين سخت رهيا آهن، تنهنڪري سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. هن چيو تھ اسان جي ٽيم ۾ کڻي جو وڏا نالا ناهن، پر نوجوان بھ صلاحيتن ۾ گهٽ ڪونهن، تنهنڪري اهي ميچ ۾ ڪو فرق پوڻ نھ ڏيندا، ڇوتھ نوجوانن پي ايس ايل ۽ ڊوميسٽڪ ۾ سٺو پرفارم ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button